آشرم ۾ گنگاجل

هڪ ڀيري سيٺ نهالچند صبح جو سائين جن سان اچي ڳالهه ڪئي ته سائين، مون کي آشرم ۾ پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ کوهه کوٽائڻو آهي، ڪٿي کوٽايان؟ سائين جن چيو ته کوهه ڀلي کوٽاءِ پر اهڙي نموني سان جو کوهه مان پاڻي ڇڪڻ لاءِ گڏهه وارو نه ڇڪين ۽ گگدام جانور کي تڪليف ڏيئي کوهه کوٽائڻ جو ڪو فائدو نه آهي جو اهو ڌرم جو ڪم نه ٿيندو. انهي ڪم لاءِ تون هُرلو لڳائجان. سيٺ نهالچند حامي ڀري. تنهن کان پوءِ سائين جن کوهه کوٽائڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان نشان هڻي ڏنو ۽ چيائون ته ”هن هنڌ تي کوٽائيءَ ڪري گنگاجل ڪڍ.“

هرلو لڳائڻ سان سنت جن جو مقصد اهو احساس ڏيارڻ هو ته جانورن م به ساهه آهي ته جانورن کي مالڪ صرف بار کڻڻ يا ڪنهن جي پيٽ جي باهه بجهائڻ لاءِ نه پيدا ڪيو آهي، قدرت جا رنگ نرالا آهن. کوهه جو پاڻي ايڏو مٺو نڪتو، جنهن جي حد نه آهي. عام طرح ڪيڏو به صاف پاڻي ڇو نه هجي، گهڻي عرصي تائين رکڻ سان خراب ٿي ويندو آهي، اندر پونئرو (جيت) پئجي ويندو آهي، پر گنگا جي، انيل ڪنڊ ۽ آشرم جي کوهه جو پاڻي ڀلي ڪيترن سالن تائين رکي ڇو نه ڇڏجي خراب نه ٿيندو