سوالي نه خالي

انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي شين جي ضرورت هوندي آهي. ڪي ضرورتون گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪي ڪامنائن جي ڄار ۾ ڦاسندا ويندا آهن. ڪجهه ضرورتون ته ماڻهو پنهنجي وس پوريون ڪري ڇڏيندو آهي، ته ڪي وري وَس کان مٿي هونديون آهن، جن لاءِ ماڻهو مالڪ جي در يا مالڪ جي بندن يعني سنتن ۽ مهاتمائن جي در ٻاڏائيندو آهي. مالڪ جي درٻار ۾ هر ڪنهن جي ايڏي حجت نه هوندي آهي، پر سنتن وٽان منو ڪامنائون پوريون ڪرائڻ سولو هوندو آهي ڇو جو انهن جو پرماتما سان سڌو رستو ڳنڍيل هوندو آهي، صرف ها ڪرڻ يا ”تـَٿـَا اَستُوَ“ چوڻ جي دير هوندي آهي. اهڙي نموني سائين جن جي در سوالين جون قطارون لڳيون پيون هونديون هيون. هر ڪنهن جـي جهولـي ڀـربـي هئي پر شرط اهو هوندو هو ته شرڌا ۽ شيوا هجي، سائين شرڌا ۽ شيـوا جـو امتحـان به وٺندا هئا. سائين اُن جي دل ۾ جيوَ شيـوا جو جذبـو ڏسڻ لاءِ امتحان وٺندو هو. جيڪڏهن پرمارٿ جي لاءِ هٿ کليل هـوندا هئا ته سائيـن جي مهر جا ڀنڊار کُلي ويندا هئا. سائين جن کان پوءِ به ڪيترن جون جهوليون ڀرجندي ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن.

سيٺ پرسو مل ڏيالداس نانڪاڻي کي شادي ڪئي ڪيئي سال ٿي ويا پر اولاد ڪونه ٿي ٿيس. سنت نيڻو رام جن پاڻ پاران (پرسو مل جي چاچي) جي گهر ستسنگ ڪرڻ پيا ايندا هئا، اتي پرسو مل جي ماءُ هريان ــ ٻائي سنت جن کي پنهنجي پٽ پرسو مل کي پٽ پيدا ٿيڻ جي لاءِ پرارٿنا ڪئي ته سنت جن اها پرارٿنا قبول ڪري چيو ٻولو ”ڪرشن ديو ڪي جئه“. جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي بس نون مهينن بعد سيٺ پرسو مل جو گود پُٽ جي اولاد سان ڀرجي ويو، جنهن جو نالو پريم سان پرڀو رکيو جيڪو هن وقت 45 سال کن جو ٿيندو ۽ هينئر احمد آباد جي هري اوم مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جو ناميارو واپاري آهي. سيٺ پرسو مل کي پوءِ ٻيو اولاد ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ جهامنداس ٿيو جيڪو اسلام ڪوٽ ۾ رهندو آهي.

سيٺ ڪستورچند بچاڻي مهيشوري مٺيءَ جي رهواسيءَ کي پڻ شادي بعد ڪيئي سالن تائين اولاد ڪونه ٿيو. نيٺ اچي سنتن جي شرڻ پيو ۽ شش ٿيو. انهيءَ ڪستور چند تي پوءِ سنت جي ديا سان ايشور احسان ڪيو، کيس پٽ جو اولاد ٿيو ۽ پوءِ ٻيو اولاد به ٿيس. ڪستورچند جي ڪٽنب وارا اڄ به سنت نيڻورام جا شرڌالو آهن ۽ هاڻي نئون ڪوٽ جا وڏا واپاري ليکجن ٿا.

سيٺ بصر مل تلوڪچند لهاڻي وارا اصل ڏيپلي جا هئا، پر ڌنڌي سانگي لڏي اچي ڪلوئي ڳوٺ ۾ رهيا. سيٺ بصر مل کي شاديءَ کان پوءِ 20 سالن تائين اولاد ڪونه ٿيو هو، هُو سنت جن جي مهما جي هاڪ ٻڌي ڪلوئي کان اسلام ڪوٽ ڪهي آيو ۽ اچي سنت جن کي وينتي ڪئي ته، ”ڪرشن ديو ڪي جئه هو“ جو نعرو گونجڻ لڳو جهڙوڪر پروانو ملي ويو. بس سيٺ بصر مل کي نَون مهينن کان پوءِ پٽ پيدا ٿيو، جيڪو ڪرشن لال جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ حب (ڪوهستان) ۾ رهندڙ آهي. سيٺ بصر مل اُنهيءَ خوشي ۾ سنت جن وٽ انهيءَ وقت جڏهن پئسي جو وڏو قدر هوندو هو، تڏهن ويهه هزار روپيا ڀيٽا طور پيش ڪرڻ لاءِ کڻي آيو، پر سنت جن پئسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ سيٺ بصر مل وينتي ڪئي ته پئسا نٿا وٺو ته مون کي آشرم جي چوڌاري ڏنل واڙ جي جاءِ تي پڪي ديوار ڏيارڻ جي آگيا ڏيڻ جي ڪرپا ڪئي وڃي. سنت جن اها ڳالهه پڻ قبول ڪونه ڪئي ۽ سيٺ کي پئسن سميت موٽائي ڇڏيائون. سيٺ بصرمل وارن جو اڄ پڻ سنت جن سان صدق آهي.

سنت جن جي ٻارهن ڏينهن تي ٿيندڙ يگيه ۾ فقير محمد قاسم شرڪت ڪئي هئي ۽ سنت جن جي سماديءَ تي پُٽ جي اولاد ٿيڻ جي وينتي ڪئي هئائين. اندر ئي اندر آواز محسوس ڪيائين ”ڪرشن ديوَ ڪي جئه“ بس فقير قاسم جو ڪم ٿي ويو. نون مهينن کانپوءِ کيس پٽ جو اولاد ٿيو ۽ اُن کان پوءِ ڪُل ٽي ٻار ڄاوَس. فقير قاسم کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ شالمين ٿيو جيڪو هن وقت ديهه سونٺي تعلقي سامارو جو زميندار آهي ۽ سنت جن جو شيوڪ آهي.

هڪ مهاراجڻ سائين جن جي شيواڌارڻ هوندي هئي. کيس ڪوبه اولاد نه هو توڙي جو شاديءَ کي ته ڪافي وقت گذري چڪو هو. هڪ ڀيري سائين جن وٽ آئي ۽ وينتي ڪرڻ لڳي ته ڀڳت صاحب سير مٽيءَ جي بيکارڻ آهيان؟ سائين ٿوري دير کان پوءِ سوچي چوڻ لڳا ته تنهنجي نصيب ۾ اولاد جو سُک لکيل ناهي. مهاراجڻ وري وينتي ڪيس ته توهان مالڪ جي پيارن کان نصيب ڏاڍا آهن ڇا؟ توهان جيڪي چاهيو، سو ڪري سگهو ٿا. سائين چيو ته هن جنم ڇا پر ستن جنمن تائين تنهنجي ڀاڳ ۾ اولاد ناهي. مهاراجڻ وري نماڻي وينتي ڪئي. سائين جن چيو ته ٺيڪ آهي، تون گهڻو چئين ٿي ته اولاد ٿيندو پر توکي اُن مان اولاد جو سُک نه ملندو. مهاراجڻ اُهو به قبول ڪيو ۽ چيائين ته اهوئي صحيح آهي. اڻ هوند کان هوند ڀلي. پوءِ جو لکيو پوءِ سان. سائين جن جي ديا سان مهاراجڻ جي نصيب ڦيرو کاڌو. مهاراجڻ کي اولاد ته ٿيو پر ذهني طور معذور هو ۽ آهي. ايترو لائق به ناهي جو ماءُ کي ڪمائي کارائي يا سندس شادي ٿي سگهي. هُو سائين جو ڏنل، ماءُ جو لال زنده آهي ۽ اڃا به روزانو ماءُ سان گڏ آشرم ڪٿا تي ايندو آهي.