ڀريل ڀنڍاري

سائين نيڻو رام جو عجيب نمونو هوندو هو. ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي ته هيڏو سارو لنگر هلي پيو، پکين کي داڻا ۽ مٺايون کارايون پيون وڃن، جانورن کي چارو ڏنو پيو وڃي، مطلب ته ”ڪيڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ“ ملي پيو. جيڪو جهڙو سوال کڻي اچي پيو، ان جو سوال اوَس پورو پيو ٿئي، جنهن جي جهڙي ضرورت آهي اُها اُن جي پوري پئي ٿئي. خبر ڪانه پوندي هئي ته هيڏي ساري مانڊاڻ لاءِ پئسا ڪٿان ٿا اچن، ڪير آهي جو پيو پورائي ڪري؟ ڪافي ماڻهن سوچيو ۽ حساب لڳايو پر ڪاٿو ڪين پيا ڪري سگهن، سي آخر ۾ ائين چوندا هئا ته ڀنڊارا ڀريا پيا آهن.

پَلي ڪُڇ نهيـن بانـڌتـَي، پَنڇِي اور درويشَ،

جِس نُون تڪَيا رب دا، تِس نون رزق هميشه.

سائين جن رات جو ستسنگ ۾ ويٺا هوندا هئا ته ڀڳتن لاءِ پرساد طور ڏهينڙا ورهايا ويندا هئا ۽ مٿان چانهه پياريندا هئا. رامون مل ٽلو مل مٺائي واري ۽ کير واري کي سنت جن جو چيل هوندو هو ته رات جو جنهن به وقت سندس طرفان ڪوبه شيواڌاري اچي، اُن کي ڏهيتڙا ۽ کير ضرور ڏيڻو آهي. هڪ ڀيري رات جو دير تائين ستسنگ پئي هليو ته سائين جن شيواڌارين کي چيو ته اَبا ڀڳتن لاءِ چانهه تيار ڪريو. شيواڌاري سائين جن کان پئسا گهريا ته پاڻ چيائون ته کير واري کي چئجان ته پئسا سڀاڻي وٺي. تنهن تي شيواڌاري چيو ته سائين اڳي جا 25-30 روپيا رهيل آهن. سائين جن چيو ته چئجانس ته پئسا هينئر ڪونه آهن، سڀاڻي ڏينداسون. بهرحال شيواڌاري ويو ۽ کير وٺي آيو. صبح ٿي ته اُهو شيواڌاري جڏهن صبح جي چانهه لاءِ کير وٺڻ نڪتو ته سائين جن کيس 100 رپين جو ڪڙڪ نوٽ ڪڍي ڏنو. اُن وقت تائين اڃا ڪوبه نه آيو هو، خبر ناهي اُهو ڪڙڪ نوٽ سائين وٽ ڪٿان آيو. اُن زماني ۾ ماڻهو پئسن گهرڻ جي ڊپ کان کانئس پاسو ڏيئي ويندا هئا، ڇو جو 100 رپـيـا وڏي حيثيت رکنـدا هئـا جيڪي ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هونـدي هئي. پوءِ اُهي ڪٿان آيا سا خبر سائين کي ۽ مالڪ کي!

سائين نيڻو رام جن وٽ ڪافي سوالي ايندا هئا ۽ کين چوندا هئا ته سائين اڄ راشن جا پئسا ناهن، ڪجهه پئسا ڏيو ته وڃي ٻارن جي پالنا ڪريون. سائين جن کين چوندا هئا ته گهُر، ڪيترا گهرجن؟ ۽ سوالي جيترا گهرندو هو، سي سائين جن رلي هيٺيان هٿ وجهي ڪڍي ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته تنهنجي نصيب جا ايترا ئي هئا. رلي هيٺان جيڪي ڪجهه هو، اُن جي خبر سنت کي يا مالڪ کي!

هڪ ڀيري شيواڌاري آشرم ۾ ڪاٺين جو لڏو لهرايو ۽ اُن لاءِ سائين نيڻو رام جن کان پئسا گهريا. سائين جن نواس آستان جي ٻاهر اکنڊ ڌُوڻيءَ جي ڀر ۾، واڻ جي کٽ تي، ٺونٺ ويهاڻي تي رکي ويٺا هئا. سو پاڻ وهاڻو اڳيان کان کڻي پاسي کان رکيائون ۽ وهاڻي جي هيٺان هٿ وجهي، جيڪي پئسا کپيا ٿي اُهي ڪڍي کيس ڏنائون. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي تي وهاڻو رکيائون ته وهاڻي هيٺ پئسا ڪٿان آيا؟

سائين نيڻو رام جن جا دروازا سدائين کليا پيا هوندا هئا. پوءِ چاهي ڪو ڪيڏي مهل اچي، ناڪار جي ڪا ڪار نه هوندي هئي. هڪ ڀيري شام جي وقت ڪو غريب ماڻهو سائين جن وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين ڏاڍي بک لڳي آهي. تنهن تي سائين جن چيو ته هينئر منهنجي ڪا زال ويٺي آهي ڇا جو تو لاءِ ماني پچرايان! سوالي ٿورو مايوس ٿي واپس وڃڻ لڳو. کيس ڪهڙي خبر ته سائين جن ڪي مستيءَ ۾ آهن. جلد ئي سائين جن واپس اچڻ لاءِ سڏ ڪيو ته همراهه آيو. سائين جن رلي هيٺان هٿ وجهي ماني ڪڍي ڏني ۽ چيائون ته هي وٺ ماني، منهنجي زال ڏئي ويئي آهي. رلي هيٺيان ماني ڪٿان آئي؟ بس ڪنهن کي خالي ناهي موٽائڻو ته پوءِ ماني ڪيئن به کارائڻي آهي.

اسلام ڪوٽ ۾ صوبدار بجير وٽرنري اسپتال ۾ هڪ ننڍو ملازم هو جنهن جي تڏهن پگهار تمام ٿوري يعني چاليهه روپيا کن ماهوار هئي. هڪ ڏينهن جڏهن سندس ماءُ گذاري ويئي ته غربت سبب وٽس ڪو به پئسو نه هو، سو ساڻس گڏ نوڪري ڪندڙ کيم چند وسنداڻي سان صلاح ڪيائين ته پئسو ته آهي ڪونه، تنهن ڪري وڃي ٿو سنت جن جي در تي صدا هڻان. کيم چند، صوبدار کي همٿايو ته ضرور وڃ. تنهن وقت، سنت جون ڪرامتون عام طور تي ماڻهن جي ڄاڻ هيٺ ڪونه هيون. صوبدار تي سنت جن اڳ ۾ ئي راضي هئا جو صوبدار آشرم ۾ اچي ٽهل ٽڪور وارو ڪم ڪندو رهندو هو ۽ حاضري ڀريندو رهندو هو. دل ٻڌي سنت جن جي شرنن ۾ حاضر ٿيو ۽ نمسڪار ڪري ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ سنت جن صوبدار کان ساهي پٽڻ بعد حال احوال ورتو. صوبدار سموري حقيقت ڪري ٻڌائي سنت پاتل لنگوٽي مان هڪ دٻلي ڪڍي صوبدار جي حوالي ڪندي کين ٻڌايو ته هن ۾ پيسا اٿيئي پر منجهانس سڀ پئسا نه ڪڍجان. ضرورت آهر آڱر سان نوٽ ڪڍي ڪم آڻجان ۽ دٻلي کي ڍڪ ڏيئي سنڀالي رکجان. ايئن صوبدار جي ماءُ واري ڪاج کان پوءِ ڪجهه ڏينهن رکي صوبدار جي زال چيس ته هاڻي ڪارج سِڌ ٿي ويو، دٻلي کولي ڏس پئسا سڀ ڪڍي وٺون. پر کولين ته دٻلي خالي لڳي پيئي آهي. واپس سنت وٽ کڻي ويو. سنت چيس ته کولين نه ها ته سڄي ڄمار پيو کائين ها. هاڻي ڪجهه به نه ٿي سگهندو، وڃ.

سائين جن جي ڪو پنهنجي ڪمائي نه هوندي هئي پر هر مهيني سائين جي نالي سان مني آرڊر (money order) ايندو هو پوءِ ڪير موڪليندو هو سو کيس خبر ناهي ۽ هيڏو سارو خرچو ڪيئن پيو نڪرندو هو سو مٿين ڳالهين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين نيڻو رام جا ڀنڊار ڪيترا ڀريل هئا.