پرم پرمارٿي
پنهنجي حصي مان ڪجهه ٻين جي لاءِ ڪڍڻ، يا ٻين جي ڀلي لاءِ سوچڻ کي پرمارٿ چئبو آهي، پر پنهنجي هستيءَ کي ختم ڪري، پنهنجي ضرورت کي ڇڏي، ٻئي جي ضرورت پـوري ڪـرڻ واري کي پرم پرمارٿي چئبو آهي.
سنـت بَڙَي پرمارٿِي، شِيتَل اُن ڪي اَنگ،
تَپتَ بُجهاوَن اورن ڪي، جو دَي دَي اپنا رنگ.
جيڪي به سنت ۽ مهاتمائون ٿي گذريا آهن، تن مان تقريبن گهڻن کي مالڪ ۽ ڌرم سان ننڍي هوندي کان ئي پريت هوندي آهي، جيڪا گذريل جنم جي ڪرم انوسار ٿيندي آهي، سائين نيڻو رام جن جي اندر ۾ ننڍي هوندي کان ئي پرمارٿ ۽ ڌرم جو انش سمايل هو.
اَپني لِئـي مانگـوُن نهيـن، مانگون اَورَن ڪـي ڪاڄ،
پرمارٿ ڪي ڪارڻـَي، مانگـتـي مـجـهـي آئـي نهـيـن لاج.
سائين جن ۾ پرمارٿ جو جذبو ايترقدر هوندو هو جو جڏهن پنهنجي گرو ڪنيرام صاحب کان موڪل وٺي اسلام ڪوٽ آيا ته هر روز صبح جو ٻه بالٽيون، هڪ بالٽي شهر جي ٻارن ۾ ورهائڻ لاءِ پرساد (ڀُڄيا) ۽ ٻئي بالٽي ۾ سيڌي جي سامگري پاڻ کڻي ويندا هئا. پوءِ جڏهن آشرم ۾ رهڻ لڳا ته هڪ بالٽي پاڻ کڻندا هئا ۽ ٻي ڪنهن شيواڌاري کي ساڻس گڏجي کڻڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. هُو اهو سيڌو ڪڏهن جهامنداس پرسو مل نانڪاڻي جي ماءُ کي پچائڻ لاءِ ڏيندا هئا يا ڪڏهن وري سائين جن جي شيواڌارڻ (راڻي ٻائي) جي ڀيڻ (راڄي ٻائي) کي ڏيند اهئا. مانيون هميشه اِڪي انگ ۾ پچرائيندا هئا. سائين جن جي انهيءَ مان پرماتما جي هڪ هجڻ کي ظاهر ڪرائڻ چاهيندا هئا. مانيون پچرائي پهرين پکين کي کارائيندا هئا آسمان ڏانهن اُڇلائيندا هئا ۽ چوندا هئا: ”اچو سنگتي اچو!“ ته پکي لامارا ڏيئي، ماني ٽڪر جهٽي کڻي ويندا هئا. اُن کان سواءِ سائين شهر جي گهرن مان پکين جي پاڻي پيئڻ جي ڪونڊيءَ لاءِ پائلي (چار آنا) ۽ پاڻيءَ جي دلي لاءِ آڌيو (اَٺ آنا) وٺندا هئا، جنهن مان هر ڪو ٿڌو پاڻي پي آسائش وٺندو هو.
سائين نيڻو رام ڪڏهن ڪڏهن شهر مان هر دوڪان تان هڪ هڪ رپيو وٺڻ لاءِ پاڻ ايندا هئا. کين ايندو ڏسي ڪي بدنصيب دڪان ڇڏي هليا ويندا هئا ته جيئن رپيو ڏيڻ کان بچي وڃن. نيڻو رام کي اُنهن ماڻهن جي روپين جي ڪهڙي ضرورت، جنهن جا پنهنجا ڀنڊار ڀريل هجن. جنهن جي هڪ دٻيءَ مان ماڻهن جا ڪاڄ سِڌ ٿين، ڪهڙي به وقت ڪوبه جيڪي ڪجهه گهري اُن کي اُهو ملي. پر سائين نيڻو رام اسان کي پرمارٿ جي پاسي آڻڻ چاهيندا هئا. ماڻهن جون منوڪامنائون پوريون ٿينديون هيون ته اُهي هزارين رپيا کڻي کيس ڏيڻ ايندا هئا پر سائين نيڻو رام جن کانئن ڪجهه به نه وٺندا هئا. سائين نيڻو رام اسان کان ڪجهه به نه ٿي ورتو پر گهڻو ڪجهه پئي ڏنو. جنهن ڪڏهن فائدي وارو سودو ڪيو ئي نه هجي ته اُن کي گهاٽي ۾ به نفعو نظر ايندو هو.
سنت نيڻو رام جن جانورن جي پاڻي پيئڻ جي لاءِ سيمينٽ جون هوديون ٺهرايون ۽ شهري ماڻهن جي مدد سان رام تلاءُ تيار ڪيائون جنهن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو هو ۽ ڪافي ڏينهن تائين ماڻهو پاڻي پيا ڀريندا هئا. سائين جن پنهنجي هٿن سان پاڻيءَ جا جڳ ڀري ايندڙ ماڻهن جا دلا ڀري ڏيندا هئا. روزانو تقريبن مال جي پاڻي پيئڻ ۽ دلا ڀرڻ لاءِ 50-60 پخالون اينديون هيون. پوءِ ضرورت وڌي وڃڻ تي، سرڳيه سيٺ نهالچند رامچند پٻاڻي آشرم ۾ کوهه کوٽائي ڏنو. هڪ ڀيري پخالن جي نه اچڻ ڪري، مال جي هودين جو پاڻي ختم ٿي ويو ۽ ڍڳيون نراس ٿي پئي موٽيون. شام جو وقت هو کوهه به سڀ بند ٿي چڪا هئا. موهن لال مهاوجي مل ۽ ٻيو ڪو پريمي آشرم آيا پئي ته سائين جن پري کان کين هڪل ڪري چيو ته اندر نه اچجو. هتي مال جي لاءِ پهرين پخالون اينديون پوءِ توهان ايندا. اُنهن وراڻيو ته سائين هاڻي ته کوهه به بند ٿي ويا آهن، ڪٿان اينديون پکالون؟ پر سائين جن چيس ته ڪجهه به ڪريو، ڍڳيون نراش نه موٽڻ گهرجن، تنهن تي پريمي کوهن جي مالڪن ڏانهن ويا ۽ کانئن کوهه هلرائي، پخالون ڀرائي آشرم جون هوديون ڀرايائون، تڏهن سنت جن کي آرام آيو ۽ پريمين کي اچڻ جي اجازت ڏنائون.
هڪ ڀيري ڪا استري صدق وچان ميٿريءَ جا لڏون، نِج گيهه ۾ تيار ڪري برتن ۾ وجهي ڀڳت صاحب جن اڳيان اچي رکيا. سائين نيڻو رام جن، جنهن ڪڏهن ڪو سواد نه ورتو هجي ۽ نه ئي ڪا تمنا رکي هجي، جنهن جو من ۽ اِندريون پنهنجي وس ۾ هجن، اُهي ڇا ڪندا سوادي کاڌن کي!
سائين نيڻو رام اُهي لڏون کڻي پکين کي ڏيڻ لڳا. انهيءَ استري اِهو ڏسي حيران ٿي پڇيو ته ڀڳت صاحب هي توهان ڇا پيا ڪريو؟ مان اهي لڏون توهان لاءِ خاص نج گهر جي گيهه ۾ ٺاهي کڻي آئي آهيان، توهان وري اُهي پکين کي پيا ڏيو! تڏهن سائين جن چيو ته ڏيڪرا (پُٽ) اڄ ته تون هي لڏون کارائين ٿي، پر جيڪڏهن سڀاڻي منهنجو وري لڏوئن تي من ٿيو ته ڪير کارائيندو؟ تنهنڪري مَن کي اهڙو چشڪو چکائڻ ئي نه کپي. اهي لڏون انهن پکين کاڌا ته سمجهه مون کاڌا.
روکا سـوکا کاڪـي ٺنڊا پاني پِي،
ديک پرائي جهوپڙي نه للچا اپنا جِي.
اڄ ڪلهه هرڪو ماڻهو پنهنجي مفاد جو ٿو سوچي، هر ڪو پنهنجي لاءِ سٺو ٿو چاهي، هر ڪو سٺو ٿو کائي، ۽ سٺو ٿو پائي. ڀاءُ کي ڀاءُ جو احساس ناهي، اولاد کي مائٽ جو احساس ناهي، اتي ڪيڏا نه مهان آهن اُهي سنت جيڪي پنهنجو سڀ ڪجهه ٻين کي ارپڻ ٿاڪن.
هڪ ڀيري سيٺ نهالچند سنت جن لاءِ خاص طور ٻه لنگوٽيون (ڌوتيون) ٻاهران گهُرايون ۽ اُهي آشرم ۾ کڻي اچي سائين نيڻورام کي ڏنائون. سائين جن کانئس پڇيو ته ابا هي ڪنهن جي لاءِ آنديون آهن؟ تنهن تي سيٺ نهالچند وراڻيو ته سائين توهان جي لنگوٽي پراڻي ٿي پئي هئي ۽ ڦاٽي به پئي آهي. انهي لاءِ توهان لاءِ کڻي آيو آهيان، تنهن تي سائين نيڻورام جن چيو ته، تون کڻي آيو آهين ته رکي وڃ. سنياسين لاءِ ڇا نوان ڇا پراڻا! ٿوري دير کان پوءِ ڪو ڪولهي آشرم آيو ته سائين جن کانئس پڇيو ته ابا ڦاٽل وڳا پائي ويٺو آهين؟ تنهن تي ڪولهي چيو ته سائين غريب ماڻهو آهيان. راشن جا پئسا مشڪل سان ٿا پورا ٿين، سو ڪپڙن لاءِ ڪٿان آڻيان! سائين جن کيس هڪ لنگوٽي ڏني. همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. ساڳئي طريقي سان ٻي لنگوٽي به ڪنهن ميگهواڙ کي ڏيئي ڇڏيائون.
سائين نيڻو رام پاڻ ته ماني سدائين مرچن سان کائيندا هئا يا وري کاٽيو ماني کانئيندا هئا، پر جڏهن ڪو پريمي، پوءِ چاهي اُهو ڪاٺين وڪڻڻ وارو هجي، پخالي هجي، کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو هجي، ڪو شيواڌاري هجي يا ٻيو ڪوبه آشرم ۾ آيل هجي ته کيس ماني نج گيهه ۾ مهٽي چؤري ڪري کارائيندا هئا ۽ مٿان وري کنڊ وجهي ڏيندا هئا. پخالي، ڪاٺين وارن کي گهرج کان وڌيڪ پئسا ڏيندا ها. ان کان سواءِ کين ٻيڙين جي جهوڙي (1) سان گڏ ماچيس به ڏيندا هئا. ماڻهو عام طرح سودي وٺڻ کان پوءِ ڪوشش جيڪر اها ئي ڪندا آهن ته پئسا گهٽ ڏجن. ڪاٺين جو لڏو لاهڻ کان پوءِ ڪاٺين وارو خريدار کان ماني گهرندو آهي ته اُهي چوندا آهن،”مُئا پئسا به ڏيون ۽ مانيون به کارايون، مٿو خراب ٿيو آهي ڇا؟ پرسنت نيڻو رام جو نمونو نيارو هوندو هو.
اڄڪلهه دنيا ۾ ڪو ماڻهو زمين جو انچ به ٻيءَ ڪنهن کي نه ٿو ڏئي، پاڻي جي بوتل به پئسن کان سواءِ نه ٿي ملي، اُتي اِهي سنت ئي آهن. جيڪي پنهنجو پورو سرير جيوَ جنتو کي ارپڻ ڪري ڇڏيندا آهن. پاڻي ته ننڍي ڳالهه آهي پر پنهنهجو رت چوسائڻ لاءِ به هر وقت تيار هوندا آهن.
سائين نيڻو رام جن آشرم ۾ سدائين هڪ واڻ جي کٽ تي ويٺل هوندا هئا، جنهن ۾ بيحد منگهڻ هوندا هئا، جيڪي رات ڏينهن پيا سائين جن جو رت چوسيندا هئا. ڪافي ڀيرا ڪجهه استرين سائين جن کي چيو ته هي کٽ اُس ۾ رکو ته جيئن منگهڻ مري وڃن يا ڀڄي وڃن، اهي بيڪار ۾ توهان جو رت ٿا چوسين. تنهن تي سائين جن چيو ته هيءُ جسم ائين ئي مٽيءَ جو پتلو آهي، هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اهو جسم منگهڻن جي جياپي لاءِ ڪم اچي ٿو ته اُنهيءَ ۾ ڪو هرج ناهي. مالڪ هنن کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن کي زنده رهڻ لاءِ ڪجهه ته کپي!