گـُرو شرڻ
سنت جن تيرٿ ياترا تان موٽندي جڏهن ڪيڪڙ گام (راجستان) جي ويجهو آيا ته ٻين ساڌوئن سان گڏجي سنت ڪنيرام جن جي آشرم ۾ رهيا، جتي سڄي رات ست سنگ هليو. سائين نيڻو رام جي دل ۾ سنت ڪنيرام لاءِ گهڻي شرڌا اُتپن ٿي ۽ کيس پنهنجو گرو ڪيائون. سائين نيڻو رام جن پاڻ ڳالهه ڪندا هئا ته گرو ڪنيرام جو آشرم ڏاڍو رمڻيڪ هوندو هو، جنهن ۾ رڳو نمن جا 99 وڻ هوندا هئا.
سنت نيڻو رام ڪافي سال گُرو ڪنيرام جن جي آشرم ۾ رهيا، جتي شيوا جو يوگدان ڏنائون. سنت نيڻو رام ڪيڪڙ گام ۾ هڪ وڏو تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن ۾ ٻارنهن ئي مهينا برسات جو پاڻي بيٺو هوندو هو.
سائين نيڻو رام جن جڏهن ڪيڪڙ ۾ پنهنجي گرو ڪنيرام جن جي آشرم ۾ سندس شيوا ۾ رهندا هئا ته اُتي هڪ عجيب گهٽنا ٿي. هڪ ڏينهن جڏهن گرو ڪنيرام جن ڪيڏانهن ٻاهر ويل هئا ۽ پويان آشرم جي سنڀال سائين نيڻو رام جي حوالي هئي ته اُتي اُن ڳوٺ جي چڱي مڙس جو، جنهن کي هڪڙو ئي پٽ هو، سو اوچتو گذاري ويو. گهروارن ڏٺو ته پٽ ته هونئن ئي هليو ويو آهي، پوءِ ڇو نه انهيءَ آشرم جي سنتن جو آزمودو وٺجي، سو ڇا ڪيائون جو انهيءَ ٻار جي ديهه کي ماٺ ميٺ ۾ اچي آشرم جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي رکي هليا ويا، اَسُرويلي اُٿي جڏهن سائين نيڻو رام آشرم جي شيوا لاءِ ٻهاري پائڻ لڳا ته کين ڪو پِراڻيءَ چادر اوڍي سُتل نظر آيو. سنت جن سمجهيو ته ڪو ٿڪل ٽٽل ماڻهو آرامي آهي، ويجهو وڃي کيس هڪل ڪري پڇيائون ته بابا ڪير آهين؟ اُٿ پر جڏهن ڪو به جواب نه مليس ته چادر مٿي ڪري ڏسن ته اُهو ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي، سوچيائون ته اها گروجن جي آشرم جي مريادا جي خلاف ڳالهه آهي ۽ جي ڪو مري وڃي! اِنهيءَ آشرم جي بدنامي ٿيندي. الائجي ڪير آهي؟ کيس ڪنهن ۽ ڪٿي ماريو آهي. سرڪاري سطح تي جاچ ٿيندي. پوءِ گُرو جن ۽ مونکي پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو ويندو. اِهي ڳالهيون سوچي سنت نيڻو رام جن کين مليل سڌي کي گُروءَ جن جي غيرحاضري ۾، سندس آگيا کان سواءِ استعمال ڪيو ۽ انهي پراڻيءَ کي، ٻانهن کان جهلي هڪل ڪري چيو ته مٿي اُٿ! اهو پراڻي ڇرڪ ڀري ائين جاڳي پيو جيئن ڪو گهري ننڊ ۾ هجي آرس موڙي. هو اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. اڃان اونداهي هئي ۽ سج ڪو نه اڀريو هو ته هُو پنهنجي گهر وڃي پهتو ته سندس مائٽن کي حيرت ٿي ۽ يقين ٿي ويو ته اها سنت جن جي مهرباني ٿي آهي. اها ڳالهه اُتي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ جهنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي. واڌايون وري ويون. ماڻهن جا حشام سندس گهر ۽ آشرم ۾ گڏ ٿيندا ۽ ايندا ويندا رهيا، اُنهي ڪري آشرم جي ڪم ڪار ۽ شيوا ۾ وگهن پوڻ لڳو. سائين نيڻو رام جن جي مهما وڌي وئي، پر سنت جن پنهنجي شيوا ۾ رڪاوٽ سمجهي، پنهنجي گرو جن جو انتظار ڪرڻ لڳا. ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن گرو جن واپس آيا هنن کي سموري ڳالهه جو پتو اڳيئي پئجي چڪو هو.
ٿي اچي لڪ لڪ مٿي، جنت جي هير
چوطرف منظر عجائب بي نظير
ڏسڻ جي جنهن سان، جن مان ٿين سپنا سُڌير
ٿـــــي به پـــون مُــــردا به زنـــده ســريــر
گرُو جن نيڻورام کي چيو ته تو قدرت جو نيم ٽوڙيو آهي، جيڪو نه ڪرڻ کپي ها. مونکي تنهنجي سِڌين ۽ شڪتي جي پروڙ پئجي ويئي آهي ۽ هاڻي هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون نٿيون رهي سگهن، تنهن ڪري يا ته تون پنهنجو آستان وڃي جُدا ٺاهي وساءِ. يا پوءِ آئون وڃي ٿو ٻئي ڪٿي آستان ٺاهيان. تڏهن سائين نيڻو رام جن چيو ته توهان هتي ئي پنهنجي آشرم ۾ رهو ۽ مونکي آگيا ڏيو ته آئون هلان. اهڙي طرح سائين نيڻو رام پنهنجي گرو جن کان آگيا وٺي ٻاڙميڙ (راجستان) ۾ اچي پنهنجي ڪٽيا ٺاهي ۽ شيوا جا ڪم ڪرڻ لڳا. اها ڳالهه 1930ع کان اڳ جي آهي . ۽ ٻاڙمير ۾ کوهه کوٽايائون ته جابلو علائقو هئڻ ڪري 300 فُٽن تائين کوهه مان پاڻي نه نڪتو. سنت جن 1935ع ڌاري اُهو علائقو ڇڏي واپس اسلام ڪوٽ آيا ۽ اتي شيوا ۽ ڪيرتن جو ڪاريه شروع ڪيائون.