سائين نند لال ”نندن“

سائين نند لال ”نندن“ تاريخ 12 فيبروري 1922ع جو ڇاڇرو ڳوٺ جي برهمڻ خاندان جي ڪلا ڪُل ۾ جنم ورتو. سندس پتا جو نالو پرڀو لال ڪلا هو. جيڪو تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر هئا. سائين نند لال پرائمري تعليم ڇاڇرو ۾ پرائي ۽ سيڪنڊري تعليم مٺي مان حاصل ڪيائون ۽ بعد ۾ ايم.اي ۽ بي.اي به ڪيائون. پاڻ 1940ع ۾ اسلام ڪوٽ ۾ پرائمري اسڪول ۾ ماستر جا فرض انجام ڏنائون ۽ 1945ع ۾ انگريزي اسڪول ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيا. ائين ترقي ڪندي 1956ع ۾ بيٽ آفيسر ۽ 1962ع ڌاري مڊل اسڪول اسلام ڪوٽ جا هيڊ ماستر ٿي رهيا ۽ انهي ئي دور ۾ سائين نند لال جي ايام ڪاري ۾ هاءِ اسڪول پڻ قائم ٿيو.

سائين نند لال 1944ع ۾ هڪ ماسترياڻي ڪملا ٻائي سان شادي ڪيائون. جيڪا 1945ع ڌاري سرڳواس پڌاري. انهي کانپوءِ مائٽن، دوستن ۽ عزيزن جي زور ڀرڻ تي پڻ سائين ٻي شادي ڪونه ڪئي. پاڻ ڪيترين ئي ٻولين جا ماهر هئا تن ۾ سنڌي، هندي، سنسڪرتي، انگريزي، اُردو، گُجراتي ۽ ٻين ٿري ٻولين جا ماهر هئا. پاڻ هندي ۽ اُردو جا سُٺا شاعر هئا، سندن شعرن جو مجموعو ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڇپيل آهي. سائين تقريبن 150 کان وڌيڪ ڪتابن جا ليکڪ پڻ آهن. جنهن ۾ ڌرمي ۽ نصيحت آموز ڪتاب شامل آهن. اسلام ڪوٽ جي ماڻهن کي ستسنگ ۽ شيوا جي ڪمن ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ سائين نند لال جو وڏو هٿ رهيو آهي.

سائين نند لال نندن کي غريب، مسڪين ماڻهن، محتاجن، دين دکين ۽ پسو پکين لاءِ بي انتها پيار هو ۽ پنهنجو سمورو جيون فلاحي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيائون. جنهن ۾ غريب، مسڪين، محتاج ۽ شاگردن کي اٽو، لٽو، ۽ ايتريقدر جو شاگردن جون فيون به پاڻ ڏيندا هئا. ٿر ۾ سانده ڏڪارن جي باوجود به گگدامن جي چاري ۽ ڏاري جو پراُپڪاري ڪم به سائين جي خدمتن ۾ شامل هو.

سائين نندلال سرندي وارن کان بکن ۽ ڏکن جا ڏولاوا ڏسي اَٽو، چانور، چُنو، ڀُوسو، ڏارو، چارو ۽ ٻيو سامان گاڏيون ڀرائي کڻي اچي غريبن، مسڪينن، محتاجن ۾ ورهائيندا هئا. گئو ماتائن، گگدامن کي ڏارو ڏيندا هئا ۽ چارو چاريندا هئا ۽ پکين کي به صبح شام داڻا ڏيندا هئا.

ڇاڇرو جنم ڀومي هئڻ جي باوجود به اپنايو اسلام ڪوٽ کي هُئائون ۽ سندس نواس تاراچند رامچند وانڪواڻي جو گهر هوندو هو، جتي مسڪين ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا جيڪي هر وقت امداد لاءِ آتا هئا. سائين نند لال ”نندن“ کي غريب، مسڪين ۽ بي سهارا ماڻهن جي سار لهڻ ۽ شيوا ڪرڻ جي ڪري ”ٿر جي ايڌي“ جي نالي سان پڻ پڪاريو ويندو هو. عبدالستار ايڌي سندن فلاحي ڪمن جي حساب سان سهڪار ڪندڙ هو ۽ سدائين سائين کي غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ مال پيو موڪليندو هو. انهي مڃتا طور سال 1987ع ۾ پاڪستان جي صدر جنرل ضياءَالحق، سيٺ خوبچند ڀاٽيا (صدر ڪراچي هندو پنچائت ڪراچي ڊويزن)، عبدالستار ايڌي جي حاضري ۾ هوٽل آواري ٽاور ۾ هڪ رنگارنگي تقريب ۾ اٺ (8) لک روپين جو چيڪ ۽ هڪ ايمبولينس ڏيڻ فرمايائون. سائين نند لال ”نندن“ 12 فيبروري 1982ع تي اسلام ڪوٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان هيڊ ماستري تان رٽائرڊ ڪرڻ فرمايائون ”سائين پنهنجي شاگردن کي الوداعي اکر چوندا هئا، اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا دوست“ سائين جا شاگرد اڄ پڻ اوچن اوچن عهدن تي فائض آهن. سائين نند لال نندن پنهنجي مائٽڻ سان ملڻ لاءِ 1992ع ۾ انڊيا ويا هئا جتي 6 جولاءِ 1992ع تي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا.

 

 

ڪاڪو خوشحال داس