گرو ڪنيرام صاحب

سنت شرومڻي نيڻورام جي گرو جو نالو ڪنيرام صاحب هو. ڪنيرام صاحب ذات جکڙ، جاٽ قوم جا هئا سندس گرو جو نالو ارجن داس هو جيڪو پڻ جاٽ قوم سان واسطو رکندڙ هو. جيڪي پاڻ جوڌپور راجستان جي ويجهو بونو ڪاباس ڳوٺ مارواڙ جا هئا سنت ڪنيرام صاحب راجستان جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڪيڪڙ ۾ آشرم شيوا ڀاؤ جا ڪاريه ڪندا هئا جتي سندس نالي ڪنيرام آشرم ٺهيل آهي جيڪو هاڻي ڪنيرام مندر جي نالي سڏجي ٿو. ايڪڙ ڏيڍ ايراضي تي قائم آهي. ڪيڪڙ ڳوٺ نيو ڏيسا گجرات کان ٻاڙميڙ راجستان رستي جي اڌ پنڌ تي ڳوٺ ڌوريمنو اچي ٿو اهو ڳوٺ ڪيڪڙ ڌوريمنو ڳوٺ کان اولهه طرف 30 ڪلوميٽر پنڌ تي قائم آهي. سنت ڪنيرام جي مهما انهي ايراضي ۾ تمام مٿي آهي جيئن سنت نيڻو رام صاحب جن جي مشهوري آهي. تيئن سنت ڪنيرام صاحب جو نالو پڻ انهي ايراضي ۾ انتهائي مشهور آهي. سنت نيڻورام صاحب جي ڪاڪي لکو رام جو دڪان ڳوٺ سارلا راجستان ۾ هو جتي سنت نيڻو رام کي دڪان تي ويهاريو ويو هو ڳوٺ سارلا ڪيڪڙ ڳوٺ جي ويجهو هئڻ ڪري سنت ڪنيرام جو سارلا ڳوٺ ۾ اچڻ پيو ٿيندو هو جتي سنت نيڻو رام صاحب جن کي گرو ڪنيرام جو درشن ٿيو پوءِ تيرٿ ياترا کان پوءِ نيڻو رام صاحب گرو ڪنيرام صاحب جي شرنن ۾ 15 کن سال ڪيڪڙ ڳوٺ سنت ڪنيرام جي آشرم ۾ شيوا ڪئي جتان گرو سنت ڪنيرام صاحب کان حاصل ڪيل ڪيترين ئي سڌين جا صاحب بڻجي ويا. گرو سنت ڪنيرام صاحب انهي آشرم ۾ ڏينهن جا ڏينهن ايڪانت ۾ ويهي رام سمرڻ جو جاپ ڪندا رهندا هئا جنهن ڪري تمام گهڻي مشهوري ماڻيائون ۽ انهي ايراضي جا ماڻهو سنت ڪنيرام صاحب کي تمام گهڻو مڃين ٿا ۽ ماڻهن جي سٺي شرڌا آهي. سنت ڪنيرام صاحب ٻه ڀيرا 1940ع جي لڳ ڀڳ اسلام ڪوٽ ۾ آيا هئا. قد جا ڊگها ۽ سندن ڀُڄائون (ٻانهون) ڊگهيون يعني گوڏن سان پيون لڳنديون هيون جڏهن هتي ايندا هئا ته مهينن جا مهينا سيٺ شيوڪرام ڀاڳڇند ويرسياڻي جي گهر اوطاق ۾ رهندا هئا. سنت نيڻورام صاحب جي گرو صاحب هئڻ ڪري ۽ پاڻ سٺي مورتيءَ هئڻ ڪري شرڌالو ماڻهن جو سلسلو جاري رهندو هو. سنت ڪنيرام صاحب ڪيڪڙ آشرم ۾ شيوا ڀاؤ جا ڪم ڪندي ڄيٺ مهيني جي ڇٺ انڌاري سنبت سال 2013 برابر جون 1950ع ڌاري اهو عارضي چولو ڇڏي وڃي حقيقي مالڪ سان ملي امر پد پاتائون. سندن سماڌي ڳوٺ ڪيڪڙ جي ڪنيرام مندر ۾ مندر جي اوڀر پاسي ٺهيل آهي ۽ انهي جي ڏکڻ طرف سندس شش جانڪي داس جي سماڌي آهي ۽ انهي کان اتر طرف ڪجهه قدمن تي جانڪي داس جي شش انچلارام سوٽهڙ جي سماڌي آهي تنهن کان پوءِ گادي تي جانڪي داس جا شش سنت سکداس ويٺل هئا جيڪو اڃان حياتي آهن پر پيري سبب گادي پنهنجي 22 سالن جي شش ايشور داس ذات جکڙ ڳوٺ بادو لڳ ڪيڪڙ جن کي ڏيئي پاڻ ڳوٺ چالڪنو ۾ سائين سمرڻ ڪري رهيا آهن. موجوده ٽائيم گادي تي سنت ايشورداس 22 سالن جا ويٺل آهن. سنت ڪنيرام صاحب جن جو ميلو ڄيٺ مهيني جي ڇٺ انڌاري تي هڪ ڏينهن لاءِ لڳي ٿو. ميلو ڇٺ انڌاري جو ڀربو آهي رات جو ستسنگ جي موج مچندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سماپت ٿيندو آهي.