نيري رنگ جي ناپسنديدگي

هڪ ڀيري سائين نيڻو رام جن هڪ پريمي شيواڌاري ڪيولرام وانڪواڻي جي گهر ويا. ديوالي ويجهي هئي، تنهن ڪري گهر ۾ رنڱ روغن جو ڪم پئي هليو. اڳي ماڻهو اڇي چُن ۾ گُلي (Blue Powder) ملائي رنگ ڪندا هئا ته جيئن خوبصورتي وڌي، پر جڏهن سائين جن شيواڌاري ڪيول رام جي گهرآيا. ڏٺائون ته بلو رنگ ٿي رهيو هو تڏهن سائين جن چيائون ته رنگ مٽائي، صرف چُن ڪرايو. پريمي هڪدم سڄو رنگ مٽائي ٻيو رنگ ڪرڻ لاءِ مزدورن کي چيو ۽ پوءِ سائين کان سبب پڇيائون ته سائين جن چيو ته ”نيرو رنگ غصي جي نشاني آهي.“

هڪ ڀيري ڀڳت ڀوڄراج جي گهر به اهو ئي رنگ ڪرايو پئي ويو. ڀڳت ڀوڄراج آيو ته رنگ ٿي چڪو هو. ڀڳت کي صحيح ته ڪونه لڳو پر پوءِ به مٽائڻ جو نه چيائين. پوءِ ڇا ٿيو جو گهر ۾ اشانتي وڌي ويئي، گهر جو واتا ورڻ بدلجي ويو. بغير ڪنهن ڳالهه جي بحث شروع ٿي ويندو هو. جڏهن ڀڳت کي ڳالهه سمجهه ۾ ويٺي، تڏهن هُن اهو رنگ مٽرائي ٻيو ڪرايو.

هڪ ڀيري ڀڳت ڪرشن جو پيءَ مکي راڻو مل هندستان ويل هو ڪنهن سبب جي ڪري هو واپس اچي نه سگهيو. تڏهن ٻائي راڻا سائين جن کان ان جو سبب پڇيو، تڏهن سائين جن چيو ته تون گهر ۾ ڪاراس ڪري ويٺي آهين ته هو ڪيئن ايندو؟ جڏهن راڻا ٻائي اهو رنگ مٽائي ٻيو ڪرايو ته راڻومل ڪجهه ڏينهن ۾ موٽي آيو. سائين نيري رنگ جو ڪپڙو پائڻ کان به منع ڪندا هئا.