من کي ماريو
جي ڀانئين جوڳي ٿيان من پوري منجهه مار
دائـم دونهـيـن دل ۾ مـن سيــن مالهـا وار
سهه سـڀ ڪـار آگـي جـي ادب سيـن
سائين نيڻو رام جن چوندا هئا ته من لوڀي آهي، من لالچي آهي، من مارائيندو. تَن کي تپايو ته مَن مري. سو سائين نيڻو رام جن جو جيڪڏهن ڪنهن شيءِ تي من ٿيندو هو ته تن کي اهڙو دُکي ڪندا هئا جيئن مَن وري ڪڏهن به اهڙي ڪا خواهش نه ڪري. هڪ ڀيري سائين نيڻو رام جن شهر جي بازار مان پئي گذريا ته مٺائي واري جي دُڪان تي گرم جليبيون تيار ٿي رهيون هيون، جنهن جي خوشبوءَ سائين جن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. مَن ۾ آيس ته ڇو نه اڄ جليبي کائجي. من ڀلي ڪيڏو به چنچل ڇو نه هجي پر منش کان ڪيڏانهن ويندو. سائين نيڻو رام من کي قابو ڪري گاريون ڏيندا ۽ پاڻ سان مخاطب ٿيندا ”من، تون جليبي ٿو کائين! هل ته توکي جليبي کارايان.“ اڳتي هليا ويا. سائين نيڻو رام آشرم ۾ اچي ٻاجهريءَ جي ماني پچرائي، ۽ اُن ۾ مانيءَ جيترا مرچ وڌائون. مرچ اڳي به وجهندا هئا، پر هن ڀيري مرچ وڌيڪ مقدار ۾ هئا. جيئن جيئن گرهه ڀريندا ويا تيئن تيئن چوندا ويا ”جليبي ٿو کائين! کاءُ جليبي کاءُ!“ جڏهن سندس من مٺائي گهري ته مرچن جي ڪوڙاڻ کائي، تن کي تڪليف ڏيئي پاڻ کي خبردار ٿي ڪيائون ته متان ٻيهر ڪڏهن جليبي گهرين.
هڪ ڀيري سائين نيڻو رام جن ڪنهن پريميءَ جي گهر ويا، ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ چيائون ته اڄ منهنجو من کيرڻي تي ٿيو آهي. تو وٽ ڍڳيون جام آهن. مون کي کيرڻي کاراءِ. پريمي چيو ته سائين جن جو حڪم ٿئي ته کيرڻيون کوڙ. ائين چئي هو 2-3 ٿالهه گرم کيرڻي جا تيار ڪرائي کڻي آيو. جيئن ته کيرڻي گرم هئي تنهنڪري پريمي ٿڌي ڪـرڻ لاءِ رکـي وڃـڻـي کڻـڻ لاءِ گهـر انــدر ويـو ته اُن کان اڳ جو هو موٽي سائين جن گرم گرم کيرڻي پيءَ ويا. پريمي پڇيس ته سائين، کيرڻي ڪيڏانهن ويئي ته سائين جن فرمايو: ”مَن گهُري کيرڻي، ته ماري نه ڇڏيان!“
سائين نيڻو رام جن سياري ۾ به جڏهن سيءَ تمام گهڻا پوندا هئا ته رَلي پاڻيءَ ۾ پُسائي جسم تي ويڙهي ويٺا هوندا هئا. سائين جن هونئن ته ساري عمر هڪ لنگوٽي (ڌوتي) ۾ گذاري، پر پڇاڙي وارا ٽي سال صدري پاتائون، جيڪا رلي جهڙي ٿلهي هوندي هئي. اُها صدري پاڻ گرميءَ ۾ به پائي ويٺا هوندا هئا ۽ کين ڪو فرق ڪونه پوندو هو.
سائين پنهنجي يوڳ ٻل ۽ پرمارٿي جي ڪري ايڏا ته مضٻوط هئا جو مٿن مانسڪ توڙي شاريرڪ لحاظ کان ڪو اثر نه ٿيندو هو. بلا چڪ پاتو ۽ رت به پئي وهيو پر سائين جن کي خبر نه پئي. ڪنڊن لڳڻ ڪري پير رتو رت ٿي ويا هئس، پر اوڏي ڌيان به نٿي ويس شرير هوندي به شرير کان رهت هئا. هڪ ڀيري آشرم جي واڙ ۾ بيهي تپسيا پئي ڪيائون. آشرم ۾ ڪو به موجود نه هو، لڇمڻ داس ڪيسراڻي (1) بازار ويل هو، جيئن آشرم ۾ آيو ته ڏٺائين ته دروازي ڀرسان ڪنڊائين واڙ مٿان سائين هڪ ڀيانڪ روپ ۾ بيٺا هئا. لڇمڻ داس کي اچي ڊپ ورتو ۽ اُتي بيهي نه سگهيو سو ڪنهن ٻئي کي وٺڻ لاءِ اندر ويو. پر اُتي ڪوبه موجود نه هو. وري جيئن واپس واڙ ڏانهن وريو ته ايتري ۾ سائين پاڻ به پهچي ويا. اهو عجب لقاءُ ڏسي لڇمڻ داس سوچ ۾ پئجي ويو. اها ڳالهه گڻيس مل اُمرومل رامچنداڻي ٻُڌائي.