وئراڳ ڏانهن لاڙو

 

جن کي دَور دَرد جو، سبق سُور جو پڙهن

فِڪر ڦرَهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن

پنـو سو پڙهن، جنهن ۾ پـَسن پريـن کي

(شاهه)

سائين نيڻو رام جن جي عمر جڏهن 1906ع ۾ اٺ سال ٿي، تڏهن چاچس لکومل کين اسلام ڪوٽ جي پرائمري اسڪول (ميرن جي قلعي جي ملبي تي واقع) ۾ داخل ڪرايو. جيڪو پورڻ ڀارٿي آشرم جي اوڀر طرف آهي. سائين جن اُتي وڏن جي مطابق ٽي درجا سنڌي جا پڙهيا پر جڏهن اسڪول جو رجسٽر ڏٺو ويو ته اُن ۾ لکيل هو ته ٻاراڻو پڙهندڙ هئا، جيڪو پهرئين ڪلاس کان پهرين ٿيندو آهي. جن جو من دنيا ۾ نه لڳي، اهي ڪيئن پڙهن! صرف ٻاراڻو/پڙهڻ جي باوجود سائين نيڻو رام کي شاهه جو رسالو، ڀڳت ڪبير جون ساکيون ۽ ڀڄن، ميران ٻائي جا ڀڄن، ساميءَ جا سلوڪ ۽ بلهي شاهه جا ڪلام چڱي طرح ياد هوندا هئا ۽ اُنهن صوفين جون ڪٿائون ڪندا رهندا هئا. چاچس جڏهن ڏٺو ته نيڻو رام جو من پڙهائي ۾ نه ٿو لڳي ته سارلا ۾ پنهنجي دُڪان تي ڪم ۾ لڳايو ته جيئن سندس پيسن جي ڪري دنياداريءَ ۾ چاهه لڳي وڃي، پر سائين جن کي ته ستسنگ، رام نام ۽ ڏکويلن جي ڪلياڻ ڪرڻ جي من ۾ هئي. سو دُڪان کليل ڇڏي وڃي ستسنگ ٻڌندا هئا ۽ سنتن جي شيوا به ڪندا هئا. دڪان تي ويٺا هوندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪا ڳئون دڪان ۾ رکيل اناج يا ٻئي ڪنهن کاڌي جي شيءِ ۾ منهن وجهندي هئي ته کيس اصل نه هڪليندا هئا. جيڪڏهن ڪو گراهڪ سامان وٺڻ ايندو هو ته رپئي جي شيءِ جا اٺ آنا وٺندا هئا. گهڻن کي ته مُفت ۾ وکر (سامان) ڏيئي ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي ڪيڪڙ گام (راجستان-ڀارت) جي سنت ڪنيرام جا ڪي شيوا ڌاري دڪان تان سامان وٺڻ آيا ته سائينجن اُنهن کي سڀ ضرورت وارو سامان ڏيئي پئسا نه ورتا ته ڪنهن ويٺل گراهڪ وڃي چاچس کي چغلي هنئي. هو دڪان تي آيو ۽ پڇا ڪرڻ کان پوءِ حساب ڪيائين ته حساب برابر نڪتو. گراهڪ پريشان ٿي ويو ۽ خاطري ڪري ٻڌايائين ته ٻئي دفعي اهڙي ڳالهه جو ثبوت به ڏيندس. ٻئي ڀيري ڪي ساڌو آيا ته سائينجن کانئن به پئسا نه ورتا ۽ گهربل سامان ڏيئي ڇڏيائون. چغليخور گراهڪ، جنهن جي گذريل ڀيري ڳالهه ڪوڙي نڪتي هُئي، سو موقعو هٿان نه وڃائيندي وري وڃي چاچس کي روبرو وٺي آيو. چاچس جڏهن پُڇيو ته هنن کي ڇا ڏنو آهي ته سائين جن چيو ته مون ته ڪجهه به نه ڏنو آهي. تڏهن چاچي وري پڇيو ته پوءِ هن ڳوڻ ۽ دٻي ۾ ڇا آهي؟ ڳوڻ ۽ دٻي ۾ اصل ۾ گيهه ۽ ڳڙ پيل هو پر سائينجن چيو ته هن ڳوڻ ۾ ڇيڻا ۽ پاڻي آهي. جڏهن چاچس اُهي کولي ڏٺا ته واقعي منجهن ڇيڻا ۽ پاڻي نظر آيو. سائين نيڻورام جن جي دنيا داري ۾ دل نه هئي سو هڪ ڏينهن دُڪان ڇڏي اسلام ڪوٽ ڏانهن نڪري پيا.

چاچس کي ڪنهن وڃي ٻڌايو ته نيڻورام اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندڙ رستي تي ويندي ڏٺو اٿم. چاچس بروقت گهوڙي تي چڙهي انهيءَ رستي تي پويان نڪري پيو ۽ سمجهيائون ته ٿورو ئي اڳتي ويو هوندو، اجهو ٿو واپس وٺي اچان. پيڇو ڪندي اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندڙ سموري رستي تي کيس نيڻو رام نه مليو. هو پوءِ اسلام ڪوٽ جو دڳ جهلي بيهي رهيو، اهو سوچي ته نيٺ ته نيڻورام هتي پهچندو پر سندس ڪو به پتو نه پيو. آخرڪار نا اميد ٿي گهر پهتو ته ڏٺائين ته سائين نيڻو رام اڳ ۾ ئي گهر ويٺا هئا. ڪجهه ڏينهن رکي سندس چاچو سائينجن کي وري دوڪان تي وٺي ويو. پر سائين جن جو نينهن رام نام سان هو، سو دڪان تي جيئن ويا ته وياڪل من سان رهڻ لڳا.