ڀڳت چاندارام
چاندارام ڀڳت ڏوڏومل ميگهواڙ جو پٽ اسلام ڪوٽ سان واسطو رکندو هو. ننڍي هوندي کان ئي ٻڪريون چاريندو هو. سائين وٽ ايندو رهندو هو، ڇو جو سائين ٻيڙيون وغيره ڏيندا هئا. جڏهن 8 سالن جو هو ته ٻڪريون چاريندي هن ڪو ٻڪري وڃائي ڇڏي. گهر آيو ته پيءُ ڏاڍو ناراض ٿيو ته واڻئي جي ٻڪري وڃائي آهي. هُو توکان ٻڪري گهرندو ڪٿان آڻيندين؟ ٻئي ڏينهن صبح جو ٻڪريون هڪلڻ لاءِ ويو پئي ته پيءُ چيو، اڄ ٻڪري ڳولي هٿ ڪري اچجانءِ. چاندو آشرم جي پويان جهنگ ۾ ٻڪريون هڪلي وري سائين نيڻو رام وٽ اچي روئڻ لڳو ته سائين نيڻو رام سبب پڇيو تڏهن چاندارام پوري ڳالهه ڪري ٻڌائي، تڏهن سائين نيڻو رام چيو ته ڪو مسئلو ناهي تـون هتـي ويـهي رهـو. شام تائين ويٺو هو، سائين چيو هاڻ وڃ، ڪوٽ واري اسڪول جي پرئين پاسي ٻڪريون بيٺيون آهن، وڃي ڪاهه. وڃي ڏسي ته اڳئين ڏينهن جيڪا ٻڪري غائب ٿي هئي اُها به اُتي هئي.
ڀڳت چاندارام ننڍي هوندي سخت بيمار ٿي پيو هو، بچڻ جو ڪو به آسرو نه هو. مائٽ بلڪل نراس ٿي سنتن جي آشرم ۾ ڇڏي ويا. سنتن جي ديا ٿي جو چاندارام آهسته آهسته بلڪل صحتمند ٿي ويو. پوءِ چاندارام سنتن جي شرڻ ۾ رهي سنتن جي شيوا ڪرڻ ئي بهتر سمجهيو. هُن پنهنجي زندگي آشرم ۾ شيوا ڪندي گذاري.
چاندارام آشرم ۾ خوب دل لڳائي شيوا ڪئي ۽ اُنهي شيوا مان سائين جن ڏاڍا خوش هوندا هئا ۽ عام طور تي محسوس ايئن ٿيندو هو ته اڳتي هلي، چاندارم ئي سائين جن جا گادي نشين ٿيندا. پر سنتن جي اندر جي ڪنهن کي خبر نه هوندي آهي. ٻڌو ويو آهي ته سنت، چاندارام جي ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي پيا ۽ انهي ڳالهه جي ڪري چاندارام اُها منزل ماڻي نه سگهيو. سنتن جي ناراضگي جي باوجود چاندارام سنتن جي شيوا ڪندا رهيا ۽ انهي کي راضي ڪرڻ جا وسيلا ڳوليندا رهيا.