الهڏنو فقير

ڀڳت هيرالال ويرسي مل بٽاني مطابق الهڏنو فقير (حاجي سائين) هڪ درويش هو. روحاني حساب سان سائين نيڻورام جن کي ويجهو هو. الهڏنو ميرواهه جي زميندار جو پٽ هو. زمين جي ڪم ڪار سانگي اسلام ڪوٽ ايندو رهندو هو. ڪجه وقت جي لاءِ اسلام ڪوٽ رهيل هو ته هن جو چاليهو (چاليهه ڏينهن نه ڪجهه کائڻ، نه پيئڻ) رکيل هو. اُهو پنهنجي من کي مارڻ لاءِ فقير درويش رکندا هئا. اُن ۾ صرف هو هڪ خارڪ روزانو کائيندو هو. هڪ ڀيري آشرم جي ڀر مان پئي گذريو. سائين نيڻو رام ته هر ڪنهن جي اندر جو حال اوري وٺندا هئا سو الهڏني کي سڏ ڪري پڇيائون ته چاليهو ڇا جي لاءِ ٿو ڪڍين؟ تڏهن فقير الهڏنو حيران ٿي ويو ته نه مون ڪنهن سان ڳالهه ڪئي، نه ئي مون ويجهو ڪير آهي، جيڪو هِن کي ٻڌائي، پوءِ هن کي ڪيئن خبر پئي. سو هُن سمجهي ورتو ته هي به ڪو پهتل هستي آهي. ائين ڳالهين ڳالهين ۾ الهڏني جي سائين نيڻو رام سان ياري ٿي ويئي. ياري به اهڙي جو جڏهن ٻيو ڪير نه هوندو هو مطلب رات جي وقت ويندو هو. پاڻ ۾ ويهي راتين جون راتيون ڪچهري ڪندا هئا. ان ۾ سدائين شاهه صاحب جو ذڪر هوندو هو. شاهه صاحب جي شاعري ٻنهي کي چڱي نموني ياد هوندي هئي. بيت تي بيت ٻڌائيندا هئا. ڪڏهن الهڏني جي شعر جي جواب ۾ سائين ڪو بيت ٻُڌائيندا هئا ته الهڏنو چوندو هو ته هي رسالي ۾ ته ناهي؟ تڏهن سائين نيڻو رام چوندا هئا ته ”هتي لطيف سرڪار پاڻ پيو ڳالهائي.“

هڪ دفعي الهڏنو سائين جن وٽ رات جو ڪچهري ڪري رهيو هو، ڪچهري ڪندي اسُر ٿي ويو، نماز جو وقت ٿيو ته سائين نيڻو رام الهڏني کي چيو ته تون پنهنجي نماز پڙهه، مان پنهنجي نماز ٿو پڙهان. الهڏني ڌوڻي جي ڀر ۾ چادر وڇائي نماز پڙهي پئي. نماز جي آخر ۾ ٻنهي پاسي ڪنڌ ڦيريندا آهن. جيئن فقير الهڏني ڪنڌ سائين نيڻورام جي کٽ واري پاسي ورايو ته ڇا ڏسي ته سائين نيڻو رام ته کٽ تي ويٺا آهن پر سائين جو سر (مٿو) نظر نه آيو. الهڏنو پريشان ٿي ويو. سو اُن نماز ٿوري وڌائي. جيئن فارغ ٿيو ته ڏسي ته سائين جن کلن پيا.

هڪ دفعي فقير الهڏنو ميرواه ۾ پنهنجي گهر ۾ رات جو ستو پيو هو ته اندر ۾ سائين نيڻورام جو هڪ سڏ ٿيو. هي خواب سمجهي وري سمهي رهيو پر وري ٻيو سڏ ٿيو. هن ڪوبه غور نه ڪيو. ٽيون سڏ ٿيو ته هن اندازو لڳايو. واقعي ڪو ڳالهه آهي جو بار بار سڏ پيا ٿين. سو فقير الهڏنو صبح جو گهوڙي تي اٿي نڪتو. شام جو اچي اسلام ڪوٽ پهتو ته ڪنهن پريمي گهوڙو هڪ پاسي بيهاريو، فقير کي سائين وٽ وٺي ويو. اُهو شايد بڊي جي اونداهي ٻيج هئي. سو سائين وٽ ويهي شاهه صاحب جي ڪچهري ڪيائون ۽ سائين جن سان آخري موڪلاڻي ڪيائون.

الهڏنو فقير به هڪ درويش هو. علم جو ڄاڻو هو. جيڪو به ڪو مسئلو کڻي ايندو هو ته اُن کي آشرم جو ڏس ڏيندا هئا ته وڃي ڌوڻي جي خاڪ کاءَ، وڃي چرڻا امرت (ڪارا مرچ) کاءِ، يا چوندا هئا ته جنهن ڄار جي هيٺيان سائين نيڻو رام ويهندا هئا، اُن جو پن وڃي کاءُ، ڪنهن کي ڪن ۾ سور ٿيندو هو ته چوندا هئا ته سائين جي کٽ جي ڀر ۾ ٻاريل ڏيئي مان تيل کڻي ڪن ۾ وجهجان. يا وري ڪنهن کي چوندا هئا ته کٽ جي ڀر ۾ پاڻي رکي ڪلاڪ کان پوءِ کڻي وڃي پيئجو. ايتريقدر جو ڪڏهن ڪنهن فقير چيو ته سائين ٻڪرين ۾ بيماري ٿي پئي آهي ڇا ڪريون؟ الهڏني چيو ته آشرم جي چوڌاري چڪر ڏياري اچو. انهن ائين ئي ڪيو ته بيماري ڇٽي ويئي. جنهن کي ڏس ڏنائون. انهن جا مسئلا حل ٿيا.

فقير الهڏنو چوندو هو ته توهان جي ڀڳوان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو آهي ته اُهو آهي نيڻو رام. فقير ئي فقيرن کي سڃاڻن، انهن کي سڃاڻڻ هڪ ساڌارڻ منش جي وس جي ڳالهه ناهي.