ٻارن ۾ ڀڳوان
هڪ پريمي ٻڌائي پيو ته سائين جن جي حياتيءَ جي وقت ۾ اسين ننڍا هوندا هئاسين. اسڪول مان ڀڄي يا پاڻي پيئڻ جي موڪل وٺي آشرم ۾ پاڻي پي، سائين جن کان پرساد وٺي، خرچي وٺندا هئاسين. هر روز تقريبن 50-60 ٻار ايندا هئا ۽ سائين جن سڀني کي پرساد ۽ خرچي ڏيندا هئا. ان وقت ۾ جڏهن ته گهران 10-5 پئسا خرچي ملندي هئي. تڏهن سائين سدائين هر ٻار کي 50-25 پئسا خرچي ڏيندا هئا. سائين جن جڏهن شهر ۾ نڪرندا هئا ته به ٻارن کي خرچي ڏيندا هئا. اُن پريمي جي چوڻ مطابق، سائين سدائين خرچي ڏيندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن چوند اهئا ته اڄ نه آهن، سڀاڻي وٺجو. پر اسان نڀاڳا، خرچي جا بُکيا، بي عقل ٻاروتڻي ۾ پٿر کڻي چوند اهئاسين ته ڏاڏا خرچي ڏيو ٿا يا هڻون پٿر. سائين چوندو هو: ”نه پٽ توهان ڪرشن ڪنعيي جو روپ آهيو، توهان ڪاوڙ نه ڪريو، اچو هي وٺو خرچي!“ اڄڪلهه دنيا وارا جڏهن پٿر جي بدلي پٿر ٿا ڏيکارين، ڪاوڙ ڪرڻ تي مائٽ ٻارن کي ٿا مارين، پر، اهي سنت مهاتما ئي آهن جيڪي پٿر جي بدلي پئسا ٿا ڏين.