جنم ڀومي ڏانهن واپسي

 

جڏهن 1935 ڌاري پنهنجي جنم ڀومي اسلام ڪوٽ موٽي آيا ۽ اسلام ڪوٽ ۾ اچي، سنت جن پنهنجي پراڻي گهر ۾ رهڻ لڳا، جيڪو هينئر هيمن داس اوڍو مل لالواڻي وارن جو آهي، اُتي اچي انهيءَ گهر ۾ ڌوڻي دُکائي رهندا هئا. راتين جون راتيون جاڳي تپسيا ڪندا هئا. لوٽو چانهه جو ڀري ڌوڻيءَ تي رکي ڇڏيندا هئا ۽ گرم گرم چانهه لوٽي ۾ ائين پيئندا هئا، جيئن ڪو پاڻي پيو پيئي. ڌوڻيءَ تي تپسيا ڪندي، هري جس ڳائيندي، پنهنجي من جي مستيءَ ۾ مست ٿي پيا، شِوَ ڀولي وانگر ناچ ڪندا هئا. ڏينهن جو ڪمري ۾ ايڪانت ۾ ويهي مالڪ جو ڌيان ڪندا هئا. ڪافي ماڻهن محسوس ڪيو هو ته جنهن ڪمري ۾ نيڻو رام رهندا هئا اُن ۾ ساز پيا وڄندا هئا جڏهن ته اُتي ڪو ساز رکيل نه هوندو هو.

هيمن داس وارن جي گهر جي پوئين پاسي هڪ وڌوا نالي ڪانهان ساڌڻ جي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ست ست ڏينهن بنان ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ جي ويهي رام رٽن ڪندا هئا. ڪڏهن سائين نيڻو رام جن مهراج کينپال (کيمچند شرما) وارن جي گهر ته ڪڏهن وري چونيلال نانڪاڻي وارن جي گهر رهندا هئا ته ڪڏهن وري سرداري مل سوناري جي گهر رهندا هئا. سردارو مل سونارو سنت نيڻورام جو پڪو شرڌالو شش هو. چونيلال نانڪاڻي جي گهر مهاراج سنتوڪ ناٿ (1) اچي رهندا هئا ۽ ڪٿا ڪندا هئا. مهاراج سنتوڪ ناٿ جي ڪٿا ۾ به سنت نيڻو رام جن شامل ٿيندا هئا. مهاراج سنتوڪ ناٿ هڪ پورڻ ودوان ۽ مهاتما هئا ۽ شري رامچندر جي مندر ۾ پڻ ڪٿا ڪندا هئا، جنهن جو پوڄاري يو پي علائقي جو رهواسي مهاراج شوانند جي هو. سنت نيڻو رام ڪڏهن ڪڏهن اُتي مندر ۾ به ڪٿا ۾ ويهندا هئا.

هڪ ڀيري مهاراج شوانند ۽ سندس سُپتر اؤنڪار جڏهن پنهنجي وطن ويا هئا ته پويان مندر جي سار سنڀال جو ڪم سنت نيڻو رام جي حوالي ڪري ويا. سنت نيڻو رام شري رام چندر جي مندر ۾ روز آرتي ڪندا هئا. ڪافي ماڻهن کان اِهو ٻُڌو ويو آهي ته سائين نيڻو رام جن هڪ پير تي بيهي آرتيءَ ڪندا هئا. ۽ آرتيءَ سان گڏ گهنڊ به وڄائيندا رهندا هئا. جيستائين مهاراج شوانند، مهيني کن ۾ واپس پنهنجي وطن کان اسلام ڪوٽ موٽي آيا، تيستائين شري رام چندر جي مندر جي شيوا ڪندا رهيا.

سائين نيڻو رام جن جو روزانو صبح جو ڳوٺ ۾ بکيا ڪرڻ جو نيم هوندو هو. اِها بکيا هُو پنهنجي لاءِ نه، پر اُنهن معصوم گگدام جانورن ۽ پکين لاءِ هوندي هئي. پوءِ اٽي مان مانيون پچرائي ۽ داڻا کڻي اچي پورڻ ڀارٿي آشرم ۾ پکين کي ڏيندا هئا. اُن کان اڳ ۾ اَسُر جو اُٿي روزانو آشرم ۾ اچي ٻهاري پائيندا هئا ۽ رستي تان ڪنڊا هٽائي رستو ٺاهيندا ويندا هئا. اتي شام تائين ويهندا هئا ۽ پوءِ ڪجهه لالٽين روشن ڪري مختلف وڻن ۾ ٽنگي هليا ويندا هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ، تقريبن 1940 ڌاري، ڪراچيءَ جي اترئين طرف بلوچستان جي علائقي ۾ واقع هنگلاج تيرٿ ياترا تي روانا ٿيا جتي ڪجهه عرصي رهڻ کان پوءِ موٽي آيا ۽ ڏينهن رات پورڻ ڀارتي آشرم (1) ۾ رهڻ لڳا، جتي اُن زماني ۾ رهڻ ايڏو سولو نه هو، پر سائين جن درويش هئا. اها ڳالهه سنت جن ۾ ڏسي، ٻاوي پورن ڀارتي راضي ٿي کين اُتي رهڻ جي اجازت ڏني. آشرم ۾ ڪوبه ماڻهو کٽ تي سمهي نه سگهندو هو، پر سائين نيڻو رام جن سدائين کٽ تي ويٺا هوندا هئا، جيڪا اڄڪلهه نواس آستان ۾ رکي پئي آهي، اُها کٽ آتم کجورو مل واري جي ماءُ راڻا ٻائي سائين جن کي ڏني هئي. سائين جن جنهن کٽ تي اڳ ۾ سمهندا هئا، اُن ۾ ڏاڍا مُنگهڻ هوندا هئا، پر سائين جن تي انهن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو هو. راڻا ٻائي جنهن کي سائين نيڻو رام جن ”املي“ (2) ڪري ڪوٺيندا هئا، سائين کي کٽ مٽائڻ لاءِ جڏهن گهڻو چيو تڏهن مَس سائين جن کانئس کٽ وٺڻ قبول ڪئي ۽ موٽ ۾ پنهنجي کٽ کيس ڏني جو سنت جن کي ڪنهنجو ٿورو کڻڻ قبول نه هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو آشرم ۾ کٽ تي سمهندو هو ته سندس رات ڏاڍي ڏکي گذرندي هئي. هڪ دفعي ڪنهن شيواڌاري کٽ تي سمهڻ جو ضد ڪيو. سائين نيڻورام منع ڪئي پر هن نه مڃيو، جڏهن هُو رات جو ڇڄاري(1) ۾ کٽ تي سمهيو ته کٽ اُٿلي پئي. شيواڌاري هيٺ ۽ کٽ سندس مٿي. شيواڌاري رڙيون ڪرڻ لڳو ته وڏي اڇي ڏاڙهي وارو همراهه مونکي ماري ٿو، ڇڏايو. ٻيا شيواڌاري مِڙي آيا ۽ اچي ڏسن ته کٽ واقعي اونڌي ٿي پئي آهي پر مارڻ وارو ڪوبه نه هو. سو سڀ سمجهي ويا ته اُهو پورڻ ڀارتي ٻاوي جي آتما هوندي.

اُن زماني ۾ اُتي آشرم جي ڀرسان آريه سماج وارن آکاڙو ٺاهيو هو، جتي هُو روزانو ڪٿا ڪندا هئا. سائين نيڻورام به اُن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. جيڪڏهن ٿوري دير ٿيندي هئي ته پوءِ پريان ئي چوندا هئا ته ”ٺڳي نه ڪجو، ڪٿا شروع نه ڪجو.“