سيٺ نهالچند

ويا سي وينجهـار، هيرا لال ونڌين جي،

تـنين سندا ويان، سهسين لهـن نه سار،

ڪٽين ڪٽ لهار، هاڻي انهي ڀيڻئين.

سيٺ نهالچند ولد ديوان رامچند پٻاڻي وارا اصل ٺٽي ضلعي جي شهر ٺٽي جا رهاڪو هئا. سندس ڏاڏي جو نالو پٻو مل هو، جنهن پويان پٻاڻي سڏجن ٿا. سندن نُک پوپٽ آهي ۽ ٺٽي واري ايراضي ۾ رهڻ ڪري ئي پير پٺي جا پوڄاري آهن، پوءِ گردش سبب وڏا اُتان لڏي اسلام ڪوٽ کان 18 ڪلوميٽر کن پري مهوُ اکيراج جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا ۽ پوءِ اتان لڏي اسلام ڪوٽ ۾ آيا ۽ سيٺ نهالچند سال 1913 ۾ پيد اٿيو. ديوان رامچند کي هڪڙو ئي پٽ ۽ ٻن ڌيئن جو اولاد ٿيو. ديوان رامچند روينيو کاتي ۾ آفيسر هو ۽ هيڊ منشي (اسسٽنٽ مختيارڪار) جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائون. ديوان رامچند پٻاڻي انتهائي هوشيار ۽ مدبر ماڻهو هو، جنهن آشرم لڳ آکاڙي (ورزش) وارو پاسو قائم ڪرائڻ ۾ لگن سان ڪم ڪيو هو، جنهن ڪري صحت جي لحاظ کان ڪيترن ئي ماڻهن کي لاڀ رسندو رهيو آهي. ديوان رامچند جي نالي کي شهر جا سڄڻ تمام گهڻي عزت ۽ آبرو سان پئي وٺندا رهيا آهن. سندس اڪيلو (واحد) پٽ سيٺ نهالچند تي سندس پيءُ ديوان رامچند جي نالي جو گهڻو اثر رهيو آهي. کڻي سيٺ نهالچند صرف سنڌي تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو پر سندس ذهن هر ڳالهه پرکڻ ۾ انتهائي قابل هوندو هو. انهيءَ گڻ هن کي اعليٰ مقام تي پهچايو. ديوان رامچند جي 1946ع ۾ سرڳواس پڌارجڻ بعد سڀ ڪم ڪار سيٺ نهالچند جي هٿ هيٺ آيا، جتان سندس زندگيءَ ۾ سياست جي شروعات ٿي. هو هوشيار، خانداني ۽ شاهوڪار هئڻ ڪري ۽ 1947 ۾ پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ مهمان نوازيءَ ۽ خدمت ڪرڻ ڪري هن جي پُڇا وڌيڪ ٿيڻ لڳي. 1947 جي جهنڊي جي 14 آگسٽ تي سلامي وقت سيٺ نهالچند جو مان مٿاهون هو ۽ پوءِ يوم آزادي هو هر سال جوش ۽ جذبي سان ملهارائيندو رهيو. جنهن مان سندس وطن عزيز سان حب هيڪاري نمايان نظر اچڻ لڳي، ائين اڳتي قدم وڌائيندي 1952 ۾ سينيٽري ڪاميٽي جو چيئرمين بڻجي ويو ۽ پوءِ 1960ع ۾ پهريون ڀيرو هندن جي ميمبرن جي ووٽن سان گڏ ڪجهه مسلم ميمبرن جي مدد سان يونين ڪائونسل اسلام ڪوٽ جو چيئرمين چونڊجي ويو جيڪو عهدي وارو نالو سنـدس پـيـري تـائين چيئرمين نهالچند نالي قائم رهيو.

سيٺ نهالچند شهر ۾ جيڪي ڀلائي جا ڪم ڪيا، تنهن ۾ مڊل اسڪول 1956ع ۾ قائم ڪرايو. 1962ع ڌاري اسلام ڪوٽ ۾ سندس ڪوششن سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول قائم ٿيو. چيئرميني دوران مٺي، اسلام ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر جي رستي تي جيڪي سوين نِمن جا نمايان وڻ ڏ سجي رهيا آهن، اهو سيٺ نهالچند پنهنجي ايام ڪاري ۾ پوکائي ۽ سندس سنڀال ڪئي. انهي ڪري اسلام ڪوٽ کي ”نمن جو شهر“ پڻ سڏبو رهيو آهي. سيٺ نهالچند وڏو مهمان نواز هو. سڄو ڏينهن سندس اوطاق تي مهمان مير، پير، وڏيرا، چوڌري، رئيس ۽ ڪيئي ٻيا ويٺا رهندا هئا، جنهن جي خدمت لاءِ پنهنجي سر ۽ سندس عملو شيوا ۾ رڌل رهندو هو ۽ پاڻ انهن سان توڙي شهري معزز ماڻهن سان شاهاڻي راند چوپڙ کيڏڻ ۾ مشغول رهندو هو.

1968ع ڌاري اخبار ”همدرد“ جي ايڊيٽوريل واري ڪالم ۾ اسلام ڪوٽ نمن جي شهر جي حوالي سان لکيل هو ته ”اسلام ڪوٽ يا نهال ڪوٽ“. تبصري نواز لکيو هو ته منهنجي خيال ۾ موجوده اسلام ڪوٽ کي نهال ڪوٽ سڏجي ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سيٺ نهالچند جي مشهوري جي منزل تمام مٿاهين هئي.

سيٺ نهالچند وڏي ۾ وڏي دل رکندڙ (بهادر) شخص هو، ڪنهن ڪم ۾ پوئتي پير هٽائڻ وارو ڪونه هو. کيس سياسي سگهه تمام گهڻي حاصل هئي. پير غلام رسول شاهه جيلاني صاحب لاءِ سيٺ نهالچند چوندو هو ته جيلاني صاحب منهنجو مرشد آهي. جيلاني صاحب کيس مريد مڃيندي تمام وڏي عزت ڪندا هئا ۽ ڪيئي ڀيرا سندس اوطاق تي وڏا وڏا آفيسر، منسٽر ننگرپارڪر ويندي ايندي، ايندا پئي رهندا هئا.

موجوده اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه جو پيءُ سيد غلام حيدر شاهه جڏهن سنڌ ۾ منسٽر هئا، تڏهن 1953ع ۾ سيٺ نهالچند جي اوطاق تي آيا هئا. سال 1956ع ۾ موجوده پير صاحب پاڳارو جن پڻ پبلڪ کي درشن ڏيڻ (ديدار ڪرائڻ) واسطي سيٺ نهالچند جي اوطاق تي پڌاريا هئا ۽ نهالچند جي چوڻ تي ديدار ڪرايو هئائين. سال 1956ع ۾ ئي راڻا چندر سنگهه جڏهن ويسٽ پاڪستان اريگيشن کاتي جو ڊپٽي منسٽر هو، تڏهن سيٺ نهالچند جي اوطاق تي آيو هو. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس قد ڪيترو اوچو هو ۽ سندس پهچ ڪيتري اُتاهين منزل تي پهتل هئي. سندس رسائي پير صاحب جيلاني ڪري ۽ آفيسرن سان واسطو هئڻ ڪري وزيراعظم پاڪستان ۽ صدر پاڪستان تائين هئي. انهيءَ کانسواءِ مختلف ملڪن مان جيڪي ماڻهو ٿر ايندا هئا، اُهي ملي پوءِ ويندا هئا ۽ هن کي ”انسائيڪلوپيڊيا آف ٿر“ جو لقب ڏنو. 1976ع ۾ اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي ٿيڻ ڪري 1977ع ۾ يڪراءِ ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو ۽ پوءِ 1983ع ۾ پڻ اڪثريت راءِ سان چونڊجي ويو ۽ 1987ع ۾ سندس پوٽي موهن لال راجا جي حوالي چيئرمين شپ ڪري پاڻ مٿئين سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين، جيڪو پيشو پڇاڙي تائين قائم رهيو. سن 1971ع ۾ سندس ڪردار نمايان هو، جنگ جي متاثرين جي نهالچند طرفان ڏاڍي مدد ڪئي ويئي. شهرين ۽ سيٺ نهالچند 15 سيپٽمبر 1973ع جي ستگرو سنت شرومڻي نيڻو رام جي امر پد پائڻ کانپوءِ باقائدگيءَ سان آشرم جو ڪم سنڀالي ورتائون ۽ شيوا جا ڪم شروع ڪري ڏنائون جنهن ۾ سنت جو ساليانو ميلو لڳائڻ به شامل آحي. هونئن سيٺ نهالچند کي گهٽ فرصت هئڻ ڪري سنت جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن حاضري ڀريندا هئا پر سنت جي ديو لوڪ ٿيڻ بعد باقائدگي سان اچڻ لڳا. سندس ايام ڪاري ۾ موجوده غريب ليڊيز کي ماني کارائڻ وارو هال ”ڀنڊارو“ جي صورت ۾ ٺهرايو ويو. ڀڳت ڀوڄراج جي هال جي اندرئين پاسي وارو ڀوڄن هال، ڀنڊاري وارا ٻه ڪمرا کوهه جي ڀر وارا ڪمرا گئوماتا لاءِ چارو رکڻ وارو ڪمرو، گئو ماتا لاءِ واڙو، آشرم سڄي کي چار ديواري ڏيارڻ پڻ سيٺ نهالچند جي شيوا ۾ شامل آهي. نواس آسٿان پڻ سيٺ نهالچند جي ايام ڪاري ۾ سندس نظر هيٺ ٺهيو. آخر ۾ سال 1994ع ۾ سنت نيڻو رام جي سماڌي واري ڏهري پڻ سيٺ نهالچند شهري سڄڻن جي سهائتا سان ٺهرائي راس ڪرائي جيڪو سندس نمايان شيوا جو ڪارنامو هو. ٻيا ڇوٽا موٽا ڪم آشرم ۾ ڪرائيندو رهيو. سنت جن جي ميلي مچائڻ ۾ سيٺ نهالچند جو نمايان هٿ هو. شهر جا اڪثر واپاري سندس هٿ هيٺ هئا ۽ چڱا مڙس پڻ سندس چوڻ هيٺ هئا، انهي ڪري پوج هندو پنچائت جو پريزيڊنٽ پڻ سڏبو هو. ڪنهن به مسئلي ۾ پوئتي پوڻ بجاءِ اڳيان اچي انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ جي سگهه کيس ڏات طور مليل هئي ۽ ائين سيٺ نهالچند شيوا جا ڪم ڪندي ڀلائي جا پيرا ڀريندي تاريخ 18 نومبر 1997ع تي سنت نيڻو رام جي نگري اسلامڪوٽ ۾ پنهنجي پرڀو کي پيارو ٿي ويو.