رهڻي ڪهڻي

نيڻو تنهنجو نانءُ ننڍي وڏي جي وات ۾،
گيان پرايو گُرو کان ڪيڪڙيو ڪنيرام،
پُٺا اگهاڙا، پيرين اُڀراڻو، رهين گودڙيو مستان،
راتيون جاڳي جپيو نرنجن جو نام،
ڪڏهن ڪين کاڌا تو سٺا ۽ سوادي طعام،
تـڏهن سانوريئي گهنشـام مان وڌايـو ايترو.

سائين نيڻو رام هڪ صوفي فقير هئا، هڪ پورن يوگي هئا، ڀڳت چئجي ته ڀڳت به هئا. سائين هن دوکن ڀري دنيا کان ڪافي پري هئا. هُو هڪ الڳ قسم جا سنت هئا.

پاڻ سياري توڙي اونهاري ۾ سدائين هڪ لنگوٽي پائيندا هئا، هٿ ۾ ڊگهي بانس جي لٺ هوندي هئن. پيرن ۾ ڪاٺ جون چاکڙيون به هونديون هيون، سو به جڏهن ڪنهن نانگ چڪ پاتو تڏهن ڪنهن جي گهڻو زور ڀرڻ تي پاتائون.

سائين نيڻو رام وٽ هڪ ڪِشتو رکيل هوندو هو، جيڪي به کيس کائڻ لاءِ ملندو هو، اُهو ٽُڪر ٽُڪر ڪري اُن ۾ وجهي، پوءِ مٿان پاڻي وجهي، آڱر سان ملائي، سڄو رٻڙي وانگر ڪري، اُن ۾ مٿان ڳاڙهن مرچن جو ٻُڪ وجهي پاڻي وانگر پي ڇڏيندا هئا، پوءِ ڀلي اُها مٺائي ڇو نه هجي، اُها به اهڙي ئي نموني ملائي پي ڇڏيندا هئا ته جيئن ڪوبه سواد نه اچي ۽ سواد لاءِ خواهش به نه رهي.

سائين نيڻو رام ڪڏهن به اشنان نه ڪيائون پوءِ به بدن ۾ گلاب جي خوشبوءِ ايندي هئي. سائين نيڻو رام پنج اشناني ڪندا هئا. هڪ ڀيري ڀڳت ڀوڄراج، سنت نيڻو رام کي اشنان ڪرڻ لاءِ چيو ته سائين نيڻو رام وراڻيو هو ته هڪ ڀيري ڪبير پنهنجا پير پئي ڌوتا ته ڪبير کي سندس گروءَ چيو ته ”ڪَبير، پير اگهاڻا آهن ڇا؟“ سو ”اسان کي به پنهنجو جسم اگهاڻو ناهي، جو اشنان ڪريون“. ڀڳت ڀوڄراج لاجواب ٿي ويو.

سائين نيڻو رام ڪڏهن به ننڊ نه ڪندا هئا، بس، ائين ئي ليٽيا پيا هوندا هئا، پر ماڻهو سمجهندا هئا ته سائين جن سمهيا پيا آهن. ڀڳت انوپو ٻُڌائي پيو ته سائين نيڻو رام ليٽيا پيا هوندا هئا پر اسين سمجهندا هئاسين ته سائين جن هاڻ سمهي پيا آهن ۽ اسان ستسنگ بند ڪندا هئاسين ته جيئن سائين جن جي ننڊ نه خراب ٿئي. اُن وقت سائين جن هڪل ڪري چوندا هئا ته ”ائين نه سمجهو ته سُتو پيو آهيان، ستسنگ هلايو“.

ڪرشن لال ساڌو مل ڪلوئي وارو جڏهن اسلام ڪوٽ ۾ پڙهائيندو هو، ته هڪ ڀيري رات جو سائين جن وٽ ڪچهري لاءِ آيو. شيواڌارين چيو ته سائين جن جي ڪن ۾ سُور آهي تنهنڪري سمهيا پيا آهن. اهو ٻُڌي هُو جڏهن واپس ورڻ لڳو ته سائين جن کيس سڏ ڪيو ته ڪرشن لال موٽي آيو ۽ کيس چيائين ته ڀڳت توهان جي ننڊ خراب ڪرڻ نه پئي چاهيم. انهيءَ ڪري واپس هليو ويس. تنهن تي سائين جن چيو ته ڪهڙي ننڊ؟ ڪهڙو ڪن ۾ سور؟ اِهي ڇوريا (ڇوڪرا) مٿو کائن ٿا، تنهنڪري ماٺ ڪري ليٽي پيو هئس. هنن ۾ ڪو ڳالهائڻ لائق آهي ڪونه، جنهن سان ڳالهائجي.

سائين نيڻو رام سموري ڄمار برهمچريه ورت جو پالن ڪيو. مرڻي، پرڻي ۽ ڪنهن ريت رسم ۾ ڪٿي به نه ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته منهنجو ناتو ڪنهن سان به ناهي ڪو به مون سان ناتو نه رکي.

سائين نيڻورام رمتا جـوڳي هئا، گهمندا ڦرندا رهندا هئا، ڪڏهن مٺي ته ڪڏهن ڇاڇري ته ڪـڏهن ڏيـپلي ته ڪڏهـن ننگـرپارڪر ڪڏهن ٻاڙمير ته ڪڏهن ڪيـڪڙ، پورڻ ڀارتي آشـرم وسـائـڻ کـان پوءِ تقريباَ اتي ئي هوندا هئا