سائين جا سنگتي
ڪنهن جي سنگت وزير سان، ڪنهن جي جنرل سان ته ڪنهن جي ڪرنل سان، ڪنهن جي ياري وڏيري سان ته ڪنهن جي سيٺ سان. مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن جي سنگت ڪنهن نه ڪنهن سان آهي ئي آهي. ڪوشش ڪري هرڪو ماڻهو سنگت اهڙي ماڻهو سان رکندو آهي جيڪو سڀاڻي ڪم جو به ٿئي ۽ مشڪل ۾ ڪم به اچي. چوندا آهن ته سنگت نالو ئي اُن جو ته آهي. دنيا ۾ اِهو ڪافي قدر گهٽ ڏٺو ويو آهي جو ڪو اهڙي ماڻهو سان سنگت رکي جنهن کي اُن جي ضرورت هجي پر اهي سنت مهاتمائون دنيا کان بلڪل نرالا هوندا آهن. انهن جي سنگت اهڙي هوندي آهي، جنهن جي ڀيٽ ٻيءَ ڪنهن سنگت سان نٿي ڪري سگهجي. درويشن جي سنگت انهن سان هوندي آهي جنهن کي درويشن جي ضرورت هوندي آهي. سائين نيڻو رام جي سنگت بي زبان جانورن ۽ ٻوٽن سان هوندي هئي. سموري زندگي انهن جي پرگهور پيا لهندا هئا. سائين جن جي سنگت ڍڳي، ڪتي، ٻلي، گڏهه، مور، سرڻ، نانگ، ڪانءَ، ڪبوتر، ۽ ٻين جانورن سان هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو اُنهن کي تڪليف ڏيندو هو ته سائين جن کان برداشت نه ٿيندو هو. سڄو ڏينهن پيا پکين کي مٺايون ۽ مانيون کارائيندا هئا، جانورن کي پيا پاڻي پياريندا هئا، چارو کارائيندا هئا ۽ نانگن کي پيا کير پياريندا هئا.
جـات همـاري آتما، پرميشـور پريوار
سڳا همارا سنت هـي، سر پر سرجڻهار
شروع ۾ آشرم کي ڏيوري جي پويان پوکيل ٻيرن جي وڻ تائين واڙ ڏنل هوندي هئي. دروازو به تقريبن اتي ئي هوندو هو. جانورن جي پاڻي پيئڻ جي لاءِ سيمينٽ جون هوديون سائين نيڻو رام جن ٺهرايون هيون، سي به اِتي ئي دروازي جي ويجهو هونديون هيون. سو ڪنهن جاهل الائجي ڇا سوچي ڪجهه عرصو پهرين ڊهرائي ڇڏيون. هڪ رات جو جڏهن چاندارام لوڙهي جو دروازو بند پئي ڪيو ته سائين نيڻو رام کيس منع ڪندي چيو ته دروازو بند نه ڪر، منهنجا سنگتي اچڻا آهن تنهن ڪري چاندارام دروازو کليل ڇڏي ڏنو. ٿوري دير کان پوءِ در تي گڏهه آيا. سائين چيو، ”اچي ويا منهنجا سنگتي! گڏهن پاڻي پي ورتو. گڏهن کي سندن پڇ وٽان پاڃاري ٻڌجڻ ڪري ۽ کوهه واري جي لٺين لڳڻ ڪري زخم ٿيل هئا. اُهي زخم ڏسي سائين جن کي مٿن ڪهل آئي ۽ پنهنجي هٿ سان اُنهن جي زخمن تان هٿ ڦيريندا رهيا. اُنهن بي زبان جانورن کي سڄي ڏينهن مار کائڻ کان پوءِ پيار جي هٿ، اُهو به وري سائين نيڻورام جي صدق ڀري هٿ ڏاڍي راحت پئي بخشي. ٿوري دير کان پوءِ اُهي سنگتي هليا ويا ته چاندارام دروازو بند ڪرڻ لاءِ اٿيو ته کيس سائين جن وري منع ڪندي چيو ته اڃا هڪ سنگتي رهي ٿو. ٿوري دير کان پوءِ اُهو به آيو، سائين اُن تي مهر جو هٿ ڦيري، دکڙا دور ڪري روانو ڪيو، جيڪڏهن ڪنهن گهر جو ڀاتي رات جو ٻاهر ويندو آهي ته پويان سندس انتظار پري جي ڳالهه آهي پر گهر جا ڀاتي دروازو بند ڪري مزي سان سمهي پوندا آهن. جوکين خبر هوندي آهي ته پاڻهي اچي در کڙڪائيندو. اِهي آهن سنت مهاتمائون جنهن جيو کي پنهنجو سنگتي ڪوٺين، جنهن کي هر ڪو ماري انهن جو به انتظار ڪندا آهن.
اڳي ماڻهن ۾ ايڏي لالچ نه هوندي هئي، بس 2 رپيا اٽي جا ڪمائي، دڪان بند ڪري وڃي هري گڻ ڳائيندا هئا. سائين جن جي آشرم ۾ روز رات جو ستسنگ لاءِ ايندڙ هڪ ڀڳت اٽي جا پئسا ڪڍي سوچڻ لڳو ۽ ٻئي ڪنهن ڀڳت کي چيائين ته ڇو نه هلي سائين نيڻو رام جن وٽ ستسنگ ڪجي ۽ کائنس ٽڪيون (ڏئيتڙا) وٺي هلي کائجن. ٻئي ڄڻا دڪان بند ڪري سائين جن وٽ آيا ته سائين ڀليڪار ڪري کين تنبورو ڏنو ۽ چيائون ته هاڻي هري جا گڻ ڳايو. ستسنگ شروع ٿيو. سائين نيڻو رام ٻئي ڪنهن شيوا ڌاري کي 4 رپيا ڏيئي ڪلو ڏئيتڙا وٺي اچڻ لاءِ بازار موڪليو ته ستسنگي دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳا ته رات جي ستسنگ وانگر ٽڪيون ورهائبيون ۽ اسان هينئر بس 2 ڄڻا آهيون، ڍؤ ڪري کائينداسين. ٽڪيون آيون ته سائين جن ماٺ ميٺ ۾ بالٽي ۾ وجهي ڪُتن کي کارائي آيا. ستسنگين سمجهيو ته ٽڪيون اسان لاءِ بچايون هوندائون. ستسنگ سماپت ٿيڻ تي ته سائين جن ڀڳتن کان پڇيو هُو چانهه پيئندا؟ ته ڀڳتن پڇيو ته سائين ٽڪيون رکيون هيون اُهي ڪاڏي ويون. تنهن تي سائين جن چيو ته اُهي ته منهنجا سنگتي کائي ويا. هنن ويچارن جي دل ته ٽڪين تي هئي پر پوءِ چانهه تي گذارو ڪيائون. سنتن ۽ مهاتمائن جي اها مهانتا آهي جو اُهي ههڙن ماڻهن کان وڌيڪ بي زبان ۽ معصوم جانورن کي ترجيع ڏين ٿا.
سنت نيڻو رام جن وٽ هر ڪنهن جيو جنتوءَ جي لاءِ آهار هوندو هو. سائين جن جي ساتوڪي سڀاءُ جي ڪري تامسي گڻن وارا جيوءَ به ساتوڪي سڀاءِءَ سان رهندا هئا تنهن ڪري ساتوڪي کاڌو کائيندا هئا. سائين جن جنهن ڪمري ۾ رهندا هئا جتي هينئر نواس آستان آهي، اتي هڪ ڪچي ڪوٺي ٺهيل هوندي هئي، جنهن ۾ سڄو ڏينهن ٿلها متارا ڪوئا پيا ڊوڙندا هئا. انهن جي کائڻ لاءِ ڪمري ۾ مانين جا ٽُڪر رکيا ويندا هئا جيڪي ڪوئا سڄو ڏينهن ڪمري ۾ کائيندا ۽ ڊوڙندا رهندا هئا. ڪوئن جي ڪري سامان، ڪتاب ۽ کاڌي جو ٻيو سامان بالٽين ۾ رکي ڇت ۾ بالٽيون ٽنگيون وينديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ٻلي آشرم ۾ آئي ڪوئن کي کائڻ لاءِ انهن جي پويان پئي ڊوڙي تنهن ڪري ڪوئا ٻرن ۾ لڪي ويا ۽ ٻاهر نڪتا به گهٽ ٿي. اهو ڏسي سائين نيڻو رام ڪنهن ڪولهي کي چئي ڪري ٻلي جهلائي ۽ اُن کي رسي سان کٽ جي پايي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ ڪنهن شيوا ڌاري کي هڪ برتن ۾ کير ۽ ٻئي ۾ نج گيهه ۾ چوري ڪيل ماني کڻي اچڻ جو چيو. ٻئي برتن ٻلي جي اڳيان رکيائون ۽ سندس پٺي تي هٿ ڦيرائيندا ويا. پهرين ٻلي ٿورو جهجهڪي پوءِ کائڻ پيئڻ شروع ڪري ڏنائين. سنت جن آهستي آهستي ٻلي کي انهي ڳالهه تي هيرايو ته ڇا کائڻ کپي ۽ ڇا نه کائڻ کپي پوءِ ٻلي کي ڇڏيو ويو. سائين جن جي محبت ڀري هٿ ڦيرڻ جي ڪري ٻليءَ جي اندر وِرتي ڦري ويئي. پوءِ ٻلي آشرم ۾ بي روڪ گهمندي پئي هئي پر ڪڏهن به ڪنهن ڪوئي جي پويان نه ڊوڙندي هئي. اها حقيقت آهي ته اُن کان پوءِ آشرم ۾ ٻلي ۽ ڪوئا پيا گهمندا ڦرندا ۽ کائيندا پيئندا هئا.
سائين جن جي وقت ۾ آشرم ۾ ٽڪنڊين، ٻين ٻوٽن ۽ جهنگ جي ڪري نانگ، بلائون ۽ ڀٽون (وڇون) جام هوندا هئا پر اُهي ڪنهن کي ڏنگيندا ڪونه هئا. سرڳواسي تيجنداس ڪيولرام ڪوٽو ڪنهن سان ڳالهه ڪئي ته هڪ ڀيري مان رات جو سائين نيڻو رام وٽ آشرم ويس جيئن پير آشرم اندر رکڻ چاهيو ته ڏٺو ته سامهون رڳو ڀٽون ۽ نانگ بلائون هئا. هن ٻڌايو ته عجب اسرار ڏسي موٽي آيو. آشرم ۾ نانگ بلائون ايترا هوندا هئا جو سائين جي بدن تا گهمي لهي هليا ويندا هئا. هڪ نانگ اهڙو به وٽس ايندو هو جيڪو سائين جي جسم تان گهمي، پورو واس وٺي، لهي، کير پي هليو ويندو هو.
هڪ دفعي سنت نيڻو رام جن آشرم ۾ پنهنجي کٽ تي ويٺا هئا ٻارن شيوا پئي ڪئي ته کين آشرم کي ڏنل ڪنڊي جي واڙ مان نانگ نڪرندي نظر آيو. ٻار ڊپ ۾ وٺي ڀڳا. سائين جن کين چيو ته ڊڄو نه. هي نانگ ڪنهن کي ڪجهه به نه ڪندو. هيڏانهن اچي منهنجي ڀر ۾ بيهو. ٻار سائين جي کٽ وٽ ٿي بيٺا ۽ پاڻ ڪنهن شيوا ڌاري کي چيائون ته کير کڻي اچ. شيواڌاري کير کڻي آيو ۽ جڏهن نانگ کير پي رهيو هو ته سائين نيڻو رام چيو هي اُهو مهاتما آهي، جنهن جي آشرم ۾ آئون ويٺو آهيان، مطلب ته سوامي پورڻ ڀارٿي مهاراج.
هڪ دفعي ڪو مُکي پاڙي جو نارُو مل کجورومل جهنگ پئي ويو ته هُن آشرم جي پوئين پاسي نانگ ڏٺو ته ان کي مارڻ لاءِ اڪ جي ڪاٺي ٽوڙيائين. جيئن ڪاٺي ٽوڙي هُن پوئين پاسي ڏٺو ته هُتي ڪجهه به نه هو. هُو ٻئي ڏينهن وري ان طرف ويو تڏهن به ائين ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن به ائين ئي ٿيو. چوٿين ڏينهن هو بازار مان پئي گذريو ته سائين پنهنجي لٺ مٿي اولاري چيو، اڙي تون منهنجي سنگتيءَ سان ٿو لڙائي ڪرين! تڏهن مکي پڇيو ته سائين ڪهڙي سنگتي سان؟ سائين نيڻو رام تڏهن جيڪي ڪجهه مکي سان ٿيو هو اُها ڳالهه سربستي ٻڌائي. تڏهن مکي چيو ته سائين مون کي خبر به ناهي ته هُو ڪير هو. سائين جن کيس ٻڌايو ته هي توهان جو ڪُل ڏيو آهي يعني سوامي پورڻ ڀارٿي. جيڪو اصيل نانگ سائين نيڻو رام جي بدن جو واس وٺي ۽ کير پي ويندو هو اُهو اِهو ئي سوامي پورڻ ڀارٿي هو.
سائين جن ڪڏهن به ڪنهن جيو جنتو کي مارڻ نه ڏيندا هئا پوءِ اُهو بلا يا نانگ ڪيڏو به خطرناڪ ڇو نه هجي هڪ ڀيري سائين جن آشرم ۾ ويٺا هئا ته ڪا بلا نظر آئي جنهن کي اتي ويٺل ٻن ڇوڪرن ڀڳڙومل سترامداس لالواڻي ۽ لڇمڻ داس سترام داس رڙلي واري جهليو.
سائين جن مارڻ کان منع ڪري ٻاهر اُڇلي اچڻ لاءِ چيو. ڇوڪرا ها ڪري بلا کڻي ٻاهر نڪتا ته لڇمڻ داس، ڀڳڙي مل کي چيو ته سائين جن چيو ته هن کي مارجو نه پر بلا کي ڇڏي ڏينداسين ته وري ٻئي ڪنهن کي کائيندي. اُن کان سٺو آهي ته اِهڙو جيو ماريو ڀلو. ڀڳڙومل، لڇمڻ داس سان متفق ٿي ويو ۽ پٿر گڏ ڪري بلا کي آشرم کان پري وچ ميدان ۾ رکي ماري آيا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته سائين نيڻو رام کي خبر نه پوندي. پاڻ به چونداسين ته بلا کي ٻاهر ڇڏي آياسين. سو جيئن اُهي ٻيئي ڄڻا آشرم ۾ گهڙيا ته سائين جن کين هڪل ڪري چيو ته، ”اڙي پاپيو توهان کي چيو هئم ته بلا کي نه مارجو، پوءِ ڇو ماريو؟“
ٻنهي ڄڻن چيو ته، ”سائين اسان ته ڪونه ماري آهي.“
سائين جن وري کين دٻ پٽي چيو ته، ”ڀاڙيا، پٿر هڻي ماري آيا آهيو. مون کي ڄڻ ته خبر به ناهي؟“ انهي تي ٻئي ڇوڪرا چپ ٿي ويا. ان واقعي کان پوءِ جڏهن به آشرم ۾ نانگ، بلا يا وڇون نڪرندو هو ته اُهو ڪنهن کان کڻائي پاڻ گڏجي ٻاهر پري اڇلارائي ايندا هئا.
سال 1967ع جي ڳالهه آهي، جڏهن ڀيرو مل شيوڪرام موٽواڻي ڪراچي ۾ نوڪري ڪندو هو. موڪل تي اسلام ڪوٽ آيل هو، سنت نيڻورام سان سندس اٿاهه شرڌا هئي، تنهن ڪري صبح جو 9 بجي پورڻ ڀارتي آشرم ۾ سائين جن کي نمسڪار ڪرڻ آيو هو ۽ اتان کيس جهنگ وڃڻ جو ويچار ٿيو. هو جيئن ئي جهنگ وڃي رهيو هو ته کيس رستي تي هڪ ڪارو اصيل نانگ سڌو سُمهيل نظر آيو. ڀيرو مل سمجهيو ته ڪنهن نانگ کي ماري رستي تي ماڻهن کي ڊڄارڻ لاءِ رکيو آهي. هُو جڏهن نانگ کان چند قدمن تي هو ته نانگ ۾ چرپر محسوس ڪيائين ۽ نانگ جيئن مٿو مٿي ڪيو ته ڀيرو مل جو ”مٿيون مٿي ۽ هيٺيون هيٺ“، زبان خشڪ ٿي ويئي. هن جو جسم ڏڪڻ لڳو. ڀيرو مل هٿ ٻڌي نانگ ديوتا کي وينتي ڪئي ته جيڪڏهن تون اصيل هُجين ته سنت نيڻو رام جي نالي مون کي رستو ڏي. نانگ هڪدم رستو ڇڏي اکين کان اوجهل ٿي ويو. ڀيرو مل موٽواڻي واپس موٽي اچي سربستي ڳالهه نيڻو رام صاحب سان ڪئي تڏهن سنت صاحب کلي چيو ته بابا اِهو نانگ منهنجو سنگتي آهي ڏنگيندو ناهي، توکي اجايو ڊپ ورايو آهي. اِهو نانگ ديوتا ته اجهو هاڻي هتان مون کان ٿي پوءِ ويو هو.
پورڻ ڀارٿي آشرم ۾، جتي رڳو جهنگ ئي جهنگ نظر ايندو هو، اُتي سنت نيڻو رام جن جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جي اچ وڃ ڪري ۽ ستسنگ ۽ شيواڀاءُ جي ڪارين جي ڪري سورڳ ڌام جو ڏيک ڏيڻ لڳو. اُتي هر قسم جا ٻوٽا ۽ وڻ هئا. ٿر ۾ بُک جا ماريل پکي داڻي ۽ پاڻيءَ جي بهاني آشرم ۾ چوڳو ۽ چؤنڪار ڪندا پيا نظر ايندا هئا. انهن ۾ ٿر جو ناياب پکي مور به 100 کان 150 کن جي تعداد ۾ ناچ ڪندي نظر ايندا هئا. ٻين ناياب سهڻن پکين وانگي مور به هميشه شڪاري جي گوليءَ جو نشانو بڻيل هوندو آهي. اُنهيءَ وقت ۾ آشرم جي اوڀر واري پاسي ميرن جي پراڻي ڪوٽ (قلعي) تي ٺاهيل پرائمري مين اسڪول (main school) ۾ ڪجهه شڪاري شڪار سانگي ترسيل هئا. منجهائن ڪنهن شڪاري مور کي گولي هڻي ماريو ته مور سِڌو اچي سائين جن جي هنج ۾ ڪريو. جيئن شڪاري مور کڻڻ لاءِ آيو ته سائين جن غصي ۾ ڳاڙهو ٿي چيو ته تو هڪ معصوم پکي کي بنان ڏوهه جي ماريو آهي انهي ڪري تون به هن مور وانگر گولي جو نشانو ٿيندين. ڪجهه ڏينهن ۾ اُهو شڪاري به گولي جو شڪار ٿي ويو.
هڪ ڀيري ڪي سياح گهمڻ لاءِ اسلام ڪوٽ آيل هئا ۽ واپس ويندي ڪجهه آشرم جا مور پڪڙي گاڏين ۾ کڻي وڃي رهيا هئا، اُهي اڃا مٺيءَ ڏانهن رستي ويندي پهريون لڪ به نه ٽپيا ته گاڏيون هلندي بيهي رهيون جڏهن ته ٽائر گهميا پئي ۽ گاڏيون اڳيان چُريون ئي نٿي. اُهي 10، 15 گاڏيون سڀ ساڳئي نموني رستي تي بيهي رهيون ۽ سياح هيٺ لٿا ته سائين جن انهن جي اڳ ۾ اڳيئي بيٺا هئا. گاڏين وارا ماڻهو ٻاهر جا هئا جن کي ٿر جي علائقي جي ڪا خاص خبر نه هئي، سو سائين جن کان پڇيائون ته هتي ڪو پير فقير دفن آهي ڇا؟ جو گاڏيون هلن ئي نه ٿيون. سائين جن کين چيو ته، مان هتي جو رهاڪو آهيان، هتي ته ڪو به پير فقير دفن ناهي. ايتري ۾ گاڏي مان مورن جو آواز آيو تڏهن سائين جن چيو ته توهان مور کڻي وڃو ٿا؟ مور هتي جو پکي آهي، هن کي ڏسو ۽ لطف وٺو. باقي جيڪڏهن کڻي ويندا ته توهان کي مورن وارو ڇڏيندو به ڪونه. تڏهن همراهن لاچار ٿي مور لاهي، گاڏيون اسٽارٽ ڪيون ته گاڏيون هلڻ لڳيون.
هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته آشرم ۾ ڪنهن ٺڪر (راجپوت) جُتي سان وڇونءَ (ڀٽون) کي ماريو ته سائين جن کيس گاريون ڏيئي، اُنهي وقت اُنهي ٺڪر کي ٻاهر نڪري وڃڻ جي لاءِ چيو تنهن تي ٺڪر چيو ته سائين وسيئر (زهريلو ڀٽون) ماريو ڀلو. سائين جن چيو، ”توکي چڪ ته نه پاتائين جو تو هن کي ماريو. نڪر هتان، هل ٻاهر.“