ماتا ٽيجان ٻائي
ماتا ٽيجان کيمچند شرما جي ڌرمپتني ۽ مهاراج ڪيشولال، کيمپال موهن لال جي ماتا هئي جنهن کي اسلام ڪوٽ جو هر ٻڍو چاهي ٻار ماتا جي نالي سان پڪاريندا هئا. ماتا ٽيجان جنهن کي سائين نيڻو رام جن جي ڌرم ڀيڻ هئڻ جو درجو حاصل هو ۽ منجهس جيڪي گڻ هئا، تنهن جو ڪٿ ڪرڻ نهايت ئي مشڪل آهي. ماتا گيان جو ساگر هئا، ڌرم، ڪرم ۽ نيمن جا ساکيات سروپ هئا. ايشور کيس ڏات ڏني هئي جو ڪئي بيمار ديسي ڦڪي سان صحتياب ٿيندا هئا.
سائين نيڻو رام اسلام ڪوٽ اچڻ کان پوءِ هنن جي گهر روزانو ڪٿا ڪرڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن سائين نيڻو رام ڪٿا ڪرڻ کان پوءِ ڀڄن ڳائي رهيا هئا. ٽي ڀڄن ڳايا تڏهن ماتا ٽيجان چيو ته ڀايا چوٿون ڀڄن ٻڌايو. تڏهن سائين نيڻو رام ڳائي ٻڌايو، ڀڄن ڳائيندي ڳائيندي سائين مست ٿي ويا. نچڻ ۽ ٽپڻ لڳا. بازار مان هڪ چني وٺي اچي ماتا ٽيجان کي اوڍائي چيائون ته اڄ ڏينهن کان پوءِ تون منهنجي ڌرم جي ڀيڻ آهين ۽ خرچي ڏنائون. پوءِ سائين نيڻو رام لڳاتار 10-12 سال ڀيڻ جي گهر ايندا هئا ۽ اُتي سُرگيه نانڪرام گيانچند ماڌواڻي (مَن موهن گيانيءَ جو پِتا) جيڪو گرو ڪل ڪانگڙي مان پڙهي آيا هئا، ارٿائيندا هئا.
سائين نيڻورام پنهنجي ڌرم جي ڀيڻ تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا. جيڪا به شيءِ ايندي هئي، اُها ڀيڻ کي موڪلي ڏيندا هئا. هڪ دفعي چنديرام نهالچند ماڌواڻي وارن جي گهر جاءِ جو ڪم پئي هليو ته دروازو لڳائڻ جي لاءِ ٺهرايو هئائين ته سائين نيڻو رام چيو ته ابا هي دروازو کپي. سائين نيڻورام کي ڪير منع ڪري. سو هُن ويچاري پنهنجو پاڻ کي وڏڀاڳي سمجهي دروازو ڏنو. سائين نيڻورام وري دروازو ماتا ٽيجان کي ڏيئي ڇڏيو. ٻئي دفعي ڪو پريمي تازو ٺهيل نج گيهه کڻي آيو اُهو به سائين ماتا ٽيجان کي موڪلي ڏنائون. سائين نيڻو رام ڀڳت چاندارام سان گڏ ڪٿي ستسنگ ڪرڻ ويا هئا ته جيڪا ڀيٽا ملي اُهو پوري ماتا ٽيجان کي موڪلي ڏنائون. ايتري قدر جو ڀاڻيجين جو ماميرو به سائين جن پاڻ ڀريو هو. سائين جن کان ڪنهن پڇيو ته هر شيءِ ماتا ٽيجان کي ڇو ٿا موڪلي ڏيو، تڏهن سائين نيڻورام چيو ته ابا اِهو ”ڏيڻا ليڻي جو حساب“ آهي. هينئر هِن جنم ۾ نه چُڪايان ته وري اُن جي لاءِ الڳ جنم وٺڻو پئي.