گيان گُرو

سرڳيه شري نانڪرام گيانچند ماڌواڻي

گرو گهڻن قسمن جا ٿيندا آهن؛وچن گرو، ڪن گرو، گيان گرو ۽ ست گرو. جڏهين کان نانڪرام گروڪل کان پڙهي آيا هئا ۽ ٻائي ٽيجان جي گهر گيتا کي ارٿائيندا ۽ شهر واسين جو چوڻ آهي ته هڪ شلوڪ لاءِ رات پوري ٿي ويندي هئي، پر ارٿ ختم نه ٿيندو هو، اتي سنت نيڻو رام جن به ٻڌندا هيا ۽ پنهنجو گيان گرو تسليم ڪيائون ۽ گهر به اچي پاڻ ۾ گيان جون ڳالهيون ڪندا هيا. انهيءَ ڪري سنت نيڻو رام جن سندس اولاد جنهن ۾ هڪ سمجهي ٻائي جيڪا تارا چند جيٺو مل لعلواڻي واري سان پرڻايل هئي ۽ ناتي ۾ نونهن به ٿيندي هئي، ٻي ڪوران، راجن مل کينپارمل وانڪواڻي کي پرڻايل هئي، ٽئين ٻائي گوران جيڪا شيوڪرام سنڪراڻي کي پرڻايل هئي، نياڻين کي ته ٺهيو پر پٽن سترامداس ۽ من موهن گيانيءَ کي به پيرين پوڻ ڪونه ڏيندا هيا، چوندا هيا ته اوهان منهنجي گروءَ جي اولاد آهيو يعني ڀاءُ، سو جيئري ته پيرين پوڻ ڪونه ڏنو پر هاڻي ته سر نوائي اچون ٿا. سرڳيه نانڪرام 1998 ۾ اسلام ڪوٽ ۾ گيان چند جي گهر جنم ورتو ۽ پڙهڻ ۽ ايشور جي لڳن هئڻ ڪري فائينل کان پوءِ مائٽن کان لڪي گروڪل ڪانگڙيءَ ۾ وديا حاصل ڪرڻ لاءِ ويا، واپس اچڻ تي سندس خيال برهمچرين جهڙا هيا پر منگهارا آريه سپروائيزنگ تپيدار جي سمجهائڻ تي شادي ڪيائون، روينيو کاتي ۾ حاضري منشيءَ جي نوڪري ورتائون ۽ ڪافي عرصو سيٺ رامچند پٻاڻي سان گڏ ٿر جي تعلقن ۾ پوسٽنگ هئي، اتي به جيئن مٺيءَ ۾ آنٻو ٻائيءَ جي ٽڪاڻي ۾ ننگر پارڪر جي مندر ۽ ڏيپلو جي مندرن ۾ شام جو ڪٿاڪيرتن ڪندا هيا. 1944 ۾ سرڳواس پڌاريا. ان زماني ۾ سندس ڀائٽي ڏاندو مل مهاوجيه مل ماڌواڻي سنت کان آگيا وٺڻ جي لاءِ ويا ته سندس ڏيهريءَ آشرم ۾ ڪنهن هنڌ تي ٺهرايون، ته سنت نيڻورام جن چند منٽ خاموشيءَ سان هن جي مک ۾ چتائي نهاريندا رهيا، پوءِ اتر (جواب) ڏنائون ته نه. فرمايائون تون چاهين ٿو هن مهان شخصيت منهنجي ”گيان گروءَ“ جي ننڍڙي ڏيهرڪيءَ ٺهي ۽ ماڻهو پوءِ پڇن به نه؟ تون هيئن ڪر هي جيڪو آکاڙي واري پاسي هوَنَ ڪنڊَ وارو اوٽو پيو آهي ان کي کڻي پڪو ڪراءِ جيئن پريمي اچي ٿڪ ڀڃن، (ان پٺيان اها انڇا ته هي هڪ خاڪي جسم هو، جنهن تي جيترا ماڻهو هلندا هن جي مهانتا وڌندي) پر هڪ ٻيءَ ڳالهه ٻڌ ته مٿي نالو نه لکرائج (معنى نالي وارو پٿر نه هڻائج) سو ڏاندومل ٺهرايو ۽ اڄ به قائم آهي پر ڪنهن کي خبر نه آهي ته ڪنهن ٺهرايو؟

هنج مڙئي هنج، ميرو منجهه ناهي ڪو،

جتي رهن سنجهه، سو بسر ڪن سُرهو.

(شاهه)