سائين جا ميلا ۽ ٽيج ڪٿي ڪٿي ملهائجن ٿا

¬  سنت نيڻو رام کي ديو لوڪ ٿئي ٽيٽيهه سال کن ٿيا آهن، سنت جن 15 سيپٽمبر1973ع برابر 16 بدو ٽيج انڌاري سنبت 2030ع جو ديو لوڪ ٿيا هئا. جنهن جو ساليانو ميلو سنت نيڻو رام آشرم ۾ 16-17 بڊو جو پوڄ هندو پنجائت اسلام ڪوٽ طرفان ٽيج انڌاري کان شروع ٿي ڪل ٻه ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڪمل طور تي هلندو رهندو آهي.

¬  هندستان ۾ هر مهيني ٽيج انڌاري تي گذريل پنجن سالن کان ڏيسا نارٿ گجرات ۾ ستسنگ ٿيندو آهي ۽ اِهو ڏهاڙو ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو اهي. جنهن ۾ گووند رتناڻي ۽ منڊلي پيش پيش هوندي آهي ۽ ڪيشو لال ڪيسراڻي پڻ دلچسپي رکـنـدڙ آهي ۽ ٻين شهري سڄڻن جون شيوائون شامل آهن.

¬  ڏيسا نارٿ گجرات ۾ شري ڪرشن مندر جي لڳ ڌرم شالا سامهون پراڻي پاور هائوس ايراضي ۾ سنت نيڻو رام هال ٺهيل آهي جنهن ۾ ٽيج انڌاري تي ستسنگ ٿيندو آهي ۽ اسلام ڪوٽ وانگيان سنت جو ميلو صرف هڪ ڏينهن چوٿ جي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اِهو ميلو اوائلي دور ۾ سيٺ شيوڪرام ڀاڳچند ويرسياڻي ۽ ايسرداس ڪيسراڻي وارن شروع ڪيو هو. 1996ع ۾ ايسرداس سرڳواس ٻڌارجڻ بعد سندس ڀاءُ ڪيشو لال جون شيوائون شامل ٿي ويو. ۽ 2005 ۾ سيٺ شيوڪرام جي سرڳواس ٿيڻ بعد سندس پٽ لڇمڻداس ۽ شهر جا ٻيا سڄڻ ٽيج ملهائڻ وارا جهڙوڪ گووند راءِ رتناڻي ۽ ٻيا نوجوان ميلي کي مچايو ويٺا آهن.

¬  ڏيسا کانپوءِ هندستان ۾ احمد آباد ٻيو اهڙو هنڌ آهي جتي ڊاڪٽر مکي مهاديو اوڌوداس ۽ مکي جسونت راءِ وارا هر مهيني اونداهي جي ٽيج جو سنت جي نالي ستسنگ ڪرائيندا آهن ۽ اهو ڏهاڙو شرڌا ۽ سچي سڪ سان صحيح طور تي ملهائيندا آهن.

¬  انهي کانسواءِ پنهنجي صوبي سنڌ جي ڪراچي ۾ پڻ هر مهيني سنت جي ٽيج جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان سوامي نارائڻ مندر ۾ ملهائيندا آهن، جنهن جا مک اڳواڻ قيمت راءِ ماڌاڻي، ڊاڪٽر راجا بٽاڻي، مهيش جئراماڻي، ڊاڪٽر گوتم ڪيساڻي، وڪرم سوني، ڊاڪٽر مدن وانڪواڻي ۽ ٻيا ساٿي شامل آهن، جيڪي ٽيج جو ڏهاڙو ملهائي جس جا ڀاڳي ٿيا آهن.

¬  ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد وارا حُبدار پڻ انهي ڏهاڙي کي ڌام ڌوم سان ٻاهران ستسنگي ڀڳت گهُرائي شاندار ستسنگ ڪرائي ملهائيندا رهن ٿا، جنهن ۾ امر وسنداڻي ۽ سندس ساٿي شامل آهن جيڪي جس لهڻن.

¬  حيدرآباد کان پوءِ ماتلي ۾ مجاهدن ٽيج جو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو آهي جنهن جو سهرو آتما رام پرسومل ماڌاڻي ۽ سندس ساٿين جي سر آهي جيڪي ڌنيواد جا حقدار آهن.

¬  ٽنڊو غلام علي وارا انهي ڏس ۾ پڻ پتوڙي رهيا آهن جنهن ۾ موهن لال ويرسي مل ماڌواڻي ۽ سندس ساٿي. سائين هرجي مل ۽ گرڌاري لال ڀارومل پڻ پيش پيش آهن.

¬  ٿورو عرصو ٿيندو جو جهڏي وارن دادا ٽيڪچند ۽ هريرام ڀاڳچند وارن ٽيج جو ڏهاڙو ملهائڻ جو موقعو حاصل ڪيو آهي. ڏاڍي اُڪير سان انهي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن.

انهي نموني سنت جن جو ڏيهاڙو جتي اسلام ڪوٽ وارا آهن، اتي ملهائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ اها اميد آهي ته جتي اسلام ڪوٽ وارا هوندا اتي سڀني هنڌن تي سنت جا  ڏهاڙا ۽ ميلا مچندا رهندا