خوشامدين کان خفا
سائين نيڻو رام جن سادگي پسند هوندا هئا. دنيوي ڏيکاءُ کان پري هوندا هئا. ڪو جيڪڏهن تعريف بيان ڪندو هو ته کيس روڪي ڇڏيندا هئا. پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ به پسند نه ڪندا هئا ۽ ڳجهه ۾ رهڻ چاهيندا هئا.
هڪ ڀيري ننگر پارڪر جو ڪو پريمي سائين جن وٽ آيو ۽ کيس ارداس ڪيائين ته سائين ڳوٺ هلي، اسان جي گهر ستنگ ڪريو. سائين جن وراڻيو ته ڀڳت سڀ هنڌ موجود آهن. اُتي ئي ڪنهن کان ستسنگ ڪرائي وٺو. پريمي زور ڪيو پر سائين نيڻو رام جن چيس ته هينئر نه وري ٻئي ڪنهن ڀيري. پريمي واپس وري ڳوٺ هليو ويو. هو ٻئي ڀيري وري آيو ۽ سائين جن سان ساڳي ڳالهه ڪيائين ۽ چيائين ٻين ڀگتن کي ڇڏيو. توهان هلي ستسنگ ڪريو، تنهن تي سائين جن هلڻ جي هاڪار ڪئي. ان ڏينهن ننگر پارڪر ڏانهن ويندڙ گاڏي جو وارو ڪو نه هو تنهن ڪري هو خاص ڪيڪڙو (لاريءَ) ڀاڙي تي ٻڌي وٺي آيو. پر سائين جن ڪيڪڙي ۾ هلڻ جي بدران چيو ته تون هلي پُهچ آئون پويان اچان ٿو. پريمي گهڻو ئي اسرار ڪيو ته سائين گاڏي ۾ هلئون، ڀڳت صاحب وري چيو ته پهرين تون هل آئون پاڻهي پهچان ٿو. پريمي نا اُميد ٿي موٽي ويو ۽ سمجهيائين ته سائين جن جي هلڻ جو ارادو ناهي، ائين ئي پيو ٺڳي. پريمي مايوس ٿي اُنهي ڏينهن گهر پهتو ته اچي ڏسي ته سائين نيڻو رام اڳ ۾ ئي اُتي ويٺا هئا. پريمي ڏاڍو خوش ٿيو. سائين جن پڇيو ته ڪٿي آهي تنهنجو ستسنگ؟ پريمي ستسنگ جو انتظام رکيو ۽ رات جو سٺي نموني ستسنگ جي موج متي. ٻئي ڏينهن تي سائين جن واپس ڳوٺ آيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُهو پريمي وري سائين جن وٽ سندن مهما لکي آيو ۽ اچي آشرم ۾ ڳائي ٻڌايائين. هن مهما ڳائي ختم ڪئي ته سائين نيڻو رام ڪاوڙ ۾ کيس اٿاري روانو ڪري ڇڏيو ۽ چيائون ته هاڻي هتي وري نه اچجان. هن پوءِ معافي گهري جان ڇڏائي.
سائين نيڻو رام جن کي ڪو وڏي نالي سان مخاطب ٿيندو هو ته چوندا هئا، ”مون کي نيڻو چئو يا نيڻيو چئو. وڏو نالو منهنجي مالڪ جو، جنهن سڄي دنيا کي اُپايو آهي.“ ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجو وڏو نالو وٺڻ نه ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪي سوالي ايندا هئا انهن کي چوندا هئا ته بابا مان ڪجهه به ناهيان. مون پويان ڇو لڳا آهيو. وڃي مالڪ کان گهرو جيڪو سڀ جو ڏاتار آهي، جيڪو سڀني کي ٿو ڏي. سندس اڳيان وڃي جهول جهلو. ماڻهو چوندا هئا اِهو برابر آهي پر اسان جي توهان ۾ شرڌا آهي.