About Sant

سنت نيڻورام صاحب جن جو جيون چريتر

پورڻ يوگي سنت نيڻورام

هي مواد سنت شرومڻي نيڻورام جي ڇپيل پستڪ پورڻ يوگي سنت نيڻورام تان ورتل آهي، ڪا به غلطي ٿي هجي ته ان جي نشاندهي اسان سان ضرور ڪجو ته جيئن اسان پنهنجي غلطي درست ڪري سگهون. ڌنيواڌ شرما جي لنڪس

ڪا ڀونءِ ڀلاري ٿيندي آهه. سنتن کي جا جنم ڏيندي آهه

ڪا بات نياري ٿيندي آهه. جا سُتلـن کي جاڳائيندي آهه

سنتن، مهاتمائن ۽ ست پُرشن جو جنم جتي ٿيندو آهي اُها ڌرتي ڀاڳن ڀري هوندي آهي، ڇو جو سنت، مالڪ جا پيارا، ماڻهن لاءِ هڪ مُڪتي مارڳ ٺاهيندا آهن. انهن تي هلندي عام رواجي ماڻهوءَ به هڪ سٺو ڌار مڪ انسان ٿي ويندو آهي. اهڙي نموني سان اسان کي سچ جي راهه تي لڳائڻ لاءِ سنت شرومڻي نيڻو رام صاحب جن جو جنم ڄيٺ مهيني جي پورڻماسيءَ تي سنبت 1955 برابر جون 1898ع ۾ شري مينگهو رام لوهاڻي جي گهر ٿيو. سندن ماتا جو نالو ميگهان ٻائي هو. ننڍي هوندي ئي سندن ماءُ ۽ پيءُ رام ڪري ويا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته پتا سندن جنم کان اڳ پر لوڪ پڌرايا ۽ ماتا ڇهن مهينن کان پوءِ سرڳواس ٿي. پر ڪي ماڻهو وري ٻيون ڳالهيون ٿا ڪن. مطلب ته انهيءَ باري ۾ صحيح خبر ڪنهن کي به نه آهي. اسلام ڪوٽ ۾ لالچند، جنهن جي پويان لالاڻي ڪٽنب سڏجي ٿو، اهو نيڻورام جو سڳو چاچو هو. نيڻو رام اسلام ڪوٽ جي ڀڳت ڏيالداس سنڌي (سنڌين جي آڪهه) جي ڦڦي جو پُٽ هو. ماءُ پيءَ جي پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ نيڻورام کي سندس چاچي لکومل پاليو. جنهن جي آڪهه مان رڳو سندس هڪ پوٽي نرملا حياتي آهي ۽ ڏيسا (ڀارت) ۾ رهي ٿي. نيڻو رام پنهنجي چاچي لکومل جي گهر رهندا هئا، جيڪو اسلام ڪوٽ شهر جي وچ تي، اُتم چند مهيشوري جو جتي هينئر گهر آهي، اُتي هو. ڪجهه وقت اُتي رهڻ کانپوءِ، نيڻو رام پنهنجي ڏاڏي وٽ وڃي رهيو، جنهن جو دُڪان نوهڙين جي تڙ تي هوندو هو. مقامي ماڻهن جو مال پاڻي پيئڻ لاءِ جڏهن کوهن تي پهچندو هو ته کوهن اڳيان ٺهيل اواڙن کي تالا ڏنل هجڻ سبب چوپايو مال اڃايل رهندو هو، نيڻورام کي مٿن رحم اچي ويندو هو ۽ هو رات جو اواڙن جا تالا کولي سندن اڃ اُجهائيندو هو ۽ پوءِ واپس تالا بند ڪري هليو ويندو هو. اها روائداد ڏسي ڪنهن ماڻهو وڃي کوهه جي مالڪن کي ٻڌايو. اُهي صبح جو وڃي ڏسن ته پاڻي اوترو جو اوترو پيو آهي. جيڪو خالق جي خلق جو خيال ڪري سو خالق ان جو خيال ڪيئن نه ڪندو!

جڏهن سائين نيڻو رام جن ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي لکو مل جي گهر رهندا هئا ته سندس چاچيءَ کيس گابا جهنگ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي اچڻ لاءِ چوندي هئي، سائين جن ديا جا ساگر، ڪيئن ٿا گابن کي سندن مائرن کان پري ڏسي سگهن. سو سائين نيڻو رام ڪرشن ڪنهيي وانگر، وڇڙا ڍڳين سان گڏ ڪري ايندا هئا. شام جو جڏهن ڍڳيون جهنگ چري اينديون هيون ته وڇڙا به ساڻن گڏ ايندا هئا. تڏهن چاچيس سائين نيڻو رام کان پڇيو ته تو گابا ڍڳين سان گڏ ڪيا آهن ڇا؟ ته سائين ها ڪئي. تنهن تي چاچي ناراض ٿي ۽ وري ائين ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪيائين پر سائين نيڻورام وري به وڇڙا ڍڳين سان گڏ ڪري آيا. شام جو جڏهن چاچيس ڏٺو ته وڇڙا پنهنجن مائرن سان گڏ هئا ته سائين نيڻو رام تي ناراض ٿي ساڻس تکو ڳالهائڻ لڳي. سائين نيڻو رام کيس چيو ته وڇڙا پنهنجي مائرن جو کير ڌائن ٿا ته ان ۾ توکي ڪهڙو اعتراض

جن کي دَور دَرد جو، سبق سُور جو پڙهن

فِڪر ڦرَهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن

پنـو سو پڙهن، جنهن ۾ پـَسن پريـن کي

(شاهه)

سائين نيڻو رام جن جي عمر جڏهن 1906ع ۾ اٺ سال ٿي، تڏهن چاچس لکومل کين اسلام ڪوٽ جي پرائمري اسڪول (ميرن جي قلعي جي ملبي تي واقع) ۾ داخل ڪرايو. جيڪو پورڻ ڀارٿي آشرم جي اوڀر طرف آهي. سائين جن اُتي وڏن جي مطابق ٽي درجا سنڌي جا پڙهيا پر جڏهن اسڪول جو رجسٽر ڏٺو ويو ته اُن ۾ لکيل هو ته ٻاراڻو پڙهندڙ هئا، جيڪو پهرئين ڪلاس کان پهرين ٿيندو آهي. جن جو من دنيا ۾ نه لڳي، اهي ڪيئن پڙهن! صرف ٻاراڻو/پڙهڻ جي باوجود سائين نيڻو رام کي شاهه جو رسالو، ڀڳت ڪبير جون ساکيون ۽ ڀڄن، ميران ٻائي جا ڀڄن، ساميءَ جا سلوڪ ۽ بلهي شاهه جا ڪلام چڱي طرح ياد هوندا هئا ۽ اُنهن صوفين جون ڪٿائون ڪندا رهندا هئا. چاچس جڏهن ڏٺو ته نيڻو رام جو من پڙهائي ۾ نه ٿو لڳي ته سارلا ۾ پنهنجي دُڪان تي ڪم ۾ لڳايو ته جيئن سندس پيسن جي ڪري دنياداريءَ ۾ چاهه لڳي وڃي، پر سائين جن کي ته ستسنگ، رام نام ۽ ڏکويلن جي ڪلياڻ ڪرڻ جي من ۾ هئي. سو دُڪان کليل ڇڏي وڃي ستسنگ ٻڌندا هئا ۽ سنتن جي شيوا به ڪندا هئا. دڪان تي ويٺا هوندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪا ڳئون دڪان ۾ رکيل اناج يا ٻئي ڪنهن کاڌي جي شيءِ ۾ منهن وجهندي هئي ته کيس اصل نه هڪليندا هئا. جيڪڏهن ڪو گراهڪ سامان وٺڻ ايندو هو ته رپئي جي شيءِ جا اٺ آنا وٺندا هئا. گهڻن کي ته مُفت ۾ وکر (سامان) ڏيئي ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي ڪيڪڙ گام (راجستان-ڀارت) جي سنت ڪنيرام جا ڪي شيوا ڌاري دڪان تان سامان وٺڻ آيا ته سائينجن اُنهن کي سڀ ضرورت وارو سامان ڏيئي پئسا نه ورتا ته ڪنهن ويٺل گراهڪ وڃي چاچس کي چغلي هنئي. هو دڪان تي آيو ۽ پڇا ڪرڻ کان پوءِ حساب ڪيائين ته حساب برابر نڪتو. گراهڪ پريشان ٿي ويو ۽ خاطري ڪري ٻڌايائين ته ٻئي دفعي اهڙي ڳالهه جو ثبوت به ڏيندس. ٻئي ڀيري ڪي ساڌو آيا ته سائينجن کانئن به پئسا نه ورتا ۽ گهربل سامان ڏيئي ڇڏيائون. چغليخور گراهڪ، جنهن جي گذريل ڀيري ڳالهه ڪوڙي نڪتي هُئي، سو موقعو هٿان نه وڃائيندي وري وڃي چاچس کي روبرو وٺي آيو. چاچس جڏهن پُڇيو ته هنن کي ڇا ڏنو آهي ته سائين جن چيو ته مون ته ڪجهه به نه ڏنو آهي. تڏهن چاچي وري پڇيو ته پوءِ هن ڳوڻ ۽ دٻي ۾ ڇا آهي؟ ڳوڻ ۽ دٻي ۾ اصل ۾ گيهه ۽ ڳڙ پيل هو پر سائينجن چيو ته هن ڳوڻ ۾ ڇيڻا ۽ پاڻي آهي. جڏهن چاچس اُهي کولي ڏٺا ته واقعي منجهن ڇيڻا ۽ پاڻي نظر آيو. سائين نيڻورام جن جي دنيا داري ۾ دل نه هئي سو هڪ ڏينهن دُڪان ڇڏي اسلام ڪوٽ ڏانهن نڪري پيا.

چاچس کي ڪنهن وڃي ٻڌايو ته نيڻورام اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندڙ رستي تي ويندي ڏٺو اٿم. چاچس بروقت گهوڙي تي چڙهي انهيءَ رستي تي پويان نڪري پيو ۽ سمجهيائون ته ٿورو ئي اڳتي ويو هوندو، اجهو ٿو واپس وٺي اچان. پيڇو ڪندي اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندڙ سموري رستي تي کيس نيڻو رام نه مليو. هو پوءِ اسلام ڪوٽ جو دڳ جهلي بيهي رهيو، اهو سوچي ته نيٺ ته نيڻورام هتي پهچندو پر سندس ڪو به پتو نه پيو. آخرڪار نا اميد ٿي گهر پهتو ته ڏٺائين ته سائين نيڻو رام اڳ ۾ ئي گهر ويٺا هئا. ڪجهه ڏينهن رکي سندس چاچو سائينجن کي وري دوڪان تي وٺي ويو. پر سائين جن جو نينهن رام نام سان هو، سو دڪان تي جيئن ويا ته وياڪل من سان رهڻ لڳا.

هڪ ڏينهن جڏهن ڪي ساڌو تيرٿ ياترا لاءِ سارلا مان اچي لنگهيا تڏهن سائين دُڪان جون چاٻيون پاسي واري دُڪاندار کي ڏيئي ۽ ڪنن مان واليون ڪڍي دڪان تي رکي ساڻن گڏجي هليا ويا. ٽن مهينن جي مختصر عرصي ۾ هندستان جي 68 آستانن جون تيرٿ ياترائون، پيادل ڪيائون. موٽي اچڻ کان پوءِ سائين نيڻو رام بدري ناٿ ياترا جو تمام گهڻو ذڪر ڪندا هئا، جو انهيءَ وقت اوڏانهن وڃڻ جو رستو ڏاڍو اڻانگو هو روڊ رستا به ٺهيل نه هوندا هئا.

سنت جن تيرٿ ياترا تان موٽندي جڏهن ڪيڪڙ گام (راجستان) جي ويجهو آيا ته ٻين ساڌوئن سان گڏجي سنت ڪنيرام جن جي آشرم ۾ رهيا، جتي سڄي رات ست سنگ هليو. سائين نيڻو رام جي دل ۾ سنت ڪنيرام لاءِ گهڻي شرڌا اُتپن ٿي ۽ کيس پنهنجو گرو ڪيائون. سائين نيڻو رام جن پاڻ ڳالهه ڪندا هئا ته گرو ڪنيرام جو آشرم ڏاڍو رمڻيڪ هوندو هو، جنهن ۾ رڳو نمن جا 99 وڻ هوندا هئا.

سنت نيڻو رام ڪافي سال گُرو ڪنيرام جن جي آشرم ۾ رهيا، جتي شيوا جو يوگدان ڏنائون. سنت نيڻو رام ڪيڪڙ گام ۾ هڪ وڏو تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن ۾ ٻارنهن ئي مهينا برسات جو پاڻي بيٺو هوندو هو.

سائين نيڻو رام جن جڏهن ڪيڪڙ ۾ پنهنجي گرو ڪنيرام جن جي آشرم ۾ سندس شيوا ۾ رهندا هئا ته اُتي هڪ عجيب گهٽنا ٿي. هڪ ڏينهن جڏهن گرو ڪنيرام جن ڪيڏانهن ٻاهر ويل هئا ۽ پويان آشرم جي سنڀال سائين نيڻو رام جي حوالي هئي ته اُتي اُن ڳوٺ جي چڱي مڙس جو، جنهن کي هڪڙو ئي پٽ هو، سو اوچتو گذاري ويو. گهروارن ڏٺو ته پٽ ته هونئن ئي هليو ويو آهي، پوءِ ڇو نه انهيءَ آشرم جي سنتن جو آزمودو وٺجي، سو ڇا ڪيائون جو انهيءَ ٻار جي ديهه کي ماٺ ميٺ ۾ اچي آشرم جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي رکي هليا ويا، اَسُرويلي اُٿي جڏهن سائين نيڻو رام آشرم جي شيوا لاءِ ٻهاري پائڻ لڳا ته کين ڪو پِراڻيءَ چادر اوڍي سُتل نظر آيو. سنت جن سمجهيو ته ڪو ٿڪل ٽٽل ماڻهو آرامي آهي، ويجهو وڃي کيس هڪل ڪري پڇيائون ته بابا ڪير آهين؟ اُٿ پر جڏهن ڪو به جواب نه مليس ته چادر مٿي ڪري ڏسن ته اُهو ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي، سوچيائون ته اها گروجن جي آشرم جي مريادا جي خلاف ڳالهه آهي ۽ جي ڪو مري وڃي! اِنهيءَ آشرم جي بدنامي ٿيندي. الائجي ڪير آهي؟ کيس ڪنهن ۽ ڪٿي ماريو آهي. سرڪاري سطح تي جاچ ٿيندي. پوءِ گُرو جن ۽ مونکي پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو ويندو. اِهي ڳالهيون سوچي سنت نيڻو رام جن کين مليل سڌي کي گُروءَ جن جي غيرحاضري ۾، سندس آگيا کان سواءِ استعمال ڪيو ۽ انهي پراڻيءَ کي، ٻانهن کان جهلي هڪل ڪري چيو ته مٿي اُٿ! اهو پراڻي ڇرڪ ڀري ائين جاڳي پيو جيئن ڪو گهري ننڊ ۾ هجي آرس موڙي. هو اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. اڃان اونداهي هئي ۽ سج ڪو نه اڀريو هو ته هُو پنهنجي گهر وڃي پهتو ته سندس مائٽن کي حيرت ٿي ۽ يقين ٿي ويو ته اها سنت جن جي مهرباني ٿي آهي. اها ڳالهه اُتي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ جهنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي. واڌايون وري ويون. ماڻهن جا حشام سندس گهر ۽ آشرم ۾ گڏ ٿيندا ۽ ايندا ويندا رهيا، اُنهي ڪري آشرم جي ڪم ڪار ۽ شيوا ۾ وگهن پوڻ لڳو. سائين نيڻو رام جن جي مهما وڌي وئي، پر سنت جن پنهنجي شيوا ۾ رڪاوٽ سمجهي، پنهنجي گرو جن جو انتظار ڪرڻ لڳا. ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن گرو جن واپس آيا هنن کي سموري ڳالهه جو پتو اڳيئي پئجي چڪو هو.

ٿي اچي لڪ لڪ مٿي، جنت جي هير
چوطرف منظر عجائب بي نظير
ڏسڻ جي جنهن سان، جن مان ٿين سپنا سُڌير
ٿـــــي به پـــون مُــــردا به زنـــده ســريــر

گرُو جن نيڻورام کي چيو ته تو قدرت جو نيم ٽوڙيو آهي، جيڪو نه ڪرڻ کپي ها. مونکي تنهنجي سِڌين ۽ شڪتي جي پروڙ پئجي ويئي آهي ۽ هاڻي هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون نٿيون رهي سگهن، تنهن ڪري يا ته تون پنهنجو آستان وڃي جُدا ٺاهي وساءِ. يا پوءِ آئون وڃي ٿو ٻئي ڪٿي آستان ٺاهيان. تڏهن سائين نيڻو رام جن چيو ته توهان هتي ئي پنهنجي آشرم ۾ رهو ۽ مونکي آگيا ڏيو ته آئون هلان. اهڙي طرح سائين نيڻو رام پنهنجي گرو جن کان آگيا وٺي ٻاڙميڙ (راجستان) ۾ اچي پنهنجي ڪٽيا ٺاهي ۽ شيوا جا ڪم ڪرڻ لڳا. اها ڳالهه 1930ع کان اڳ جي آهي . ۽ ٻاڙمير ۾ کوهه کوٽايائون ته جابلو علائقو هئڻ ڪري 300 فُٽن تائين کوهه مان پاڻي نه نڪتو. سنت جن 1935ع ڌاري اُهو علائقو ڇڏي واپس اسلام ڪوٽ آيا ۽ اتي شيوا ۽ ڪيرتن جو ڪاريه شروع ڪيائون.

جڏهن 1935 ڌاري پنهنجي جنم ڀومي اسلام ڪوٽ موٽي آيا ۽ اسلام ڪوٽ ۾ اچي، سنت جن پنهنجي پراڻي گهر ۾ رهڻ لڳا، جيڪو هينئر هيمن داس اوڍو مل لالواڻي وارن جو آهي، اُتي اچي انهيءَ گهر ۾ ڌوڻي دُکائي رهندا هئا. راتين جون راتيون جاڳي تپسيا ڪندا هئا. لوٽو چانهه جو ڀري ڌوڻيءَ تي رکي ڇڏيندا هئا ۽ گرم گرم چانهه لوٽي ۾ ائين پيئندا هئا، جيئن ڪو پاڻي پيو پيئي. ڌوڻيءَ تي تپسيا ڪندي، هري جس ڳائيندي، پنهنجي من جي مستيءَ ۾ مست ٿي پيا، شِوَ ڀولي وانگر ناچ ڪندا هئا. ڏينهن جو ڪمري ۾ ايڪانت ۾ ويهي مالڪ جو ڌيان ڪندا هئا. ڪافي ماڻهن محسوس ڪيو هو ته جنهن ڪمري ۾ نيڻو رام رهندا هئا اُن ۾ ساز پيا وڄندا هئا جڏهن ته اُتي ڪو ساز رکيل نه هوندو هو.

هيمن داس وارن جي گهر جي پوئين پاسي هڪ وڌوا نالي ڪانهان ساڌڻ جي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ست ست ڏينهن بنان ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ جي ويهي رام رٽن ڪندا هئا. ڪڏهن سائين نيڻو رام جن مهراج کينپال (کيمچند شرما) وارن جي گهر ته ڪڏهن وري چونيلال نانڪاڻي وارن جي گهر رهندا هئا ته ڪڏهن وري سرداري مل سوناري جي گهر رهندا هئا. سردارو مل سونارو سنت نيڻورام جو پڪو شرڌالو شش هو. چونيلال نانڪاڻي جي گهر مهاراج سنتوڪ ناٿ (1) اچي رهندا هئا ۽ ڪٿا ڪندا هئا. مهاراج سنتوڪ ناٿ جي ڪٿا ۾ به سنت نيڻو رام جن شامل ٿيندا هئا. مهاراج سنتوڪ ناٿ هڪ پورڻ ودوان ۽ مهاتما هئا ۽ شري رامچندر جي مندر ۾ پڻ ڪٿا ڪندا هئا، جنهن جو پوڄاري يو پي علائقي جو رهواسي مهاراج شوانند جي هو. سنت نيڻو رام ڪڏهن ڪڏهن اُتي مندر ۾ به ڪٿا ۾ ويهندا هئا.

هڪ ڀيري مهاراج شوانند ۽ سندس سُپتر اؤنڪار جڏهن پنهنجي وطن ويا هئا ته پويان مندر جي سار سنڀال جو ڪم سنت نيڻو رام جي حوالي ڪري ويا. سنت نيڻو رام شري رام چندر جي مندر ۾ روز آرتي ڪندا هئا. ڪافي ماڻهن کان اِهو ٻُڌو ويو آهي ته سائين نيڻو رام جن هڪ پير تي بيهي آرتيءَ ڪندا هئا. ۽ آرتيءَ سان گڏ گهنڊ به وڄائيندا رهندا هئا. جيستائين مهاراج شوانند، مهيني کن ۾ واپس پنهنجي وطن کان اسلام ڪوٽ موٽي آيا، تيستائين شري رام چندر جي مندر جي شيوا ڪندا رهيا.

سائين نيڻو رام جن جو روزانو صبح جو ڳوٺ ۾ بکيا ڪرڻ جو نيم هوندو هو. اِها بکيا هُو پنهنجي لاءِ نه، پر اُنهن معصوم گگدام جانورن ۽ پکين لاءِ هوندي هئي. پوءِ اٽي مان مانيون پچرائي ۽ داڻا کڻي اچي پورڻ ڀارٿي آشرم ۾ پکين کي ڏيندا هئا. اُن کان اڳ ۾ اَسُر جو اُٿي روزانو آشرم ۾ اچي ٻهاري پائيندا هئا ۽ رستي تان ڪنڊا هٽائي رستو ٺاهيندا ويندا هئا. اتي شام تائين ويهندا هئا ۽ پوءِ ڪجهه لالٽين روشن ڪري مختلف وڻن ۾ ٽنگي هليا ويندا هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ، تقريبن 1940 ڌاري، ڪراچيءَ جي اترئين طرف بلوچستان جي علائقي ۾ واقع هنگلاج تيرٿ ياترا تي روانا ٿيا جتي ڪجهه عرصي رهڻ کان پوءِ موٽي آيا ۽ ڏينهن رات پورڻ ڀارتي آشرم (1) ۾ رهڻ لڳا، جتي اُن زماني ۾ رهڻ ايڏو سولو نه هو، پر سائين جن درويش هئا. اها ڳالهه سنت جن ۾ ڏسي، ٻاوي پورن ڀارتي راضي ٿي کين اُتي رهڻ جي اجازت ڏني. آشرم ۾ ڪوبه ماڻهو کٽ تي سمهي نه سگهندو هو، پر سائين نيڻو رام جن سدائين کٽ تي ويٺا هوندا هئا، جيڪا اڄڪلهه نواس آستان ۾ رکي پئي آهي، اُها کٽ آتم کجورو مل واري جي ماءُ راڻا ٻائي سائين جن کي ڏني هئي. سائين جن جنهن کٽ تي اڳ ۾ سمهندا هئا، اُن ۾ ڏاڍا مُنگهڻ هوندا هئا، پر سائين جن تي انهن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو هو. راڻا ٻائي جنهن کي سائين نيڻو رام جن  املي  (2) ڪري ڪوٺيندا هئا، سائين کي کٽ مٽائڻ لاءِ جڏهن گهڻو چيو تڏهن مَس سائين جن کانئس کٽ وٺڻ قبول ڪئي ۽ موٽ ۾ پنهنجي کٽ کيس ڏني جو سنت جن کي ڪنهنجو ٿورو کڻڻ قبول نه هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو آشرم ۾ کٽ تي سمهندو هو ته سندس رات ڏاڍي ڏکي گذرندي هئي. هڪ دفعي ڪنهن شيواڌاري کٽ تي سمهڻ جو ضد ڪيو. سائين نيڻورام منع ڪئي پر هن نه مڃيو، جڏهن هُو رات جو ڇڄاري(1) ۾ کٽ تي سمهيو ته کٽ اُٿلي پئي. شيواڌاري هيٺ ۽ کٽ سندس مٿي. شيواڌاري رڙيون ڪرڻ لڳو ته وڏي اڇي ڏاڙهي وارو همراهه مونکي ماري ٿو، ڇڏايو. ٻيا شيواڌاري مِڙي آيا ۽ اچي ڏسن ته کٽ واقعي اونڌي ٿي پئي آهي پر مارڻ وارو ڪوبه نه هو. سو سڀ سمجهي ويا ته اُهو پورڻ ڀارتي ٻاوي جي آتما هوندي.

اُن زماني ۾ اُتي آشرم جي ڀرسان آريه سماج وارن آکاڙو ٺاهيو هو، جتي هُو روزانو ڪٿا ڪندا هئا. سائين نيڻورام به اُن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. جيڪڏهن ٿوري دير ٿيندي هئي ته پوءِ پريان ئي چوندا هئا ته  ٺڳي نه ڪجو، ڪٿا شروع نه ڪجو.

نيڻو تنهنجو نانءُ ننڍي وڏي جي وات ۾،
گيان پرايو گُرو کان ڪيڪڙيو ڪنيرام،
پُٺا اگهاڙا، پيرين اُڀراڻو، رهين گودڙيو مستان،
راتيون جاڳي جپيو نرنجن جو نام،
ڪڏهن ڪين کاڌا تو سٺا ۽ سوادي طعام،
تـڏهن سانوريئي گهنشـام مان وڌايـو ايترو.

سائين نيڻو رام هڪ صوفي فقير هئا، هڪ پورن يوگي هئا، ڀڳت چئجي ته ڀڳت به هئا. سائين هن دوکن ڀري دنيا کان ڪافي پري هئا. هُو هڪ الڳ قسم جا سنت هئا.

پاڻ سياري توڙي اونهاري ۾ سدائين هڪ لنگوٽي پائيندا هئا، هٿ ۾ ڊگهي بانس جي لٺ هوندي هئن. پيرن ۾ ڪاٺ جون چاکڙيون به هونديون هيون، سو به جڏهن ڪنهن نانگ چڪ پاتو تڏهن ڪنهن جي گهڻو زور ڀرڻ تي پاتائون.

سائين نيڻو رام وٽ هڪ ڪِشتو رکيل هوندو هو، جيڪي به کيس کائڻ لاءِ ملندو هو، اُهو ٽُڪر ٽُڪر ڪري اُن ۾ وجهي، پوءِ مٿان پاڻي وجهي، آڱر سان ملائي، سڄو رٻڙي وانگر ڪري، اُن ۾ مٿان ڳاڙهن مرچن جو ٻُڪ وجهي پاڻي وانگر پي ڇڏيندا هئا، پوءِ ڀلي اُها مٺائي ڇو نه هجي، اُها به اهڙي ئي نموني ملائي پي ڇڏيندا هئا ته جيئن ڪوبه سواد نه اچي ۽ سواد لاءِ خواهش به نه رهي.

سائين نيڻو رام ڪڏهن به اشنان نه ڪيائون پوءِ به بدن ۾ گلاب جي خوشبوءِ ايندي هئي. سائين نيڻو رام پنج اشناني ڪندا هئا. هڪ ڀيري ڀڳت ڀوڄراج، سنت نيڻو رام کي اشنان ڪرڻ لاءِ چيو ته سائين نيڻو رام وراڻيو هو ته هڪ ڀيري ڪبير پنهنجا پير پئي ڌوتا ته ڪبير کي سندس گروءَ چيو ته  ڪَبير، پير اگهاڻا آهن ڇا؟  سو  اسان کي به پنهنجو جسم اگهاڻو ناهي، جو اشنان ڪريون . ڀڳت ڀوڄراج لاجواب ٿي ويو.

سائين نيڻو رام ڪڏهن به ننڊ نه ڪندا هئا، بس، ائين ئي ليٽيا پيا هوندا هئا، پر ماڻهو سمجهندا هئا ته سائين جن سمهيا پيا آهن. ڀڳت انوپو ٻُڌائي پيو ته سائين نيڻو رام ليٽيا پيا هوندا هئا پر اسين سمجهندا هئاسين ته سائين جن هاڻ سمهي پيا آهن ۽ اسان ستسنگ بند ڪندا هئاسين ته جيئن سائين جن جي ننڊ نه خراب ٿئي. اُن وقت سائين جن هڪل ڪري چوندا هئا ته  ائين نه سمجهو ته سُتو پيو آهيان، ستسنگ هلايو .

ڪرشن لال ساڌو مل ڪلوئي وارو جڏهن اسلام ڪوٽ ۾ پڙهائيندو هو، ته هڪ ڀيري رات جو سائين جن وٽ ڪچهري لاءِ آيو. شيواڌارين چيو ته سائين جن جي ڪن ۾ سُور آهي تنهنڪري سمهيا پيا آهن. اهو ٻُڌي هُو جڏهن واپس ورڻ لڳو ته سائين جن کيس سڏ ڪيو ته ڪرشن لال موٽي آيو ۽ کيس چيائين ته ڀڳت توهان جي ننڊ خراب ڪرڻ نه پئي چاهيم. انهيءَ ڪري واپس هليو ويس. تنهن تي سائين جن چيو ته ڪهڙي ننڊ؟ ڪهڙو ڪن ۾ سور؟ اِهي ڇوريا (ڇوڪرا) مٿو کائن ٿا، تنهنڪري ماٺ ڪري ليٽي پيو هئس. هنن ۾ ڪو ڳالهائڻ لائق آهي ڪونه، جنهن سان ڳالهائجي.

سائين نيڻو رام سموري ڄمار برهمچريه ورت جو پالن ڪيو. مرڻي، پرڻي ۽ ڪنهن ريت رسم ۾ ڪٿي به نه ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته منهنجو ناتو ڪنهن سان به ناهي ڪو به مون سان ناتو نه رکي.

سائين نيڻورام رمتا جـوڳي هئا، گهمندا ڦرندا رهندا هئا، ڪڏهن مٺي ته ڪڏهن ڇاڇري ته ڪـڏهن ڏيـپلي ته ڪڏهـن ننگـرپارڪر ڪڏهن ٻاڙمير ته ڪڏهن ڪيـڪڙ، پورڻ ڀارتي آشـرم وسـائـڻ کـان پوءِ تقريباَ اتي ئي هوندا هئا

(1) پاڻ ڏکيو رهي ٻئي کي سکي رکڻ.

(2) پاڻ اڻڀو ٽڪر کائي، غريبن ۽ محتاجن کي سڻڀو کارائڻ.

(3) ڪنهن به جيو جنتو کي ايذاءُ نه رسائڻ.

(4) غريبن، محتاجن، مسڪينن ۽ بي سهارن جي پرگهور لهڻ.

(5) پسو پکين کي پاڻي پيارڻ ۽ کاڌو کارائڻ.

(6) هر ڪنهن ذات پات ۽ مذهب واري کي هڪجهڙو سمجهڻ.

(7) هٺ، وڏائي ۽ اهنڪار کان پري ڀڄڻ.

(8) لوڀ، لالچ ۽ موهه جي ٻنڌنن کان پاڻ کي آجو رکڻ.

(9) ڪام ۽ ترشنا کي مات ڪرڻ.

(10) ڪوڙ کان ڪنارو ڪرڻ ۽ سچ جي جئه ٻولائڻ

(11) معصوم ٻارڙن سان بي انتها پيار ڪرڻ.

(12) استري ذات کي ماتا سمجهڻ.

(13) پنهنجن هٿن سان آشرم جي صفائي ڪرڻ ۽ ٻهاري پائڻ.

(14) راتين جون راتيون جاڳي ستسنگ جي موج مچائڻ ۽ ايشور سمرڻ ڪرڻ.

(15) ڀرم ڀُلائي واندا وهم ختم ڪرڻ.

(16) گيان جي جوتي سان سچ جي راهه روشن ڪرڻ.

(17) آپ ٺڳائڻ سک پائڻ جي نيتي تي عمل ڪرڻ.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان من پوري منجهه مار

دائـم دونهـيـن دل ۾ مـن سيــن مالهـا وار

سهه سـڀ ڪـار آگـي جـي ادب سيـن

سائين نيڻو رام جن چوندا هئا ته من لوڀي آهي، من لالچي آهي، من مارائيندو. تَن کي تپايو ته مَن مري. سو سائين نيڻو رام جن جو جيڪڏهن ڪنهن شيءِ تي من ٿيندو هو ته تن کي اهڙو دُکي ڪندا هئا جيئن مَن وري ڪڏهن به اهڙي ڪا خواهش نه ڪري. هڪ ڀيري سائين نيڻو رام جن شهر جي بازار مان پئي گذريا ته مٺائي واري جي دُڪان تي گرم جليبيون تيار ٿي رهيون هيون، جنهن جي خوشبوءَ سائين جن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. مَن ۾ آيس ته ڇو نه اڄ جليبي کائجي. من ڀلي ڪيڏو به چنچل ڇو نه هجي پر منش کان ڪيڏانهن ويندو. سائين نيڻو رام من کي قابو ڪري گاريون ڏيندا ۽ پاڻ سان مخاطب ٿيندا  من، تون جليبي ٿو کائين! هل ته توکي جليبي کارايان.  اڳتي هليا ويا. سائين نيڻو رام آشرم ۾ اچي ٻاجهريءَ جي ماني پچرائي، ۽ اُن ۾ مانيءَ جيترا مرچ وڌائون. مرچ اڳي به وجهندا هئا، پر هن ڀيري مرچ وڌيڪ مقدار ۾ هئا. جيئن جيئن گرهه ڀريندا ويا تيئن تيئن چوندا ويا  جليبي ٿو کائين! کاءُ جليبي کاءُ!  جڏهن سندس من مٺائي گهري ته مرچن جي ڪوڙاڻ کائي، تن کي تڪليف ڏيئي پاڻ کي خبردار ٿي ڪيائون ته متان ٻيهر ڪڏهن جليبي گهرين.

هڪ ڀيري سائين نيڻو رام جن ڪنهن پريميءَ جي گهر ويا، ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ چيائون ته اڄ منهنجو من کيرڻي تي ٿيو آهي. تو وٽ ڍڳيون جام آهن. مون کي کيرڻي کاراءِ. پريمي چيو ته سائين جن جو حڪم ٿئي ته کيرڻيون کوڙ. ائين چئي هو 2-3 ٿالهه گرم کيرڻي جا تيار ڪرائي کڻي آيو. جيئن ته کيرڻي گرم هئي تنهنڪري پريمي ٿڌي ڪـرڻ لاءِ رکـي وڃـڻـي کڻـڻ لاءِ گهـر انــدر ويـو ته اُن کان اڳ جو هو موٽي سائين جن گرم گرم کيرڻي پيءَ ويا. پريمي پڇيس ته سائين، کيرڻي ڪيڏانهن ويئي ته سائين جن فرمايو:  مَن گهُري کيرڻي، ته ماري نه ڇڏيان! 

سائين نيڻو رام جن سياري ۾ به جڏهن سيءَ تمام گهڻا پوندا هئا ته رَلي پاڻيءَ ۾ پُسائي جسم تي ويڙهي ويٺا هوندا هئا. سائين جن هونئن ته ساري عمر هڪ لنگوٽي (ڌوتي) ۾ گذاري، پر پڇاڙي وارا ٽي سال صدري پاتائون، جيڪا رلي جهڙي ٿلهي هوندي هئي. اُها صدري پاڻ گرميءَ ۾ به پائي ويٺا هوندا هئا ۽ کين ڪو فرق ڪونه پوندو هو.

سائين پنهنجي يوڳ ٻل ۽ پرمارٿي جي ڪري ايڏا ته مضٻوط هئا جو مٿن مانسڪ توڙي شاريرڪ لحاظ کان ڪو اثر نه ٿيندو هو. بلا چڪ پاتو ۽ رت به پئي وهيو پر سائين جن کي خبر نه پئي. ڪنڊن لڳڻ ڪري پير رتو رت ٿي ويا هئس، پر اوڏي ڌيان به نٿي ويس شرير هوندي به شرير کان رهت هئا. هڪ ڀيري آشرم جي واڙ ۾ بيهي تپسيا پئي ڪيائون. آشرم ۾ ڪو به موجود نه هو، لڇمڻ داس ڪيسراڻي (1) بازار ويل هو، جيئن آشرم ۾ آيو ته ڏٺائين ته دروازي ڀرسان ڪنڊائين واڙ مٿان سائين هڪ ڀيانڪ روپ ۾ بيٺا هئا. لڇمڻ داس کي اچي ڊپ ورتو ۽ اُتي بيهي نه سگهيو سو ڪنهن ٻئي کي وٺڻ لاءِ اندر ويو. پر اُتي ڪوبه موجود نه هو. وري جيئن واپس واڙ ڏانهن وريو ته ايتري ۾ سائين پاڻ به پهچي ويا. اهو عجب لقاءُ ڏسي لڇمڻ داس سوچ ۾ پئجي ويو. اها ڳالهه گڻيس مل اُمرومل رامچنداڻي ٻُڌائي.

سائين نيڻو رام وشال ٻڌي ۽ گيان وارا هئا. اهو هر جيو آتما ۾ پرماتما کي ڏسندا هئا، تنهن ڪري هر جيو جنتو پکي، ٻوٽا، جانور مطلب ته سرشٽي جي هر ساهواري سان بي انتها پيار ڪندا هئا. آشرم ۾ رام تلاءُ جي اولهه واري ڪناري ته ٻه ڄاڙا نم جا وڻ هوندا هئا، انهن کي ”رام لڇمڻ“ چوندا هئا. اڄ به آرتيءَ جي وقت سڀ کان پهرين ڌوُنپ (کيرو) انهن وڻن جي نشان اڳيان ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته سائين جي پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ اُهي پاڻمرادو آهستي آهستي ختم ٿي ويا. پورڻ ڀارتي آشرم واري ڄار، جنهن جي هيٺان سائين جن ويهندا هئا، اُن کي جانڪي ماتا ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ ڪنڊيءَ جو وڻ، جيڪو رام تلاءُ جي ڏاکڻين پاسي آهي، اُن کي بدري نارائڻ ۽ ٻين ٻن وڻن کي گنگا ۽ جمنا ڪري ليکيندا هئا. اُن کان سواءِ پکين جا به نالا رکيل هئا. پکين سان به بي انتها پريم هوندو هو. پکين کي مٺايون هٿن جي تريءَ تي رکي کارائيندا هئا

ڪنهن جي سنگت وزير سان، ڪنهن جي جنرل سان ته ڪنهن جي ڪرنل سان، ڪنهن جي ياري وڏيري سان ته ڪنهن جي سيٺ سان. مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن جي سنگت ڪنهن نه ڪنهن سان آهي ئي آهي. ڪوشش ڪري هرڪو ماڻهو سنگت اهڙي ماڻهو سان رکندو آهي جيڪو سڀاڻي ڪم جو به ٿئي ۽ مشڪل ۾ ڪم به اچي. چوندا آهن ته سنگت نالو ئي اُن جو ته آهي. دنيا ۾ اِهو ڪافي قدر گهٽ ڏٺو ويو آهي جو ڪو اهڙي ماڻهو سان سنگت رکي جنهن کي اُن جي ضرورت هجي پر اهي سنت مهاتمائون دنيا کان بلڪل نرالا هوندا آهن. انهن جي سنگت اهڙي هوندي آهي، جنهن جي ڀيٽ ٻيءَ ڪنهن سنگت سان نٿي ڪري سگهجي. درويشن جي سنگت انهن سان هوندي آهي جنهن کي درويشن جي ضرورت هوندي آهي. سائين نيڻو رام جي سنگت بي زبان جانورن ۽ ٻوٽن سان هوندي هئي. سموري زندگي انهن جي پرگهور پيا لهندا هئا. سائين جن جي سنگت ڍڳي، ڪتي، ٻلي، گڏهه، مور، سرڻ، نانگ، ڪانءَ، ڪبوتر، ۽ ٻين جانورن سان هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو اُنهن کي تڪليف ڏيندو هو ته سائين جن کان برداشت نه ٿيندو هو. سڄو ڏينهن پيا پکين کي مٺايون ۽ مانيون کارائيندا هئا، جانورن کي پيا پاڻي پياريندا هئا، چارو کارائيندا هئا ۽ نانگن کي پيا کير پياريندا هئا. جـات همـاري آتما، پرميشـور پريوار سڳا همارا سنت هـي، سر پر سرجڻهار شروع ۾ آشرم کي ڏيوري جي پويان پوکيل ٻيرن جي وڻ تائين واڙ ڏنل هوندي هئي. دروازو به تقريبن اتي ئي هوندو هو. جانورن جي پاڻي پيئڻ جي لاءِ سيمينٽ جون هوديون سائين نيڻو رام جن ٺهرايون هيون، سي به اِتي ئي دروازي جي ويجهو هونديون هيون. سو ڪنهن جاهل الائجي ڇا سوچي ڪجهه عرصو پهرين ڊهرائي ڇڏيون. هڪ رات جو جڏهن چاندارام لوڙهي جو دروازو بند پئي ڪيو ته سائين نيڻو رام کيس منع ڪندي چيو ته دروازو بند نه ڪر، منهنجا سنگتي اچڻا آهن تنهن ڪري چاندارام دروازو کليل ڇڏي ڏنو. ٿوري دير کان پوءِ در تي گڏهه آيا. سائين چيو، �اچي ويا منهنجا سنگتي! گڏهن پاڻي پي ورتو. گڏهن کي سندن پڇ وٽان پاڃاري ٻڌجڻ ڪري ۽ کوهه واري جي لٺين لڳڻ ڪري زخم ٿيل هئا. اُهي زخم ڏسي سائين جن کي مٿن ڪهل آئي ۽ پنهنجي هٿ سان اُنهن جي زخمن تان هٿ ڦيريندا رهيا. اُنهن بي زبان جانورن کي سڄي ڏينهن مار کائڻ کان پوءِ پيار جي هٿ، اُهو به وري سائين نيڻورام جي صدق ڀري هٿ ڏاڍي راحت پئي بخشي. ٿوري دير کان پوءِ اُهي سنگتي هليا ويا ته چاندارام دروازو بند ڪرڻ لاءِ اٿيو ته کيس سائين جن وري منع ڪندي چيو ته اڃا هڪ سنگتي رهي ٿو. ٿوري دير کان پوءِ اُهو به آيو، سائين اُن تي مهر جو هٿ ڦيري، دکڙا دور ڪري روانو ڪيو، جيڪڏهن ڪنهن گهر جو ڀاتي رات جو ٻاهر ويندو آهي ته پويان سندس انتظار پري جي ڳالهه آهي پر گهر جا ڀاتي دروازو بند ڪري مزي سان سمهي پوندا آهن. جوکين خبر هوندي آهي ته پاڻهي اچي در کڙڪائيندو. اِهي آهن سنت مهاتمائون جنهن جيو کي پنهنجو سنگتي ڪوٺين، جنهن کي هر ڪو ماري انهن جو به انتظار ڪندا آهن. اڳي ماڻهن ۾ ايڏي لالچ نه هوندي هئي، بس 2 رپيا اٽي جا ڪمائي، دڪان بند ڪري وڃي هري گڻ ڳائيندا هئا. سائين جن جي آشرم ۾ روز رات جو ستسنگ لاءِ ايندڙ هڪ ڀڳت اٽي جا پئسا ڪڍي سوچڻ لڳو ۽ ٻئي ڪنهن ڀڳت کي چيائين ته ڇو نه هلي سائين نيڻو رام جن وٽ ستسنگ ڪجي ۽ کائنس ٽڪيون (ڏئيتڙا) وٺي هلي کائجن. ٻئي ڄڻا دڪان بند ڪري سائين جن وٽ آيا ته سائين ڀليڪار ڪري کين تنبورو ڏنو ۽ چيائون ته هاڻي هري جا گڻ ڳايو. ستسنگ شروع ٿيو. سائين نيڻو رام ٻئي ڪنهن شيوا ڌاري کي 4 رپيا ڏيئي ڪلو ڏئيتڙا وٺي اچڻ لاءِ بازار موڪليو ته ستسنگي دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳا ته رات جي ستسنگ وانگر ٽڪيون ورهائبيون ۽ اسان هينئر بس 2 ڄڻا آهيون، ڍؤ ڪري کائينداسين. ٽڪيون آيون ته سائين جن ماٺ ميٺ ۾ بالٽي ۾ وجهي ڪُتن کي کارائي آيا. ستسنگين سمجهيو ته ٽڪيون اسان لاءِ بچايون هوندائون. ستسنگ سماپت ٿيڻ تي ته سائين جن ڀڳتن کان پڇيو هُو چانهه پيئندا؟ ته ڀڳتن پڇيو ته سائين ٽڪيون رکيون هيون اُهي ڪاڏي ويون. تنهن تي سائين جن چيو ته اُهي ته منهنجا سنگتي کائي ويا. هنن ويچارن جي دل ته ٽڪين تي هئي پر پوءِ چانهه تي گذارو ڪيائون. سنتن ۽ مهاتمائن جي اها مهانتا آهي جو اُهي ههڙن ماڻهن کان وڌيڪ بي زبان ۽ معصوم جانورن کي ترجيع ڏين ٿا. سنت نيڻو رام جن وٽ هر ڪنهن جيو جنتوءَ جي لاءِ آهار هوندو هو. سائين جن جي ساتوڪي سڀاءُ جي ڪري تامسي گڻن وارا جيوءَ به ساتوڪي سڀاءِءَ سان رهندا هئا تنهن ڪري ساتوڪي کاڌو کائيندا هئا. سائين جن جنهن ڪمري ۾ رهندا هئا جتي هينئر نواس آستان آهي، اتي هڪ ڪچي ڪوٺي ‎ٺهيل هوندي هئي، جنهن ۾ سڄو ڏينهن ٿلها متارا ڪوئا پيا ڊوڙندا هئا. انهن جي کائڻ لاءِ ڪمري ۾ مانين جا ٽُڪر رکيا ويندا هئا جيڪي ڪوئا سڄو ڏينهن ڪمري ۾ کائيندا ۽ ڊوڙندا رهندا هئا. ڪوئن جي ڪري سامان، ڪتاب ۽ کاڌي جو ٻيو سامان بالٽين ۾ رکي ڇت ۾ بالٽيون ٽنگيون وينديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ٻلي آشرم ۾ آئي ڪوئن کي کائڻ لاءِ انهن جي پويان پئي ڊوڙي تنهن ڪري ڪوئا ٻرن ۾ لڪي ويا ۽ ٻاهر نڪتا به گهٽ ٿي. اهو ڏسي سائين نيڻو رام ڪنهن ڪولهي کي چئي ڪري ٻلي جهلائي ۽ اُن کي رسي سان کٽ جي پايي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ ڪنهن شيوا ڌاري کي هڪ برتن ۾ کير ۽ ٻئي ۾ نج گيهه ۾ چوري ڪيل ماني کڻي اچڻ جو چيو. ٻئي برتن ٻلي جي اڳيان رکيائون ۽ سندس پٺي تي هٿ ڦيرائيندا ويا. پهرين ٻلي ٿورو جهجهڪي پوءِ کائڻ پيئڻ شروع ڪري ڏنائين. سنت جن آهستي آهستي ٻلي کي انهي ڳالهه تي هيرايو ته ڇا کائڻ کپي ۽ ڇا نه کائڻ کپي پوءِ ٻلي کي ڇڏيو ويو. سائين جن جي محبت ڀري هٿ ڦيرڻ جي ڪري ٻليءَ جي اندر وِرتي ڦري ويئي. پوءِ ٻلي آشرم ۾ بي روڪ گهمندي پئي هئي پر ڪڏهن به ڪنهن ڪوئي جي پويان نه ڊوڙندي هئي. اها حقيقت آهي ته اُن کان پوءِ آشرم ۾ ٻلي ۽ ڪوئا پيا گهمندا ڦرندا ۽ کائيندا پيئندا هئا. سائين جن جي وقت ۾ آشرم ۾ ٽڪنڊين، ٻين ٻوٽن ۽ جهنگ جي ڪري نانگ، بلائون ۽ ڀٽون (وڇون) جام هوندا هئا پر اُهي ڪنهن کي ڏنگيندا ڪونه هئا. سرڳواسي تيجنداس ڪيولرام ڪوٽو ڪنهن سان ڳالهه ڪئي ته هڪ ڀيري مان رات جو سائين نيڻو رام وٽ آشرم ويس جيئن پير آشرم اندر رکڻ چاهيو ته ڏٺو ته سامهون رڳو ڀٽون ۽ نانگ بلائون هئا. هن ٻڌايو ته عجب اسرار ڏسي موٽي آيو. آشرم ۾ نانگ بلائون ايترا هوندا هئا جو سائين جي بدن تا گهمي لهي هليا ويندا هئا. هڪ نانگ اهڙو به وٽس ايندو هو جيڪو سائين جي جسم تان گهمي، پورو واس وٺي، لهي، کير پي هليو ويندو هو. هڪ دفعي سنت نيڻو رام جن آشرم ۾ پنهنجي کٽ تي ويٺا هئا ٻارن شيوا پئي ڪئي ته کين آشرم کي ڏنل ڪنڊي جي واڙ مان نانگ نڪرندي نظر آيو. ٻار ڊپ ۾ وٺي ڀڳا. سائين جن کين چيو ته ڊڄو نه. هي نانگ ڪنهن کي ڪجهه به نه ڪندو. هيڏانهن اچي منهنجي ڀر ۾ بيهو. ٻار سائين جي کٽ وٽ ٿي بيٺا ۽ پاڻ ڪنهن شيوا ڌاري کي چيائون ته کير کڻي اچ. شيواڌاري کير کڻي آيو ۽ جڏهن نانگ کير پي رهيو هو ته سائين نيڻو رام چيو هي اُهو مهاتما آهي، جنهن جي آشرم ۾ آئون ويٺو آهيان، مطلب ته سوامي پورڻ ڀارٿي مهاراج. هڪ دفعي ڪو مُکي پاڙي جو نارُو مل کجورومل جهنگ پئي ويو ته هُن آشرم جي پوئين پاسي نانگ ڏٺو ته ان کي مارڻ لاءِ اڪ جي ڪاٺي ٽوڙيائين. جيئن ڪاٺي ٽوڙي هُن پوئين پاسي ڏٺو ته هُتي ڪجهه به نه هو. هُو ٻئي ڏينهن وري ان طرف ويو تڏهن به ائين ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن به ائين ئي ٿيو. چوٿين ڏينهن هو بازار مان پئي گذريو ته سائين پنهنجي لٺ مٿي اولاري چيو، اڙي تون منهنجي سنگتيءَ سان ٿو لڙائي ڪرين! تڏهن مکي پڇيو ته سائين ڪهڙي سنگتي سان؟ سائين نيڻو رام تڏهن جيڪي ڪجهه مکي سان ٿيو هو اُها ڳالهه سربستي ٻڌائي. تڏهن مکي چيو ته سائين مون کي خبر به ناهي ته هُو ڪير هو. سائين جن کيس ٻڌايو ته هي توهان جو ڪُل ڏيو آهي يعني سوامي پورڻ ڀارٿي. جيڪو اصيل نانگ سائين نيڻو رام جي بدن جو واس وٺي ۽ کير پي ويندو هو اُهو اِهو ئي سوامي پورڻ ڀارٿي هو. سائين جن ڪڏهن به ڪنهن جيو جنتو کي مارڻ نه ڏيندا هئا پوءِ اُهو بلا يا نانگ ڪيڏو به خطرناڪ ڇو نه هجي هڪ ڀيري سائين جن آشرم ۾ ويٺا هئا ته ڪا بلا نظر آئي جنهن کي اتي ويٺل ٻن ڇوڪرن ڀڳڙومل سترامداس لالواڻي ۽ لڇمڻ داس سترام داس رڙلي واري جهليو. سائين جن مارڻ کان منع ڪري ٻاهر اُڇلي اچڻ لاءِ چيو. ڇوڪرا ها ڪري بلا کڻي ٻاهر نڪتا ته لڇمڻ داس، ڀڳڙي مل کي چيو ته سائين جن چيو ته هن کي مارجو نه پر بلا کي ڇڏي ڏينداسين ته وري ٻئي ڪنهن کي کائيندي. اُن کان سٺو آهي ته اِهڙو جيو ماريو ڀلو. ڀڳڙومل، لڇمڻ داس سان متفق ٿي ويو ۽ پٿر گڏ ڪري بلا کي آشرم کان پري وچ ميدان ۾ رکي ماري آيا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته سائين نيڻو رام کي خبر نه پوندي. پاڻ به چونداسين ته بلا کي ٻاهر ڇڏي آياسين. سو جيئن اُهي ٻيئي ڄڻا آشرم ۾ گهڙيا ته سائين جن کين هڪل ڪري چيو ته، �اڙي پاپيو توهان کي چيو هئم ته بلا کي نه مارجو، پوءِ ڇو ماريو؟� ٻنهي ڄڻن چيو ته، �سائين اسان ته ڪونه ماري آهي.� سائين جن وري کين دٻ پٽي چيو ته، �ڀاڙيا، پٿر هڻي ماري آيا آهيو. مون کي ڄڻ ته خبر به ناهي؟� انهي تي ٻئي ڇوڪرا چپ ٿي ويا. ان واقعي کان پوءِ جڏهن به آشرم ۾ نانگ، بلا يا وڇون نڪرندو هو ته اُهو ڪنهن کان کڻائي پاڻ گڏجي ٻاهر پري اڇلارائي ايندا هئا. سال 1967ع جي ڳالهه آهي، جڏهن ڀيرو مل شيوڪرام موٽواڻي ڪراچي ۾ نوڪري ڪندو هو. موڪل تي اسلام ڪوٽ آيل هو، سنت نيڻورام سان سندس اٿاهه شرڌا هئي، تنهن ڪري صبح جو 9 بجي پورڻ ڀارتي آشرم ۾ سائين جن کي نمسڪار ڪرڻ آيو هو ۽ اتان کيس جهنگ وڃڻ جو ويچار ٿيو. هو جيئن ئي جهنگ وڃي رهيو هو ته کيس رستي تي هڪ ڪارو اصيل نانگ سڌو سُمهيل نظر آيو. ڀيرو مل سمجهيو ته ڪنهن نانگ کي ماري رستي تي ماڻهن کي ڊڄارڻ لاءِ رکيو آهي. هُو جڏهن نانگ کان چند قدمن تي هو ته نانگ ۾ چرپر محسوس ڪيائين ۽ نانگ جيئن مٿو مٿي ڪيو ته ڀيرو مل جو �مٿيون مٿي ۽ هيٺيون هيٺ�، زبان خشڪ ٿي ويئي. هن جو جسم ڏڪڻ لڳو. ڀيرو مل هٿ ٻڌي نانگ ديوتا کي وينتي ڪئي ته جيڪڏهن تون اصيل هُجين ته سنت نيڻو رام جي نالي مون کي رستو ڏي. نانگ هڪدم رستو ڇڏي اکين کان اوجهل ٿي ويو. ڀيرو مل موٽواڻي واپس موٽي اچي سربستي ڳالهه نيڻو رام صاحب سان ڪئي تڏهن سنت صاحب کلي چيو ته بابا اِهو نانگ منهنجو سنگتي آهي ڏنگيندو ناهي، توکي اجايو ڊپ ورايو آهي. اِهو نانگ ديوتا ته اجهو هاڻي هتان مون کان ٿي پوءِ ويو هو. پورڻ ڀارٿي آشرم ۾، جتي رڳو جهنگ ئي جهنگ نظر ايندو هو، اُتي سنت نيڻو رام جن جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جي اچ وڃ ڪري ۽ ستسنگ ۽ شيواڀاءُ جي ڪارين جي ڪري سورڳ ڌام جو ڏيک ڏيڻ لڳو. اُتي هر قسم جا ٻوٽا ۽ وڻ هئا. ٿر ۾ بُک جا ماريل پکي داڻي ۽ پاڻيءَ جي بهاني آشرم ۾ چوڳو ۽ چؤنڪار ڪندا پيا نظر ايندا هئا. انهن ۾ ٿر جو ناياب پکي مور به 100 کان 150 کن جي تعداد ۾ ناچ ڪندي نظر ايندا هئا. ٻين ناياب سهڻن پکين وانگي مور به هميشه شڪاري جي گوليءَ جو نشانو بڻيل هوندو آهي. اُنهيءَ وقت ۾ آشرم جي اوڀر واري پاسي ميرن جي پراڻي ڪوٽ (قلعي) تي ٺاهيل پرائمري مين اسڪول (main school) ۾ ڪجهه شڪاري شڪار سانگي ترسيل هئا. منجهائن ڪنهن شڪاري مور کي گولي هڻي ماريو ته مور سِڌو اچي سائين جن جي هنج ۾ ڪريو. جيئن شڪاري مور کڻڻ لاءِ آيو ته سائين جن غصي ۾ ڳاڙهو ٿي چيو ته تو هڪ معصوم پکي کي بنان ڏوهه جي ماريو آهي انهي ڪري تون به هن مور وانگر گولي جو نشانو ٿيندين. ڪجهه ڏينهن ۾ اُهو شڪاري به گولي جو شڪار ٿي ويو. هڪ ڀيري ڪي سياح گهمڻ لاءِ اسلام ڪوٽ آيل هئا ۽ واپس ويندي ڪجهه آشرم جا مور پڪڙي گاڏين ۾ کڻي وڃي رهيا هئا، اُهي اڃا مٺيءَ ڏانهن رستي ويندي پهريون لڪ به نه ٽپيا ته گاڏيون هلندي بيهي رهيون جڏهن ته ٽائر گهميا پئي ۽ گاڏيون اڳيان چُريون ئي نٿي. اُهي 10، 15 گاڏيون سڀ ساڳئي نموني رستي تي بيهي رهيون ۽ سياح هيٺ لٿا ته سائين جن انهن جي اڳ ۾ اڳيئي بيٺا هئا. گاڏين وارا ماڻهو ٻاهر جا هئا جن کي ٿر جي علائقي جي ڪا خاص خبر نه هئي، سو سائين جن کان پڇيائون ته هتي ڪو پير فقير دفن آهي ڇا؟ جو گاڏيون هلن ئي نه ٿيون. سائين جن کين چيو ته، مان هتي جو رهاڪو آهيان، هتي ته ڪو به پير فقير دفن ناهي. ايتري ۾ گاڏي مان مورن جو آواز آيو تڏهن سائين جن چيو ته توهان مور کڻي وڃو ٿا؟ مور هتي جو پکي آهي، هن کي ڏسو ۽ لطف وٺو. باقي جيڪڏهن کڻي ويندا ته توهان کي مورن وارو ڇڏيندو به ڪونه. تڏهن همراهن لاچار ٿي مور لاهي، گاڏيون اسٽارٽ ڪيون ته گاڏيون هلڻ لڳيون. هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته آشرم ۾ ڪنهن ٺڪر (راجپوت) جُتي سان وڇونءَ (ڀٽون) کي ماريو ته سائين جن کيس گاريون ڏيئي، اُنهي وقت اُنهي ٺڪر کي ٻاهر نڪري وڃڻ جي لاءِ چيو تنهن تي ٺڪر چيو ته سائين وسيئر (زهريلو ڀٽون) ماريو ڀلو. سائين جن چيو، �توکي چڪ ته نه پاتائين جو تو هن کي ماريو. نڪر هتان، هل ٻاهر.�

پنهنجي حصي مان ڪجهه ٻين جي لاءِ ڪڍڻ، يا ٻين جي ڀلي لاءِ سوچڻ کي پرمارٿ چئبو آهي، پر پنهنجي هستيءَ کي ختم ڪري، پنهنجي ضرورت کي ڇڏي، ٻئي جي ضرورت پـوري ڪـرڻ واري کي پرم پرمارٿي چئبو آهي.

سنـت بَڙَي پرمارٿِي، شِيتَل اُن ڪي اَنگ،

تَپتَ بُجهاوَن اورن ڪي، جو دَي دَي اپنا رنگ.

جيڪي به سنت ۽ مهاتمائون ٿي گذريا آهن، تن مان تقريبن گهڻن کي مالڪ ۽ ڌرم سان ننڍي هوندي کان ئي پريت هوندي آهي، جيڪا گذريل جنم جي ڪرم انوسار ٿيندي آهي، سائين نيڻو رام جن جي اندر ۾ ننڍي هوندي کان ئي پرمارٿ ۽ ڌرم جو انش سمايل هو.

اَپني لِئـي مانگـوُن نهيـن، مانگون اَورَن ڪـي ڪاڄ،

پرمارٿ ڪي ڪارڻـَي، مانگـتـي مـجـهـي آئـي نهـيـن لاج.

سائين جن ۾ پرمارٿ جو جذبو ايترقدر هوندو هو جو جڏهن پنهنجي گرو ڪنيرام صاحب کان موڪل وٺي اسلام ڪوٽ آيا ته هر روز صبح جو ٻه بالٽيون، هڪ بالٽي شهر جي ٻارن ۾ ورهائڻ لاءِ پرساد (ڀُڄيا) ۽ ٻئي بالٽي ۾ سيڌي جي سامگري پاڻ کڻي ويندا هئا. پوءِ جڏهن آشرم ۾ رهڻ لڳا ته هڪ بالٽي پاڻ کڻندا هئا ۽ ٻي ڪنهن شيواڌاري کي ساڻس گڏجي کڻڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. هُو اهو سيڌو ڪڏهن جهامنداس پرسو مل نانڪاڻي جي ماءُ کي پچائڻ لاءِ ڏيندا هئا يا ڪڏهن وري سائين جن جي شيواڌارڻ (راڻي ٻائي) جي ڀيڻ (راڄي ٻائي) کي ڏيند اهئا. مانيون هميشه اِڪي انگ ۾ پچرائيندا هئا. سائين جن جي انهيءَ مان پرماتما جي هڪ هجڻ کي ظاهر ڪرائڻ چاهيندا هئا. مانيون پچرائي پهرين پکين کي کارائيندا هئا آسمان ڏانهن اُڇلائيندا هئا ۽ چوندا هئا:  اچو سنگتي اچو!  ته پکي لامارا ڏيئي، ماني ٽڪر جهٽي کڻي ويندا هئا. اُن کان سواءِ سائين شهر جي گهرن مان پکين جي پاڻي پيئڻ جي ڪونڊيءَ لاءِ پائلي (چار آنا) ۽ پاڻيءَ جي دلي لاءِ آڌيو (اَٺ آنا) وٺندا هئا، جنهن مان هر ڪو ٿڌو پاڻي پي آسائش وٺندو هو.

سائين نيڻو رام ڪڏهن ڪڏهن شهر مان هر دوڪان تان هڪ هڪ رپيو وٺڻ لاءِ پاڻ ايندا هئا. کين ايندو ڏسي ڪي بدنصيب دڪان ڇڏي هليا ويندا هئا ته جيئن رپيو ڏيڻ کان بچي وڃن. نيڻو رام کي اُنهن ماڻهن جي روپين جي ڪهڙي ضرورت، جنهن جا پنهنجا ڀنڊار ڀريل هجن. جنهن جي هڪ دٻيءَ مان ماڻهن جا ڪاڄ سِڌ ٿين، ڪهڙي به وقت ڪوبه جيڪي ڪجهه گهري اُن کي اُهو ملي. پر سائين نيڻو رام اسان کي پرمارٿ جي پاسي آڻڻ چاهيندا هئا. ماڻهن جون منوڪامنائون پوريون ٿينديون هيون ته اُهي هزارين رپيا کڻي کيس ڏيڻ ايندا هئا پر سائين نيڻو رام جن کانئن ڪجهه به نه وٺندا هئا. سائين نيڻو رام اسان کان ڪجهه به نه ٿي ورتو پر گهڻو ڪجهه پئي ڏنو. جنهن ڪڏهن فائدي وارو سودو ڪيو ئي نه هجي ته اُن کي گهاٽي ۾ به نفعو نظر ايندو هو.

سنت نيڻو رام جن جانورن جي پاڻي پيئڻ جي لاءِ سيمينٽ جون هوديون ٺهرايون ۽ شهري ماڻهن جي مدد سان رام تلاءُ تيار ڪيائون جنهن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو هو ۽ ڪافي ڏينهن تائين ماڻهو پاڻي پيا ڀريندا هئا. سائين جن پنهنجي هٿن سان پاڻيءَ جا جڳ ڀري ايندڙ ماڻهن جا دلا ڀري ڏيندا هئا. روزانو تقريبن مال جي پاڻي پيئڻ ۽ دلا ڀرڻ لاءِ 50-60 پخالون اينديون هيون. پوءِ ضرورت وڌي وڃڻ تي، سرڳيه سيٺ نهالچند رامچند پٻاڻي آشرم ۾ کوهه کوٽائي ڏنو. هڪ ڀيري پخالن جي نه اچڻ ڪري، مال جي هودين جو پاڻي ختم ٿي ويو ۽ ڍڳيون نراس ٿي پئي موٽيون. شام جو وقت هو کوهه به سڀ بند ٿي چڪا هئا. موهن لال مهاوجي مل ۽ ٻيو ڪو پريمي آشرم آيا پئي ته سائين جن پري کان کين هڪل ڪري چيو ته اندر نه اچجو. هتي مال جي لاءِ پهرين پخالون اينديون پوءِ توهان ايندا. اُنهن وراڻيو ته سائين هاڻي ته کوهه به بند ٿي ويا آهن، ڪٿان اينديون پکالون؟ پر سائين جن چيس ته ڪجهه به ڪريو، ڍڳيون نراش نه موٽڻ گهرجن، تنهن تي پريمي کوهن جي مالڪن ڏانهن ويا ۽ کانئن کوهه هلرائي، پخالون ڀرائي آشرم جون هوديون ڀرايائون، تڏهن سنت جن کي آرام آيو ۽ پريمين کي اچڻ جي اجازت ڏنائون.

هڪ ڀيري ڪا استري صدق وچان ميٿريءَ جا لڏون، نِج گيهه ۾ تيار ڪري برتن ۾ وجهي ڀڳت صاحب جن اڳيان اچي رکيا. سائين نيڻو رام جن، جنهن ڪڏهن ڪو سواد نه ورتو هجي ۽ نه ئي ڪا تمنا رکي هجي، جنهن جو من ۽ اِندريون پنهنجي وس ۾ هجن، اُهي ڇا ڪندا سوادي کاڌن کي!

سائين نيڻو رام اُهي لڏون کڻي پکين کي ڏيڻ لڳا. انهيءَ استري اِهو ڏسي حيران ٿي پڇيو ته ڀڳت صاحب هي توهان ڇا پيا ڪريو؟ مان اهي لڏون توهان لاءِ خاص نج گهر جي گيهه ۾ ٺاهي کڻي آئي آهيان، توهان وري اُهي پکين کي پيا ڏيو! تڏهن سائين جن چيو ته ڏيڪرا (پُٽ) اڄ ته تون هي لڏون کارائين ٿي، پر جيڪڏهن سڀاڻي منهنجو وري لڏوئن تي من ٿيو ته ڪير کارائيندو؟ تنهنڪري مَن کي اهڙو چشڪو چکائڻ ئي نه کپي. اهي لڏون انهن پکين کاڌا ته سمجهه مون کاڌا.

روکا سـوکا کاڪـي ٺنڊا پاني پِي،

ديک پرائي جهوپڙي نه للچا اپنا جِي.

اڄ ڪلهه هرڪو ماڻهو پنهنجي مفاد جو ٿو سوچي، هر ڪو پنهنجي لاءِ سٺو ٿو چاهي، هر ڪو سٺو ٿو کائي، ۽ سٺو ٿو پائي. ڀاءُ کي ڀاءُ جو احساس ناهي، اولاد کي مائٽ جو احساس ناهي، اتي ڪيڏا نه مهان آهن اُهي سنت جيڪي پنهنجو سڀ ڪجهه ٻين کي ارپڻ ٿاڪن.

هڪ ڀيري سيٺ نهالچند سنت جن لاءِ خاص طور ٻه لنگوٽيون (ڌوتيون) ٻاهران گهُرايون ۽ اُهي آشرم ۾ کڻي اچي سائين نيڻورام کي ڏنائون. سائين جن کانئس پڇيو ته ابا هي ڪنهن جي لاءِ آنديون آهن؟ تنهن تي سيٺ نهالچند وراڻيو ته سائين توهان جي لنگوٽي پراڻي ٿي پئي هئي ۽ ڦاٽي به پئي آهي. انهي لاءِ توهان لاءِ کڻي آيو آهيان، تنهن تي سائين نيڻورام جن چيو ته، تون کڻي آيو آهين ته رکي وڃ. سنياسين لاءِ ڇا نوان ڇا پراڻا! ٿوري دير کان پوءِ ڪو ڪولهي آشرم آيو ته سائين جن کانئس پڇيو ته ابا ڦاٽل وڳا پائي ويٺو آهين؟ تنهن تي ڪولهي چيو ته سائين غريب ماڻهو آهيان. راشن جا پئسا مشڪل سان ٿا پورا ٿين، سو ڪپڙن لاءِ ڪٿان آڻيان! سائين جن کيس هڪ لنگوٽي ڏني. همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. ساڳئي طريقي سان ٻي لنگوٽي به ڪنهن ميگهواڙ کي ڏيئي ڇڏيائون.

سائين نيڻو رام پاڻ ته ماني سدائين مرچن سان کائيندا هئا يا وري کاٽيو ماني کانئيندا هئا، پر جڏهن ڪو پريمي، پوءِ چاهي اُهو ڪاٺين وڪڻڻ وارو هجي، پخالي هجي، کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو هجي، ڪو شيواڌاري هجي يا ٻيو ڪوبه آشرم ۾ آيل هجي ته کيس ماني نج گيهه ۾ مهٽي چؤري ڪري کارائيندا هئا ۽ مٿان وري کنڊ وجهي ڏيندا هئا. پخالي، ڪاٺين وارن کي گهرج کان وڌيڪ پئسا ڏيندا ها. ان کان سواءِ کين ٻيڙين جي جهوڙي (1) سان گڏ ماچيس به ڏيندا هئا. ماڻهو عام طرح سودي وٺڻ کان پوءِ ڪوشش جيڪر اها ئي ڪندا آهن ته پئسا گهٽ ڏجن. ڪاٺين جو لڏو لاهڻ کان پوءِ ڪاٺين وارو خريدار کان ماني گهرندو آهي ته اُهي چوندا آهن، مُئا پئسا به ڏيون ۽ مانيون به کارايون، مٿو خراب ٿيو آهي ڇا؟ پرسنت نيڻو رام جو نمونو نيارو هوندو هو.

اڄڪلهه دنيا ۾ ڪو ماڻهو زمين جو انچ به ٻيءَ ڪنهن کي نه ٿو ڏئي، پاڻي جي بوتل به پئسن کان سواءِ نه ٿي ملي، اُتي اِهي سنت ئي آهن. جيڪي پنهنجو پورو سرير جيوَ جنتو کي ارپڻ ڪري ڇڏيندا آهن. پاڻي ته ننڍي ڳالهه آهي پر پنهنهجو رت چوسائڻ لاءِ به هر وقت تيار هوندا آهن.

سائين نيڻو رام جن آشرم ۾ سدائين هڪ واڻ جي کٽ تي ويٺل هوندا هئا، جنهن ۾ بيحد منگهڻ هوندا هئا، جيڪي رات ڏينهن پيا سائين جن جو رت چوسيندا هئا. ڪافي ڀيرا ڪجهه استرين سائين جن کي چيو ته هي کٽ اُس ۾ رکو ته جيئن منگهڻ مري وڃن يا ڀڄي وڃن، اهي بيڪار ۾ توهان جو رت ٿا چوسين. تنهن تي سائين جن چيو ته هيءُ جسم ائين ئي مٽيءَ جو پتلو آهي، هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اهو جسم منگهڻن جي جياپي لاءِ ڪم اچي ٿو ته اُنهيءَ ۾ ڪو هرج ناهي. مالڪ هنن کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن کي زنده رهڻ لاءِ ڪجهه ته کپي!

سائين نيڻو رام جو عجيب نمونو هوندو هو. ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي ته هيڏو سارو لنگر هلي پيو، پکين کي داڻا ۽ مٺايون کارايون پيون وڃن، جانورن کي چارو ڏنو پيو وڃي، مطلب ته  ڪيڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ  ملي پيو. جيڪو جهڙو سوال کڻي اچي پيو، ان جو سوال اوَس پورو پيو ٿئي، جنهن جي جهڙي ضرورت آهي اُها اُن جي پوري پئي ٿئي. خبر ڪانه پوندي هئي ته هيڏي ساري مانڊاڻ لاءِ پئسا ڪٿان ٿا اچن، ڪير آهي جو پيو پورائي ڪري؟ ڪافي ماڻهن سوچيو ۽ حساب لڳايو پر ڪاٿو ڪين پيا ڪري سگهن، سي آخر ۾ ائين چوندا هئا ته ڀنڊارا ڀريا پيا آهن.

پَلي ڪُڇ نهيـن بانـڌتـَي، پَنڇِي اور درويشَ،

جِس نُون تڪَيا رب دا، تِس نون رزق هميشه.

سائين جن رات جو ستسنگ ۾ ويٺا هوندا هئا ته ڀڳتن لاءِ پرساد طور ڏهينڙا ورهايا ويندا هئا ۽ مٿان چانهه پياريندا هئا. رامون مل ٽلو مل مٺائي واري ۽ کير واري کي سنت جن جو چيل هوندو هو ته رات جو جنهن به وقت سندس طرفان ڪوبه شيواڌاري اچي، اُن کي ڏهيتڙا ۽ کير ضرور ڏيڻو آهي. هڪ ڀيري رات جو دير تائين ستسنگ پئي هليو ته سائين جن شيواڌارين کي چيو ته اَبا ڀڳتن لاءِ چانهه تيار ڪريو. شيواڌاري سائين جن کان پئسا گهريا ته پاڻ چيائون ته کير واري کي چئجان ته پئسا سڀاڻي وٺي. تنهن تي شيواڌاري چيو ته سائين اڳي جا 25-30 روپيا رهيل آهن. سائين جن چيو ته چئجانس ته پئسا هينئر ڪونه آهن، سڀاڻي ڏينداسون. بهرحال شيواڌاري ويو ۽ کير وٺي آيو. صبح ٿي ته اُهو شيواڌاري جڏهن صبح جي چانهه لاءِ کير وٺڻ نڪتو ته سائين جن کيس 100 رپين جو ڪڙڪ نوٽ ڪڍي ڏنو. اُن وقت تائين اڃا ڪوبه نه آيو هو، خبر ناهي اُهو ڪڙڪ نوٽ سائين وٽ ڪٿان آيو. اُن زماني ۾ ماڻهو پئسن گهرڻ جي ڊپ کان کانئس پاسو ڏيئي ويندا هئا، ڇو جو 100 رپـيـا وڏي حيثيت رکنـدا هئـا جيڪي ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هونـدي هئي. پوءِ اُهي ڪٿان آيا سا خبر سائين کي ۽ مالڪ کي!

سائين نيڻو رام جن وٽ ڪافي سوالي ايندا هئا ۽ کين چوندا هئا ته سائين اڄ راشن جا پئسا ناهن، ڪجهه پئسا ڏيو ته وڃي ٻارن جي پالنا ڪريون. سائين جن کين چوندا هئا ته گهُر، ڪيترا گهرجن؟ ۽ سوالي جيترا گهرندو هو، سي سائين جن رلي هيٺيان هٿ وجهي ڪڍي ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته تنهنجي نصيب جا ايترا ئي هئا. رلي هيٺان جيڪي ڪجهه هو، اُن جي خبر سنت کي يا مالڪ کي!

هڪ ڀيري شيواڌاري آشرم ۾ ڪاٺين جو لڏو لهرايو ۽ اُن لاءِ سائين نيڻو رام جن کان پئسا گهريا. سائين جن نواس آستان جي ٻاهر اکنڊ ڌُوڻيءَ جي ڀر ۾، واڻ جي کٽ تي، ٺونٺ ويهاڻي تي رکي ويٺا هئا. سو پاڻ وهاڻو اڳيان کان کڻي پاسي کان رکيائون ۽ وهاڻي جي هيٺان هٿ وجهي، جيڪي پئسا کپيا ٿي اُهي ڪڍي کيس ڏنائون. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي تي وهاڻو رکيائون ته وهاڻي هيٺ پئسا ڪٿان آيا؟

سائين نيڻو رام جن جا دروازا سدائين کليا پيا هوندا هئا. پوءِ چاهي ڪو ڪيڏي مهل اچي، ناڪار جي ڪا ڪار نه هوندي هئي. هڪ ڀيري شام جي وقت ڪو غريب ماڻهو سائين جن وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين ڏاڍي بک لڳي آهي. تنهن تي سائين جن چيو ته هينئر منهنجي ڪا زال ويٺي آهي ڇا جو تو لاءِ ماني پچرايان! سوالي ٿورو مايوس ٿي واپس وڃڻ لڳو. کيس ڪهڙي خبر ته سائين جن ڪي مستيءَ ۾ آهن. جلد ئي سائين جن واپس اچڻ لاءِ سڏ ڪيو ته همراهه آيو. سائين جن رلي هيٺان هٿ وجهي ماني ڪڍي ڏني ۽ چيائون ته هي وٺ ماني، منهنجي زال ڏئي ويئي آهي. رلي هيٺيان ماني ڪٿان آئي؟ بس ڪنهن کي خالي ناهي موٽائڻو ته پوءِ ماني ڪيئن به کارائڻي آهي.

اسلام ڪوٽ ۾ صوبدار بجير وٽرنري اسپتال ۾ هڪ ننڍو ملازم هو جنهن جي تڏهن پگهار تمام ٿوري يعني چاليهه روپيا کن ماهوار هئي. هڪ ڏينهن جڏهن سندس ماءُ گذاري ويئي ته غربت سبب وٽس ڪو به پئسو نه هو، سو ساڻس گڏ نوڪري ڪندڙ کيم چند وسنداڻي سان صلاح ڪيائين ته پئسو ته آهي ڪونه، تنهن ڪري وڃي ٿو سنت جن جي در تي صدا هڻان. کيم چند، صوبدار کي همٿايو ته ضرور وڃ. تنهن وقت، سنت جون ڪرامتون عام طور تي ماڻهن جي ڄاڻ هيٺ ڪونه هيون. صوبدار تي سنت جن اڳ ۾ ئي راضي هئا جو صوبدار آشرم ۾ اچي ٽهل ٽڪور وارو ڪم ڪندو رهندو هو ۽ حاضري ڀريندو رهندو هو. دل ٻڌي سنت جن جي شرنن ۾ حاضر ٿيو ۽ نمسڪار ڪري ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ سنت جن صوبدار کان ساهي پٽڻ بعد حال احوال ورتو. صوبدار سموري حقيقت ڪري ٻڌائي سنت پاتل لنگوٽي مان هڪ دٻلي ڪڍي صوبدار جي حوالي ڪندي کين ٻڌايو ته هن ۾ پيسا اٿيئي پر منجهانس سڀ پئسا نه ڪڍجان. ضرورت آهر آڱر سان نوٽ ڪڍي ڪم آڻجان ۽ دٻلي کي ڍڪ ڏيئي سنڀالي رکجان. ايئن صوبدار جي ماءُ واري ڪاج کان پوءِ ڪجهه ڏينهن رکي صوبدار جي زال چيس ته هاڻي ڪارج سِڌ ٿي ويو، دٻلي کولي ڏس پئسا سڀ ڪڍي وٺون. پر کولين ته دٻلي خالي لڳي پيئي آهي. واپس سنت وٽ کڻي ويو. سنت چيس ته کولين نه ها ته سڄي ڄمار پيو کائين ها. هاڻي ڪجهه به نه ٿي سگهندو، وڃ.

سائين جن جي ڪو پنهنجي ڪمائي نه هوندي هئي پر هر مهيني سائين جي نالي سان مني آرڊر (money order) ايندو هو پوءِ ڪير موڪليندو هو سو کيس خبر ناهي ۽ هيڏو سارو خرچو ڪيئن پيو نڪرندو هو سو مٿين ڳالهين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين نيڻو رام جا ڀنڊار ڪيترا ڀريل هئا.

انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي شين جي ضرورت هوندي آهي. ڪي ضرورتون گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪي ڪامنائن جي ڄار ۾ ڦاسندا ويندا آهن. ڪجهه ضرورتون ته ماڻهو پنهنجي وس پوريون ڪري ڇڏيندو آهي، ته ڪي وري وَس کان مٿي هونديون آهن، جن لاءِ ماڻهو مالڪ جي در يا مالڪ جي بندن يعني سنتن ۽ مهاتمائن جي در ٻاڏائيندو آهي. مالڪ جي درٻار ۾ هر ڪنهن جي ايڏي حجت نه هوندي آهي، پر سنتن وٽان منو ڪامنائون پوريون ڪرائڻ سولو هوندو آهي ڇو جو انهن جو پرماتما سان سڌو رستو ڳنڍيل هوندو آهي، صرف ها ڪرڻ يا  تـَٿـَا اَستُوَ  چوڻ جي دير هوندي آهي. اهڙي نموني سائين جن جي در سوالين جون قطارون لڳيون پيون هونديون هيون. هر ڪنهن جـي جهولـي ڀـربـي هئي پر شرط اهو هوندو هو ته شرڌا ۽ شيوا هجي، سائين شرڌا ۽ شيـوا جـو امتحـان به وٺندا هئا. سائين اُن جي دل ۾ جيوَ شيـوا جو جذبـو ڏسڻ لاءِ امتحان وٺندو هو. جيڪڏهن پرمارٿ جي لاءِ هٿ کليل هـوندا هئا ته سائيـن جي مهر جا ڀنڊار کُلي ويندا هئا. سائين جن کان پوءِ به ڪيترن جون جهوليون ڀرجندي ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن.

سيٺ پرسو مل ڏيالداس نانڪاڻي کي شادي ڪئي ڪيئي سال ٿي ويا پر اولاد ڪونه ٿي ٿيس. سنت نيڻو رام جن پاڻ پاران (پرسو مل جي چاچي) جي گهر ستسنگ ڪرڻ پيا ايندا هئا، اتي پرسو مل جي ماءُ هريان ــ ٻائي سنت جن کي پنهنجي پٽ پرسو مل کي پٽ پيدا ٿيڻ جي لاءِ پرارٿنا ڪئي ته سنت جن اها پرارٿنا قبول ڪري چيو ٻولو  ڪرشن ديو ڪي جئه . جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي بس نون مهينن بعد سيٺ پرسو مل جو گود پُٽ جي اولاد سان ڀرجي ويو، جنهن جو نالو پريم سان پرڀو رکيو جيڪو هن وقت 45 سال کن جو ٿيندو ۽ هينئر احمد آباد جي هري اوم مارڪيٽ ۾ ڪپڙي جو ناميارو واپاري آهي. سيٺ پرسو مل کي پوءِ ٻيو اولاد ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ جهامنداس ٿيو جيڪو اسلام ڪوٽ ۾ رهندو آهي.

سيٺ ڪستورچند بچاڻي مهيشوري مٺيءَ جي رهواسيءَ کي پڻ شادي بعد ڪيئي سالن تائين اولاد ڪونه ٿيو. نيٺ اچي سنتن جي شرڻ پيو ۽ شش ٿيو. انهيءَ ڪستور چند تي پوءِ سنت جي ديا سان ايشور احسان ڪيو، کيس پٽ جو اولاد ٿيو ۽ پوءِ ٻيو اولاد به ٿيس. ڪستورچند جي ڪٽنب وارا اڄ به سنت نيڻورام جا شرڌالو آهن ۽ هاڻي نئون ڪوٽ جا وڏا واپاري ليکجن ٿا.

سيٺ بصر مل تلوڪچند لهاڻي وارا اصل ڏيپلي جا هئا، پر ڌنڌي سانگي لڏي اچي ڪلوئي ڳوٺ ۾ رهيا. سيٺ بصر مل کي شاديءَ کان پوءِ 20 سالن تائين اولاد ڪونه ٿيو هو، هُو سنت جن جي مهما جي هاڪ ٻڌي ڪلوئي کان اسلام ڪوٽ ڪهي آيو ۽ اچي سنت جن کي وينتي ڪئي ته،  ڪرشن ديو ڪي جئه هو  جو نعرو گونجڻ لڳو جهڙوڪر پروانو ملي ويو. بس سيٺ بصر مل کي نَون مهينن کان پوءِ پٽ پيدا ٿيو، جيڪو ڪرشن لال جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ حب (ڪوهستان) ۾ رهندڙ آهي. سيٺ بصر مل اُنهيءَ خوشي ۾ سنت جن وٽ انهيءَ وقت جڏهن پئسي جو وڏو قدر هوندو هو، تڏهن ويهه هزار روپيا ڀيٽا طور پيش ڪرڻ لاءِ کڻي آيو، پر سنت جن پئسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ سيٺ بصر مل وينتي ڪئي ته پئسا نٿا وٺو ته مون کي آشرم جي چوڌاري ڏنل واڙ جي جاءِ تي پڪي ديوار ڏيارڻ جي آگيا ڏيڻ جي ڪرپا ڪئي وڃي. سنت جن اها ڳالهه پڻ قبول ڪونه ڪئي ۽ سيٺ کي پئسن سميت موٽائي ڇڏيائون. سيٺ بصرمل وارن جو اڄ پڻ سنت جن سان صدق آهي.

سنت جن جي ٻارهن ڏينهن تي ٿيندڙ يگيه ۾ فقير محمد قاسم شرڪت ڪئي هئي ۽ سنت جن جي سماديءَ تي پُٽ جي اولاد ٿيڻ جي وينتي ڪئي هئائين. اندر ئي اندر آواز محسوس ڪيائين  ڪرشن ديوَ ڪي جئه  بس فقير قاسم جو ڪم ٿي ويو. نون مهينن کانپوءِ کيس پٽ جو اولاد ٿيو ۽ اُن کان پوءِ ڪُل ٽي ٻار ڄاوَس. فقير قاسم کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ شالمين ٿيو جيڪو هن وقت ديهه سونٺي تعلقي سامارو جو زميندار آهي ۽ سنت جن جو شيوڪ آهي.

هڪ مهاراجڻ سائين جن جي شيواڌارڻ هوندي هئي. کيس ڪوبه اولاد نه هو توڙي جو شاديءَ کي ته ڪافي وقت گذري چڪو هو. هڪ ڀيري سائين جن وٽ آئي ۽ وينتي ڪرڻ لڳي ته ڀڳت صاحب سير مٽيءَ جي بيکارڻ آهيان؟ سائين ٿوري دير کان پوءِ سوچي چوڻ لڳا ته تنهنجي نصيب ۾ اولاد جو سُک لکيل ناهي. مهاراجڻ وري وينتي ڪيس ته توهان مالڪ جي پيارن کان نصيب ڏاڍا آهن ڇا؟ توهان جيڪي چاهيو، سو ڪري سگهو ٿا. سائين چيو ته هن جنم ڇا پر ستن جنمن تائين تنهنجي ڀاڳ ۾ اولاد ناهي. مهاراجڻ وري نماڻي وينتي ڪئي. سائين جن چيو ته ٺيڪ آهي، تون گهڻو چئين ٿي ته اولاد ٿيندو پر توکي اُن مان اولاد جو سُک نه ملندو. مهاراجڻ اُهو به قبول ڪيو ۽ چيائين ته اهوئي صحيح آهي. اڻ هوند کان هوند ڀلي. پوءِ جو لکيو پوءِ سان. سائين جن جي ديا سان مهاراجڻ جي نصيب ڦيرو کاڌو. مهاراجڻ کي اولاد ته ٿيو پر ذهني طور معذور هو ۽ آهي. ايترو لائق به ناهي جو ماءُ کي ڪمائي کارائي يا سندس شادي ٿي سگهي. هُو سائين جو ڏنل، ماءُ جو لال زنده آهي ۽ اڃا به روزانو ماءُ سان گڏ آشرم ڪٿا تي ايندو آهي.

هڪ پريمي ٻڌائي پيو ته سائين جن جي حياتيءَ جي وقت ۾ اسين ننڍا هوندا هئاسين. اسڪول مان ڀڄي يا پاڻي پيئڻ جي موڪل وٺي آشرم ۾ پاڻي پي، سائين جن کان پرساد وٺي، خرچي وٺندا هئاسين. هر روز تقريبن 50-60 ٻار ايندا هئا ۽ سائين جن سڀني کي پرساد ۽ خرچي ڏيندا هئا. ان وقت ۾ جڏهن ته گهران 10-5 پئسا خرچي ملندي هئي. تڏهن سائين سدائين هر ٻار کي 50-25 پئسا خرچي ڏيندا هئا. سائين جن جڏهن شهر ۾ نڪرندا هئا ته به ٻارن کي خرچي ڏيندا هئا. اُن پريمي جي چوڻ مطابق، سائين سدائين خرچي ڏيندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن چوند اهئا ته اڄ نه آهن، سڀاڻي وٺجو. پر اسان نڀاڳا، خرچي جا بُکيا، بي عقل ٻاروتڻي ۾ پٿر کڻي چوند اهئاسين ته ڏاڏا خرچي ڏيو ٿا يا هڻون پٿر. سائين چوندو هو: نه پٽ توهان ڪرشن ڪنعيي جو روپ آهيو، توهان ڪاوڙ نه ڪريو، اچو هي وٺو خرچي!  اڄڪلهه دنيا وارا جڏهن پٿر جي بدلي پٿر ٿا ڏيکارين، ڪاوڙ ڪرڻ تي مائٽ ٻارن کي ٿا مارين، پر، اهي سنت مهاتما ئي آهن جيڪي پٿر جي بدلي پئسا ٿا ڏين.

سائين نيڻو رام جن سادگي پسند هوندا هئا. دنيوي ڏيکاءُ کان پري هوندا هئا. ڪو جيڪڏهن تعريف بيان ڪندو هو ته کيس روڪي ڇڏيندا هئا. پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ به پسند نه ڪندا هئا ۽ ڳجهه ۾ رهڻ چاهيندا هئا.

هڪ ڀيري ننگر پارڪر جو ڪو پريمي سائين جن وٽ آيو ۽ کيس ارداس ڪيائين ته سائين ڳوٺ هلي، اسان جي گهر ستنگ ڪريو. سائين جن وراڻيو ته ڀڳت سڀ هنڌ موجود آهن. اُتي ئي ڪنهن کان ستسنگ ڪرائي وٺو. پريمي زور ڪيو پر سائين نيڻو رام جن چيس ته هينئر نه وري ٻئي ڪنهن ڀيري. پريمي واپس وري ڳوٺ هليو ويو. هو ٻئي ڀيري وري آيو ۽ سائين جن سان ساڳي ڳالهه ڪيائين ۽ چيائين ٻين ڀگتن کي ڇڏيو. توهان هلي ستسنگ ڪريو، تنهن تي سائين جن هلڻ جي هاڪار ڪئي. ان ڏينهن ننگر پارڪر ڏانهن ويندڙ گاڏي جو وارو ڪو نه هو تنهن ڪري هو خاص ڪيڪڙو (لاريءَ) ڀاڙي تي ٻڌي وٺي آيو. پر سائين جن ڪيڪڙي ۾ هلڻ جي بدران چيو ته تون هلي پُهچ آئون پويان اچان ٿو. پريمي گهڻو ئي اسرار ڪيو ته سائين گاڏي ۾ هلئون، ڀڳت صاحب وري چيو ته پهرين تون هل آئون پاڻهي پهچان ٿو. پريمي نا اُميد ٿي موٽي ويو ۽ سمجهيائين ته سائين جن جي هلڻ جو ارادو ناهي، ائين ئي پيو ٺڳي. پريمي مايوس ٿي اُنهي ڏينهن گهر پهتو ته اچي ڏسي ته سائين نيڻو رام اڳ ۾ ئي اُتي ويٺا هئا. پريمي ڏاڍو خوش ٿيو. سائين جن پڇيو ته ڪٿي آهي تنهنجو ستسنگ؟ پريمي ستسنگ جو انتظام رکيو ۽ رات جو سٺي نموني ستسنگ جي موج متي. ٻئي ڏينهن تي سائين جن واپس ڳوٺ آيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُهو پريمي وري سائين جن وٽ سندن مهما لکي آيو ۽ اچي آشرم ۾ ڳائي ٻڌايائين. هن مهما ڳائي ختم ڪئي ته سائين نيڻو رام ڪاوڙ ۾ کيس اٿاري روانو ڪري ڇڏيو ۽ چيائون ته هاڻي هتي وري نه اچجان. هن پوءِ معافي گهري جان ڇڏائي.

سائين نيڻو رام جن کي ڪو وڏي نالي سان مخاطب ٿيندو هو ته چوندا هئا،  مون کي نيڻو چئو يا نيڻيو چئو. وڏو نالو منهنجي مالڪ جو، جنهن سڄي دنيا کي اُپايو آهي.  ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجو وڏو نالو وٺڻ نه ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪي سوالي ايندا هئا انهن کي چوندا هئا ته بابا مان ڪجهه به ناهيان. مون پويان ڇو لڳا آهيو. وڃي مالڪ کان گهرو جيڪو سڀ جو ڏاتار آهي، جيڪو سڀني کي ٿو ڏي. سندس اڳيان وڃي جهول جهلو. ماڻهو چوندا هئا اِهو برابر آهي پر اسان جي توهان ۾ شرڌا آهي.

هڪ ڀيري سيٺ نهالچند صبح جو سائين جن سان اچي ڳالهه ڪئي ته سائين، مون کي آشرم ۾ پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ کوهه کوٽائڻو آهي، ڪٿي کوٽايان؟ سائين جن چيو ته کوهه ڀلي کوٽاءِ پر اهڙي نموني سان جو کوهه مان پاڻي ڇڪڻ لاءِ گڏهه وارو نه ڇڪين ۽ گگدام جانور کي تڪليف ڏيئي کوهه کوٽائڻ جو ڪو فائدو نه آهي جو اهو ڌرم جو ڪم نه ٿيندو. انهي ڪم لاءِ تون هُرلو لڳائجان. سيٺ نهالچند حامي ڀري. تنهن کان پوءِ سائين جن کوهه کوٽائڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان نشان هڻي ڏنو ۽ چيائون ته  هن هنڌ تي کوٽائيءَ ڪري گنگاجل ڪڍ. 

هرلو لڳائڻ سان سنت جن جو مقصد اهو احساس ڏيارڻ هو ته جانورن م به ساهه آهي ته جانورن کي مالڪ صرف بار کڻڻ يا ڪنهن جي پيٽ جي باهه بجهائڻ لاءِ نه پيدا ڪيو آهي، قدرت جا رنگ نرالا آهن. کوهه جو پاڻي ايڏو مٺو نڪتو، جنهن جي حد نه آهي. عام طرح ڪيڏو به صاف پاڻي ڇو نه هجي، گهڻي عرصي تائين رکڻ سان خراب ٿي ويندو آهي، اندر پونئرو (جيت) پئجي ويندو آهي، پر گنگا جي، انيل ڪنڊ ۽ آشرم جي کوهه جو پاڻي ڀلي ڪيترن سالن تائين رکي ڇو نه ڇڏجي خراب نه ٿيندو

سائين نيڻو رام جن جتي خطرناڪ جيوَ جنتُن، نانگن، بلائن يا وڇوئن وغيره کي به مارڻ نه ڏيندا هئا سو معصوم جانورن جو گوشت کائڻ ڪيئن ڏيندا. سائين جن تقريباً سموري ڳوٺ جي ماڻهن کي گوشت کائڻ کان روڪيندا هئا. جيڪو مهاتما وڻ مان ڏندڻ ٽوڙڻ کان روڪيندو هجي سو ڪيئن جانور جو گوشت کائڻ جي اجازت ڏيندو. ڇو جو هُو هر جيوَ آتما ۾ پرماتما کي پسندو آهي. سنت جن اڪثر اهو شعر به چوندا هئا:

سـڀ ۾ پنهـون پـاڻ، ڪونهـي ٻـيـو ٻروچ ري

پري نهارڻ پرين کي، هي به ڄٽن سندو ڄاڻ

نت سائين تو ساڻ، راتان ڏينهن روحل چوي.

ايتريقدر جو پنهنجي چرڻا امرت (ڪارا مرچ) به وئشڻو کي ڏيندا هئا پر اڄڪلهه جيڪو اچي سو پيو چرڻا امرت وٺي. ڪافي ماڻهن کان سائيـن جن گوشت کائڻ ڇـڏرايو هـو، اُنهن مان ڪي ڪي گوشت کائڻ ڇڏينـدا نه هئـا، پر پوءِ به چوندا هئا ته سائين ڪو نه ٿا کائون.

جئرامداس لکومل بُٽاڻي سائين جن جو پڪو پريمي هو. هُو سائين وٽ سدائين ايندو رهندو هو. سندس ڪٽنب وارا ڏينهن ڏيهاڙي کيٽپال ڏَيوَ لاءِ، جنهن جا اُهي پوئلڳ هئا، ٻڪري جو جهاٽڪو (ٻلي چاڙهڻ) ڪندا هئا. ڇوڪري جو مُنڻ ڪيائون ٿي ته جهاٽڪا ڪرڻ جو پروگرام هو، سائين جهاٽڪو ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ چيائون ته توهان پريشان نه ٿيو، ڪجهه نه ٿيندو. کيٽپال راجپوت آهي. مان پاڻهـي اُن کي مڃائيندس. يعني اِن ڳالهه لاءِ راضي ڪندس پوءِ هن جهاٽڪا ڪرڻ ڇڏيا ته سڀني پاڙي وارن به جهاٽڪو ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪنهن کي ڪجهه به نه ٿيو. ڪافي ماڻهو سائين نيڻو رام جن وٽ پٽ ٿيڻ جو سوال کڻي اينـدا هئا ته سائين نيڻو رام چوندا هئا ته گوشت ڇڏيو ته پٽ پاڻهي ٿيندو. جيئن گـوشت ڇڏينـدا هئا ته کين پٽ ٿيندو هو ۽ ڪي وري کائڻ شروع ڪندا هئا ته کين پريشاني ڏسڻي پوندي هئي.

ڀڳت ڀوڄراڄ به گوشت کائيندو هو، اُن کي به سائين نيڻو رام گوشت کائڻ ڇڏرايو. وري جڏهن ڊاڪٽرن کائڻ جي لاءِ ڇيو ته سائين نيڻو رام کين چيو ته اوهين کائو ڀلي پر اوهان کي وڻندو ڪونه سو اُهي کائيندا هئا پر من کائڻ تي راضي نه ٿيندو هو.

تُلـسي جتنا هَيتَ حَـرام سَي، اُتنا هَرِي سـَي هوءِ

سِيڌا جائيَ وئنڪُٺ ۾، تيرا پلا نه پڪڙي ڪوءِ

سائين نيڻو رام جن خاموش ۽ سادي طبعيت جا مالڪ هوندا هئا. تقريباً گهڻو وقت مون (ماٺ) ۾ گذاريندا هئا. جڏهن پاڻ اپديش ڏيندا هئا ته کل مک لهجي ۾ ڳالهائيندا هئا، جيئن سامهون واري ٻڌندڙ تي ڳالهه جو اثر ٿئي. سائين نيڻو رام غصي کانسواءِ گاريون به ڏيندا هئا. اِها ڪيفيت تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن ڪو صحيح نموني ڪم نه ڪندو هو. پر سائين جن جون گاريون به دعائن وانگر هونديون هيون. ڪافي واپاري چوندا هئا ته جنهن ڏينهن سائين جن جون گاريون ملنديون هيون، اُن ڏينهن ڪاروبار به سٺو ٿيندو هو. پر جڏهن گاريون نه ملنديون هيون ته پورو ڏينهن ڌنڌو به گهٽ ٿيندو هو. هڪ پريمي روزانو ايندو هو. سائين جن کيس ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان گاريون ڏيندا هئا. هن جو ڌنڌو اڳي جي بنسبت سٺو ٿيندو هو. هڪ ڏينهن پريمي آيو ته سائين جن کيس ڪجهه به نه چيو. هن سوچيو ته اڄ دعائون نه مليون ته ڌنڌو نه ٿيندو. سو سوچي سمجهي ائين ڪرڻ لڳو جيئن سنت جن گاريون ڏين. پر سائين جن ڪجهه نه چيس. پريمي دڪان تي ويو، ڌنڌو گهٽ ٿيو ته شام جو سائين جن وٽ آيو. تنهن تي سائين جن پڇيس، اڙي صبح جي وقت ڪهڙي مستي لڳائي ويٺو هئين؟ تڏهن پريمي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. تڏهن سائين جن چيو ته هاڻ وڃ تنهنجو ڌنڌو سدائين سٺو ٿيندو.

سائين نيڻو رام جنهن من جون واڳون مضبوط جهليون هجن ۽ من کي قابو رکيو هجي، ڪام، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار تي قابو پاتو هجي تنهن کي ڪروڌ ۽ غصو ڪيئن ٿئي. پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن جيوَ، جنتو کي ماري، ڪو ڪيل وچن ٽوڙي، ڪو وڏن جي عزت نه ڪري ته سائين جن ڪيئن بردشت ڪن؟ پوءِ ته جيڪو من ۾ ايندو هو سو چئي ڏيندا هئا.

هڪ ڀيري سائين نيڻو رام جن هڪ پريمي شيواڌاري ڪيولرام وانڪواڻي جي گهر ويا. ديوالي ويجهي هئي، تنهن ڪري گهر ۾ رنڱ روغن جو ڪم پئي هليو. اڳي ماڻهو اڇي چُن ۾ گُلي (Blue Powder) ملائي رنگ ڪندا هئا ته جيئن خوبصورتي وڌي، پر جڏهن سائين جن شيواڌاري ڪيول رام جي گهرآيا. ڏٺائون ته بلو رنگ ٿي رهيو هو تڏهن سائين جن چيائون ته رنگ مٽائي، صرف چُن ڪرايو. پريمي هڪدم سڄو رنگ مٽائي ٻيو رنگ ڪرڻ لاءِ مزدورن کي چيو ۽ پوءِ سائين کان سبب پڇيائون ته سائين جن چيو ته  نيرو رنگ غصي جي نشاني آهي. 

هڪ ڀيري ڀڳت ڀوڄراج جي گهر به اهو ئي رنگ ڪرايو پئي ويو. ڀڳت ڀوڄراج آيو ته رنگ ٿي چڪو هو. ڀڳت کي صحيح ته ڪونه لڳو پر پوءِ به مٽائڻ جو نه چيائين. پوءِ ڇا ٿيو جو گهر ۾ اشانتي وڌي ويئي، گهر جو واتا ورڻ بدلجي ويو. بغير ڪنهن ڳالهه جي بحث شروع ٿي ويندو هو. جڏهن ڀڳت کي ڳالهه سمجهه ۾ ويٺي، تڏهن هُن اهو رنگ مٽرائي ٻيو ڪرايو.

هڪ ڀيري ڀڳت ڪرشن جو پيءَ مکي راڻو مل هندستان ويل هو ڪنهن سبب جي ڪري هو واپس اچي نه سگهيو. تڏهن ٻائي راڻا سائين جن کان ان جو سبب پڇيو، تڏهن سائين جن چيو ته تون گهر ۾ ڪاراس ڪري ويٺي آهين ته هو ڪيئن ايندو؟ جڏهن راڻا ٻائي اهو رنگ مٽائي ٻيو ڪرايو ته راڻومل ڪجهه ڏينهن ۾ موٽي آيو. سائين نيري رنگ جو ڪپڙو پائڻ کان به منع ڪندا هئا.

 سنت نيڻو رام کي ديو لوڪ ٿئي ٽيٽيهه سال کن ٿيا آهن، سنت جن 15 سيپٽمبر1973ع برابر 16 بدو ٽيج انڌاري سنبت 2030ع جو ديو لوڪ ٿيا هئا. جنهن جو ساليانو ميلو سنت نيڻو رام آشرم ۾ 16-17 بڊو جو پوڄ هندو پنجائت اسلام ڪوٽ طرفان ٽيج انڌاري کان شروع ٿي ڪل ٻه ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڪمل طور تي هلندو رهندو آهي.

 هندستان ۾ هر مهيني ٽيج انڌاري تي گذريل پنجن سالن کان ڏيسا نارٿ گجرات ۾ ستسنگ ٿيندو آهي ۽ اِهو ڏهاڙو ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو اهي. جنهن ۾ گووند رتناڻي ۽ منڊلي پيش پيش هوندي آهي ۽ ڪيشو لال ڪيسراڻي پڻ دلچسپي رکـنـدڙ آهي ۽ ٻين شهري سڄڻن جون شيوائون شامل آهن.

 ڏيسا نارٿ گجرات ۾ شري ڪرشن مندر جي لڳ ڌرم شالا سامهون پراڻي پاور هائوس ايراضي ۾ سنت نيڻو رام هال ٺهيل آهي جنهن ۾ ٽيج انڌاري تي ستسنگ ٿيندو آهي ۽ اسلام ڪوٽ وانگيان سنت جو ميلو صرف هڪ ڏينهن چوٿ جي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اِهو ميلو اوائلي دور ۾ سيٺ شيوڪرام ڀاڳچند ويرسياڻي ۽ ايسرداس ڪيسراڻي وارن شروع ڪيو هو. 1996ع ۾ ايسرداس سرڳواس ٻڌارجڻ بعد سندس ڀاءُ ڪيشو لال جون شيوائون شامل ٿي ويو. ۽ 2005 ۾ سيٺ شيوڪرام جي سرڳواس ٿيڻ بعد سندس پٽ لڇمڻداس ۽ شهر جا ٻيا سڄڻ ٽيج ملهائڻ وارا جهڙوڪ گووند راءِ رتناڻي ۽ ٻيا نوجوان ميلي کي مچايو ويٺا آهن.

 ڏيسا کانپوءِ هندستان ۾ احمد آباد ٻيو اهڙو هنڌ آهي جتي ڊاڪٽر مکي مهاديو اوڌوداس ۽ مکي جسونت راءِ وارا هر مهيني اونداهي جي ٽيج جو سنت جي نالي ستسنگ ڪرائيندا آهن ۽ اهو ڏهاڙو شرڌا ۽ سچي سڪ سان صحيح طور تي ملهائيندا آهن.

 انهي کانسواءِ پنهنجي صوبي سنڌ جي ڪراچي ۾ پڻ هر مهيني سنت جي ٽيج جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان سوامي نارائڻ مندر ۾ ملهائيندا آهن، جنهن جا مک اڳواڻ قيمت راءِ ماڌاڻي، ڊاڪٽر راجا بٽاڻي، مهيش جئراماڻي، ڊاڪٽر گوتم ڪيساڻي، وڪرم سوني، ڊاڪٽر مدن وانڪواڻي ۽ ٻيا ساٿي شامل آهن، جيڪي ٽيج جو ڏهاڙو ملهائي جس جا ڀاڳي ٿيا آهن.

 ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد وارا حُبدار پڻ انهي ڏهاڙي کي ڌام ڌوم سان ٻاهران ستسنگي ڀڳت گهُرائي شاندار ستسنگ ڪرائي ملهائيندا رهن ٿا، جنهن ۾ امر وسنداڻي ۽ سندس ساٿي شامل آهن جيڪي جس لهڻن.

 حيدرآباد کان پوءِ ماتلي ۾ مجاهدن ٽيج جو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو آهي جنهن جو سهرو آتما رام پرسومل ماڌاڻي ۽ سندس ساٿين جي سر آهي جيڪي ڌنيواد جا حقدار آهن.

 ٽنڊو غلام علي وارا انهي ڏس ۾ پڻ پتوڙي رهيا آهن جنهن ۾ موهن لال ويرسي مل ماڌواڻي ۽ سندس ساٿي. سائين هرجي مل ۽ گرڌاري لال ڀارومل پڻ پيش پيش آهن.

 ٿورو عرصو ٿيندو جو جهڏي وارن دادا ٽيڪچند ۽ هريرام ڀاڳچند وارن ٽيج جو ڏهاڙو ملهائڻ جو موقعو حاصل ڪيو آهي. ڏاڍي اُڪير سان انهي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن.

انهي نموني سنت جن جو ڏيهاڙو جتي اسلام ڪوٽ وارا آهن، اتي ملهائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ اها اميد آهي ته جتي اسلام ڪوٽ وارا هوندا اتي سڀني هنڌن تي سنت جا ڏهاڙا ۽ ميلا مچندا رهندا

جئہ شري رام

سنت شرومڻي نيڻورام جي گرو جو نالو ڪنيرام صاحب هو. ڪنيرام صاحب ذات جکڙ، جاٽ قوم جا هئا سندس گرو جو نالو ارجن داس هو جيڪو پڻ جاٽ قوم سان واسطو رکندڙ هو. جيڪي پاڻ جوڌپور راجستان جي ويجهو بونو ڪاباس ڳوٺ مارواڙ جا هئا سنت ڪنيرام صاحب راجستان جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڪيڪڙ ۾ آشرم شيوا ڀاؤ جا ڪاريه ڪندا هئا جتي سندس نالي ڪنيرام آشرم ٺهيل آهي جيڪو هاڻي ڪنيرام مندر جي نالي سڏجي ٿو. ايڪڙ ڏيڍ ايراضي تي قائم آهي. ڪيڪڙ ڳوٺ نيو ڏيسا گجرات کان ٻاڙميڙ راجستان رستي جي اڌ پنڌ تي ڳوٺ ڌوريمنو اچي ٿو اهو ڳوٺ ڪيڪڙ ڌوريمنو ڳوٺ کان اولهه طرف 30 ڪلوميٽر پنڌ تي قائم آهي. سنت ڪنيرام جي مهما انهي ايراضي ۾ تمام مٿي آهي جيئن سنت نيڻو رام صاحب جن جي مشهوري آهي. تيئن سنت ڪنيرام صاحب جو نالو پڻ انهي ايراضي ۾ انتهائي مشهور آهي. سنت نيڻورام صاحب جي ڪاڪي لکو رام جو دڪان ڳوٺ سارلا راجستان ۾ هو جتي سنت نيڻو رام کي دڪان تي ويهاريو ويو هو ڳوٺ سارلا ڪيڪڙ ڳوٺ جي ويجهو هئڻ ڪري سنت ڪنيرام جو سارلا ڳوٺ ۾ اچڻ پيو ٿيندو هو جتي سنت نيڻو رام صاحب جن کي گرو ڪنيرام جو درشن ٿيو پوءِ تيرٿ ياترا کان پوءِ نيڻو رام صاحب گرو ڪنيرام صاحب جي شرنن ۾ 15 کن سال ڪيڪڙ ڳوٺ سنت ڪنيرام جي آشرم ۾ شيوا ڪئي جتان گرو سنت ڪنيرام صاحب کان حاصل ڪيل ڪيترين ئي سڌين جا صاحب بڻجي ويا. گرو سنت ڪنيرام صاحب انهي آشرم ۾ ڏينهن جا ڏينهن ايڪانت ۾ ويهي رام سمرڻ جو جاپ ڪندا رهندا هئا جنهن ڪري تمام گهڻي مشهوري ماڻيائون ۽ انهي ايراضي جا ماڻهو سنت ڪنيرام صاحب کي تمام گهڻو مڃين ٿا ۽ ماڻهن جي سٺي شرڌا آهي. سنت ڪنيرام صاحب ٻه ڀيرا 1940ع جي لڳ ڀڳ اسلام ڪوٽ ۾ آيا هئا. قد جا ڊگها ۽ سندن ڀُڄائون (ٻانهون) ڊگهيون يعني گوڏن سان پيون لڳنديون هيون جڏهن هتي ايندا هئا ته مهينن جا مهينا سيٺ شيوڪرام ڀاڳڇند ويرسياڻي جي گهر اوطاق ۾ رهندا هئا. سنت نيڻورام صاحب جي گرو صاحب هئڻ ڪري ۽ پاڻ سٺي مورتيءَ هئڻ ڪري شرڌالو ماڻهن جو سلسلو جاري رهندو هو. سنت ڪنيرام صاحب ڪيڪڙ آشرم ۾ شيوا ڀاؤ جا ڪم ڪندي ڄيٺ مهيني جي ڇٺ انڌاري سنبت سال 2013 برابر جون 1950ع ڌاري اهو عارضي چولو ڇڏي وڃي حقيقي مالڪ سان ملي امر پد پاتائون. سندن سماڌي ڳوٺ ڪيڪڙ جي ڪنيرام مندر ۾ مندر جي اوڀر پاسي ٺهيل آهي ۽ انهي جي ڏکڻ طرف سندس شش جانڪي داس جي سماڌي آهي ۽ انهي کان اتر طرف ڪجهه قدمن تي جانڪي داس جي شش انچلارام سوٽهڙ جي سماڌي آهي تنهن کان پوءِ گادي تي جانڪي داس جا شش سنت سکداس ويٺل هئا جيڪو اڃان حياتي آهن پر پيري سبب گادي پنهنجي 22 سالن جي شش ايشور داس ذات جکڙ ڳوٺ بادو لڳ ڪيڪڙ جن کي ڏيئي پاڻ ڳوٺ چالڪنو ۾ سائين سمرڻ ڪري رهيا آهن. موجوده ٽائيم گادي تي سنت ايشورداس 22 سالن جا ويٺل آهن. سنت ڪنيرام صاحب جن جو ميلو ڄيٺ مهيني جي ڇٺ انڌاري تي هڪ ڏينهن لاءِ لڳي ٿو. ميلو ڇٺ انڌاري جو ڀربو آهي رات جو ستسنگ جي موج مچندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سماپت ٿيندو آهي ـ

ماتا ٽيجان ٻائي

(سنت نيڻو رام جي ڌرم جي ڀيڻ)


ماتا ٽيجان کيمچند شرما جي ڌرمپتني ۽ مهاراج ڪيشولال، کيمپال موهن لال جي ماتا هئي جنهن کي اسلام ڪوٽ جو هر ٻڍو چاهي ٻار ماتا جي نالي سان پڪاريندا هئا. ماتا ٽيجان جنهن کي سائين نيڻو رام جن جي ڌرم ڀيڻ هئڻ جو درجو حاصل هو ۽ منجهس جيڪي گڻ هئا، تنهن جو ڪٿ ڪرڻ نهايت ئي مشڪل آهي. ماتا گيان جو ساگر هئا، ڌرم، ڪرم ۽ نيمن جا ساکيات سروپ هئا. ايشور کيس ڏات ڏني هئي جو ڪئي بيمار ديسي ڦڪي سان صحتياب ٿيندا هئا ـ

سائين نيڻو رام اسلام ڪوٽ اچڻ کان پوءِ هنن جي گهر روزانو ڪٿا ڪرڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن سائين نيڻو رام ڪٿا ڪرڻ کان پوءِ ڀڄن ڳائي رهيا هئا. ٽي ڀڄن ڳايا تڏهن ماتا ٽيجان چيو ته ڀايا چوٿون ڀڄن ٻڌايو. تڏهن سائين نيڻو رام ڳائي ٻڌايو، ڀڄن ڳائيندي ڳائيندي سائين مست ٿي ويا. نچڻ ۽ ٽپڻ لڳا. بازار مان هڪ چني وٺي اچي ماتا ٽيجان کي اوڍائي چيائون ته اڄ ڏينهن کان پوءِ تون منهنجي ڌرم جي ڀيڻ آهين ۽ خرچي ڏنائون. پوءِ سائين نيڻو رام لڳاتار 10-12 سال ڀيڻ جي گهر ايندا هئا ۽ اُتي سُرگيه نانڪرام گيانچند ماڌواڻي (مَن موهن گيانيءَ جو پِتا) جيڪو گرو ڪل ڪانگڙي مان پڙهي آيا هئا، ارٿائيندا هئا ـ

سائين نيڻورام پنهنجي ڌرم جي ڀيڻ تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا. جيڪا به شيءِ ايندي هئي، اُها ڀيڻ کي موڪلي ڏيندا هئا. هڪ دفعي چنديرام نهالچند ماڌواڻي وارن جي گهر جاءِ جو ڪم پئي هليو ته دروازو لڳائڻ جي لاءِ ٺهرايو هئائين ته سائين نيڻو رام چيو ته ابا هي دروازو کپي. سائين نيڻورام کي ڪير منع ڪري. سو هُن ويچاري پنهنجو پاڻ کي وڏڀاڳي سمجهي دروازو ڏنو. سائين نيڻورام وري دروازو ماتا ٽيجان کي ڏيئي ڇڏيو. ٻئي دفعي ڪو پريمي تازو ٺهيل نج گيهه کڻي آيو اُهو به سائين ماتا ٽيجان کي موڪلي ڏنائون. سائين نيڻو رام ڀڳت چاندارام سان گڏ ڪٿي ستسنگ ڪرڻ ويا هئا ته جيڪا ڀيٽا ملي اُهو پوري ماتا ٽيجان کي موڪلي ڏنائون. ايتري قدر جو ڀاڻيجين جو ماميرو به سائين جن پاڻ ڀريو هو. سائين جن کان ڪنهن پڇيو ته هر شيءِ ماتا ٽيجان کي ڇو ٿا موڪلي ڏيو، تڏهن سائين نيڻورام چيو ته ابا اِهو ”ڏيڻا ليڻي جو حساب“ آهي. هينئر هِن جنم ۾ نه چُڪايان ته وري اُن جي لاءِ الڳ جنم وٺڻو پئي ـ

يوگيراج ليلا شاهه مهراج

شروعاتي جيون سنڌ جي حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ محراب چانڊئي نالي ننڍي ڳوٺ ۾ برهم کتري ڪُل ۾ 23 ڦڳڻ سنبت 1937 (سنه 1880) ۾ سوامي جن جو جنم ٿيو. سندن پتا جو نالو شري ٽوپڻداس ۽ ماتا جو نالو شريمتي هيمي ٻائي هو. ڇٺيءَ جو نالو ليلا رام نڪتن.

ليلا رام اڃا پنجن سالن جو ئي مس ٿيو ته سندن ماتا پرلوڪ پڌاريا، ان ڪري سندس پتا جي وڏي سئوٽ شري پرئي مل جنهن کي سندس پتا شري ٽوپڻداس پيءُ ٿي پرڻايو هو، تنهنجي ڌرمپتني شريمتي سمجهه ٻائي سندس پالنا ڪرڻ لڳي. نه رڳو ايترو پر ليلارام اڃا ڏهاڪو سالن جو مس ٿيو ته سندس پتا به وئڪنٺ راهي ٿيو. هاڻي شري پريو مل ۽ شريمتي سمجهه ٻائي ليلا رام جي ماتا پتا جيئن سار لهندا هئا. اُن وقت اڄ جيئن هر هنڌ اسڪول ۽ ڪاليج ڪونه هئا ۽ نڪو عام تعليم جو ڦهلاءُ يا چاهه هو. سو هن ٻالڪ به ڪا اسڪولي تعليم حاصل ڪانه ڪئي، اڃا اٽڪل 12 سالن جو ٿيو ته کيس سندس پڦاٽ ڀائي لکو مل جي دڪان تي ڇڏيو ويو ته دنيا جو وهنوار سکي ۽ ڪمائي.

محراب چـانـڊئـي جـو ڳـوٺ نـنـڍڙو هو ۽ اُن ڳوٺ جـا دڪــاندار ٽنڊي باگي مان وکر خريد ڪري ايندا هئا. ڀائي لکو مل به گهربل شين جو چٺو تيار ڪري ليلارام کي ڏيندو هو ته جيئن ٽنڊي باگي مان خريداري ڪري اچي.

ليلا رام جڏهن اڃا پنجن سالن جو مس هو ته سندس پتا شري ٽوپڻداس پنهنجي ٻالڪ کي انجام موجب کڻي تلهار ۾ رتن ڀڳت جي درٻار ۾ پهتو ۽ وينتي ڪيائون ته، ”اوهان جي آسيس سان مليل ٻالڪ شيوا ۾ حاضر آهي، هاڻي ڪرپا ڪري موکيا وٺي اسان کي ٻالڪ بخشيش ڏيو.“ سنت ديالو دل ٿيندا آهن. سنت رتن ڀڳت شري ٽوپڻداس جي دل دکائڻ ڪين چاهي، پر کيس چيائين ته، ”ٻالڪ اوهان جي گهر ڪونه رهندو ۽ اسان جي درٻار ۾ پاڻيهي موٽي ايندو.“ ان ريت ٻالڪ کي آسيس ڪري، ٻالڪ پتا جي حوالي ڪيو، پتا خوش ٿي گهر موٽيو.

ليلا رام تي ليلا شاهه جو نالو ڪيئن پيو؟ ان لاءِ خود سوامي جن ٻڌايو ته ستگرو سوامي ڪيشورام جن کين چيو ته هاڻي تون اڌياتمڪ مارگ ۾ گهڻو وڌي ويو آهين، ان ڪري تو تي نالو ليلا رام بدران ليلا شاهه رکجي ٿو ۽ اُهي کيس ليلا شاهه جي نالي سان پڪاريندا هئا.

سوامي جن پنهنجي جيون ۾ انيڪ پراُپڪار جا ڪاريه جدا جدا هنڌن تي چالو ڪيا ۽ اهي يوگيه ماڻهن کي سونپي ڇڏيا. جدا جدا وڏن ڪارين جي شروعات ڪندي به هو اُنهن ۾ اُلجهي هڪ هنڌ ڪونه ويٺا. آديپور، اجمير، آگري، جهوناڳڙهه وغيره شهرن ۾ سندن چڱا ڪم هلندا هئا.

سوامي ليلا شاهه مهاراج اسلام ڪوٽ ايندا رهندا هئا، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي هوندا هئا. سندن اها چوڻي عام هوندي هئي ته ”روٽي راج تي، رَلي ڪُلهي تي“. تقريبن سنڌين ۾ لاڏ ڪمل سومجي مل ۽ ڏانو مل جي گهر وڌيڪ ايندا هئا. اسلام ڪوٽ ۾ سوامي ليلا شاهه مهاراج جي سائين نيڻو رام سان ڪچهري ٿيندي هئي. هڪ دفعي سوامي ليلا شاهه مهاراج کان ڪنهن پريمي سائين نيڻو رام جن جي باري ۾ پڇيو، تڏهن ليلاشاهه وراڻيو اسين ته پٽ صـرف ڪرم يوڳي آهيون. هي پورن يوڳي آهي، هر فن مولا آهي. هي ساڌو به آهي، فقير به آهي ڀڳت به آهي ۽ ڪرم يوڳي به آهي.

4 نومبر 1973ع برابر 8 ڪتي سنبت 2030 آرتوار ڏينهن 93 سال ۽ ساڍا ست مهينا جيون ليلا پوري ڪري 8 بجي 40 منٽن تي هميشه لاءِ اکيون پوري جوتي جوت سمائجي ويا.

چوڌاري شوڪ جي لهر ڇانئجي ويئي، پالڻپور ۾ پورن هڙتال ٿي ويئي، سوامي جن جي برهم لين ٿيڻ جو سماچار ريڊيو تان ٻڌايو ويو جنهن ڪري جتي ڪٿي اها دکدائڪ خبر ڦهلجي ويئي

 سوامي پورڻ ڀارتي مهراج

  

هينئر جيڪو آشرم سنت نيڻو رام آشرم جي نالي سان سڏجي ٿو، سو اصل ۾ پورڻ ڀارتي ٻاوي جو آشرم سڏبو هو. اڳي هتي جهنگ هوندو هو اُن ۾ صرف پورڻ ڀارتي جي ڏيوري هوندي هئي. پورڻ ڀارتي جو اصلي آستان جوڳلار ۾ آهي. جيڪو اسلام ڪوٽ کان مٺي رستي تي 8-10 ڪلوميٽر تي آهي، اڳي پورڻ ڀارتي جا شـيـواڌاري منهن ڪرڻ، پـيـرن پـوڻ، ميلو لڳائڻ لاءِ اُتي ويندا هئا. جهنگ جي ڪري ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. اُن جي ڪري مکين (پورڻ ڀارٿي جا شيواڌاري) عرض ڪيو ته اسان کي اچڻ وڃڻ ۽ ٻارن سان گڏ هتي اچي رات رهڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري ڪرپا ڪري سهائتا (مدد) ڪريو. تڏهن حڪم ٿيو ته هتان خاڪ کڻي وڃي شهر جي اولهندي پاسي جهنگ ۾ وڃي ڏيهري ٺاهيو ۽ ڏندڻ مليو جيڪو ان جي ڀر ۾ لڳايو. ان مان هڪ ڄار ٿي جنهن جي هيٺان سنت نيڻو رام پاڻ ويهندا هئا.

پورن ڀارتي نوکوڙي جي ٻاون مان هڪ ٻائو هو باقي لکڻ ڀارتي، راج ڀارتي، شام ڀارتي، شير ڀارتي ۽ ٻيا آهن. پورن ڀارتي جي زندگي جي باري ۾ ٻيو ڪو خاص تفصيل خبر نه آهي پر پورن ڀارتي جا مڃيندڙ اسلام ڪوٽ جا مکي پورن ڀارتي جي پرچن ۽ ميلي بابت ڄاڻ رکن ٿا. پورن ڀارتي جو ميلو سال ۾ 2 دفعا بڊي جي سهائي سومر ۽ مانگهه جي سهائي سومر تي لڳندو آهي. اُن ۾ سڀ پريمي ايندا آهن، رات جو ستسنگ ٿيندو آهي ۽ اُنهن مان ڪو هڪ پريمي ڪنهن خاص پٿر کي رومال سان ڇنڊي ۽ وري اُن کي رومال ڍڪيندو آهي، ٿوري دير کان پوءِ مٿي کڻندو ته عمل (آفيم جي ٽڪي) نڪرندي آهي، اهو ڏهري جي اندر ويٺل پريمين کي پرشاد طور ٿورو ٿورو ڏيندا آهن پر ڪمري کان ٻاهر نه ڪڍندا آهن. باقي جيڪو بچندو آهي، سو واپس ساڳئي جاءِ تي رکي اُن تي رومال ڍڪيندا آهن. ٿوري دير کان پوءِ وري کڻندا آهن ته آفيم غائب ٿي ويندو آهي.

پورڻ ڀارتي کي ”سامي سِل“ پڻ چوندا آهن. پورن ڀارتي ٻائو هئڻ جي باوجود آستان تي ٻڪرن جي ڀيٽا چاڙهيندا آهن، جنهن جو سبب ڪنهن کي صحيح طور خبر نه آهي.

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ مهيشوري هو جيڪو اسلام ڪوٽ مان سامان وٺي اُ‎ٺ تي چڙهي مٺي پئي ويو، سامان جام هو، دڪان تي ويٺل ٻين گراهڪن همراهه کان ڦر ڪرڻ جو سوچيو، انهيءَ لاءِ پيڇو ڪيائين، همراهه شام جي وقت نڪتو، جيئن جوڳلار ۾ پورن ڀارتي جي پڙ ۾ پهتو، اُٺ کي ويهاريائين ۽ پاڻ ساهي پٽڻ لاءِ ويٺو ته آڪاشواڻي ٿي ته تون هاڻ هتي ئي سمهي پئو. ڦورو پيرا کڻي اچي پهتا، هيڏانهن هوڏانهن ڏسن ته نه اُٺ ۽ نه وري اُٺ وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ڦورو اُنهي مهيشوري جي ڀرسان به گذريا پر انهن کي ڪجهه ڏسڻ ۾ نه آيو، جڏهن ته مهيشوري اُنهن ڦورن کي گهمندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو پئي. تڏهن هو پير (پورن ڀارتي) کي نمسڪار ڪندو ٿورا مڃيندو هليو ويو. هر چنڊ تي ديڳ جو سامان کڻي ايندو هو ۽ رات جو رهي ستسنگ ڪري پورن ڀارتي جي پڙ کان ٻاهر ديڳ لائي پرشاد ورهائي هليو ويندو هو، ڪنهن بزرگ هن کي چيو ته تنهنجو اچڻ قبول نٿو ٿئي. جيستائين هن در جا پڙ ٻُهاريا نه ايندا. جيستائين دروازو نه کلندو تيستائين تنهنجو اچڻ بيڪار آهي. تڏهن اُن مهيشوري پڇا ڪري اسلام ڪوٽ جي مکين کي وينتي ڪئي ته اُهي مون سان گڏ هلن ۽ پوءِ هُو مُکين سان گڏجي سائين پورڻ ڀارٿي تي ويندو هو.

سائين نند لال ”نندن“

 

سائين نند لال ”نندن“ تاريخ 12 فيبروري 1922ع جو ڇاڇرو ڳوٺ جي برهمڻ خاندان جي ڪلا ڪُل ۾ جنم ورتو. سندس پتا جو نالو پرڀو لال ڪلا هو. جيڪو تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر هئا. سائين نند لال پرائمري تعليم ڇاڇرو ۾ پرائي ۽ سيڪنڊري تعليم مٺي مان حاصل ڪيائون ۽ بعد ۾ ايم.اي ۽ بي.اي به ڪيائون. پاڻ 1940ع ۾ اسلام ڪوٽ ۾ پرائمري اسڪول ۾ ماستر جا فرض انجام ڏنائون ۽ 1945ع ۾ انگريزي اسڪول ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيا. ائين ترقي ڪندي 1956ع ۾ بيٽ آفيسر ۽ 1962ع ڌاري مڊل اسڪول اسلام ڪوٽ جا هيڊ ماستر ٿي رهيا ۽ انهي ئي دور ۾ سائين نند لال جي ايام ڪاري ۾ هاءِ اسڪول پڻ قائم ٿيو.

سائين نند لال 1944ع ۾ هڪ ماسترياڻي ڪملا ٻائي سان شادي ڪيائون. جيڪا 1945ع ڌاري سرڳواس پڌاري. انهي کانپوءِ مائٽن، دوستن ۽ عزيزن جي زور ڀرڻ تي پڻ سائين ٻي شادي ڪونه ڪئي. پاڻ ڪيترين ئي ٻولين جا ماهر هئا تن ۾ سنڌي، هندي، سنسڪرتي، انگريزي، اُردو، گُجراتي ۽ ٻين ٿري ٻولين جا ماهر هئا. پاڻ هندي ۽ اُردو جا سُٺا شاعر هئا، سندن شعرن جو مجموعو ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڇپيل آهي. سائين تقريبن 150 کان وڌيڪ ڪتابن جا ليکڪ پڻ آهن. جنهن ۾ ڌرمي ۽ نصيحت آموز ڪتاب شامل آهن. اسلام ڪوٽ جي ماڻهن کي ستسنگ ۽ شيوا جي ڪمن ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ سائين نند لال جو وڏو هٿ رهيو آهي.

سائين نند لال نندن کي غريب، مسڪين ماڻهن، محتاجن، دين دکين ۽ پسو پکين لاءِ بي انتها پيار هو ۽ پنهنجو سمورو جيون فلاحي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيائون. جنهن ۾ غريب، مسڪين، محتاج ۽ شاگردن کي اٽو، لٽو، ۽ ايتريقدر جو شاگردن جون فيون به پاڻ ڏيندا هئا. ٿر ۾ سانده ڏڪارن جي باوجود به گگدامن جي چاري ۽ ڏاري جو پراُپڪاري ڪم به سائين جي خدمتن ۾ شامل هو.

سائين نندلال سرندي وارن کان بکن ۽ ڏکن جا ڏولاوا ڏسي اَٽو، چانور، چُنو، ڀُوسو، ڏارو، چارو ۽ ٻيو سامان گاڏيون ڀرائي کڻي اچي غريبن، مسڪينن، محتاجن ۾ ورهائيندا هئا. گئو ماتائن، گگدامن کي ڏارو ڏيندا هئا ۽ چارو چاريندا هئا ۽ پکين کي به صبح شام داڻا ڏيندا هئا.

ڇاڇرو جنم ڀومي هئڻ جي باوجود به اپنايو اسلام ڪوٽ کي هُئائون ۽ سندس نواس تاراچند رامچند وانڪواڻي جو گهر هوندو هو، جتي مسڪين ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا جيڪي هر وقت امداد لاءِ آتا هئا. سائين نند لال ”نندن“ کي غريب، مسڪين ۽ بي سهارا ماڻهن جي سار لهڻ ۽ شيوا ڪرڻ جي ڪري ”ٿر جي ايڌي“ جي نالي سان پڻ پڪاريو ويندو هو. عبدالستار ايڌي سندن فلاحي ڪمن جي حساب سان سهڪار ڪندڙ هو ۽ سدائين سائين کي غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ مال پيو موڪليندو هو. انهي مڃتا طور سال 1987ع ۾ پاڪستان جي صدر جنرل ضياءَالحق، سيٺ خوبچند ڀاٽيا (صدر ڪراچي هندو پنچائت ڪراچي ڊويزن)، عبدالستار ايڌي جي حاضري ۾ هوٽل آواري ٽاور ۾ هڪ رنگارنگي تقريب ۾ اٺ (8) لک روپين جو چيڪ ۽ هڪ ايمبولينس ڏيڻ فرمايائون. سائين نند لال ”نندن“ 12 فيبروري 1982ع تي اسلام ڪوٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان هيڊ ماستري تان رٽائرڊ ڪرڻ فرمايائون ”سائين پنهنجي شاگردن کي الوداعي اکر چوندا هئا، اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا دوست“ سائين جا شاگرد اڄ پڻ اوچن اوچن عهدن تي فائض آهن. سائين نند لال نندن پنهنجي مائٽڻ سان ملڻ لاءِ 1992ع ۾ انڊيا ويا هئا جتي 6 جولاءِ 1992ع تي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا.

ڪاڪو خوشحال داس

راما ٻائي صاحب

پـارس جـيـئـن آهي ست سنگ سنسار ۾،

ڪنچن ڪري سو پلڪ ۾ لوهه کي بدلائي،

هر ڪنهن من ڀائي شري هنس حال تنهن سنگي.

شريمتي رامان ٻائي هن ڪلجُڳ جي دور ۾ منش جاتيءَ لاءِ هڪ وڏو سهارو آهي. هن ڪلجڳ ۾ منش رجوگڻ، تموگڻ جي سمنڊ ۾ ٿاپوڙا پيو هڻي. هر وقت تموگڻ جهڙي مايا مڇي جي شڪل ۾ ڏيکاءُ ڏي ٿي ته ڊڪ پائي اوڏانهن ٿو ته وري رجو گڻ موه روپي شڪل ۾ پٽ، زال جي صورت ۾ سڏي ٿو ته وري ٿاپوڙا هڻي اتي پهچي ٿو.

شريمتي راما ٻائي صاحبه ستو گڻ جي تصوير به هن ماياوي سمنڊ ۾ موجود آهي پر هن ڪلجُڳ جي منش کي ٽن گُڻن واري مايا وچان اهڙي هستي جا ٻول ٻُڌڻ ۽ پنهنجو جيون سڦلو ڪرڻ جو ٽائيم نه آهي ڇو جو سائنس وسيلي انسان ترقي ڏاڍي ڪئي آهي. اڄ جي منش کي سڀ سهوليتون موجود آهن. ريموٽ تي در کلي پوي ٿو، پنکا ۽ اي.سي هلن ٿا، گاڏي هلي ٿي پر جيڪو سندس اندر ريموٽ موجود آهي. انهيءَ جي چاٻي ٻائي صاحبه جهڙي سنتن وٽ آهي.

پـيـارا ست سنگ ڏي تون هلي آءُ،

هي لکن روپين جـي گهـڙي آءُ،

هي ڪـروڙن روپين جي گهڙي آءُ.

سيٺ نهالچند

ويا سي وينجهـار، هيرا لال ونڌين جي،

تـنين سندا ويان، سهسين لهـن نه سار،

ڪٽين ڪٽ لهار، هاڻي انهي ڀيڻئين.

سيٺ نهالچند ولد ديوان رامچند پٻاڻي وارا اصل ٺٽي ضلعي جي شهر ٺٽي جا رهاڪو هئا. سندس ڏاڏي جو نالو پٻو مل هو، جنهن پويان پٻاڻي سڏجن ٿا. سندن نُک پوپٽ آهي ۽ ٺٽي واري ايراضي ۾ رهڻ ڪري ئي پير پٺي جا پوڄاري آهن، پوءِ گردش سبب وڏا اُتان لڏي اسلام ڪوٽ کان 18 ڪلوميٽر کن پري مهوُ اکيراج جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا ۽ پوءِ اتان لڏي اسلام ڪوٽ ۾ آيا ۽ سيٺ نهالچند سال 1913 ۾ پيد اٿيو. ديوان رامچند کي هڪڙو ئي پٽ ۽ ٻن ڌيئن جو اولاد ٿيو. ديوان رامچند روينيو کاتي ۾ آفيسر هو ۽ هيڊ منشي (اسسٽنٽ مختيارڪار) جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائون. ديوان رامچند پٻاڻي انتهائي هوشيار ۽ مدبر ماڻهو هو، جنهن آشرم لڳ آکاڙي (ورزش) وارو پاسو قائم ڪرائڻ ۾ لگن سان ڪم ڪيو هو، جنهن ڪري صحت جي لحاظ کان ڪيترن ئي ماڻهن کي لاڀ رسندو رهيو آهي. ديوان رامچند جي نالي کي شهر جا سڄڻ تمام گهڻي عزت ۽ آبرو سان پئي وٺندا رهيا آهن. سندس اڪيلو (واحد) پٽ سيٺ نهالچند تي سندس پيءُ ديوان رامچند جي نالي جو گهڻو اثر رهيو آهي. کڻي سيٺ نهالچند صرف سنڌي تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو پر سندس ذهن هر ڳالهه پرکڻ ۾ انتهائي قابل هوندو هو. انهيءَ گڻ هن کي اعليٰ مقام تي پهچايو. ديوان رامچند جي 1946ع ۾ سرڳواس پڌارجڻ بعد سڀ ڪم ڪار سيٺ نهالچند جي هٿ هيٺ آيا، جتان سندس زندگيءَ ۾ سياست جي شروعات ٿي. هو هوشيار، خانداني ۽ شاهوڪار هئڻ ڪري ۽ 1947 ۾ پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ مهمان نوازيءَ ۽ خدمت ڪرڻ ڪري هن جي پُڇا وڌيڪ ٿيڻ لڳي. 1947 جي جهنڊي جي 14 آگسٽ تي سلامي وقت سيٺ نهالچند جو مان مٿاهون هو ۽ پوءِ يوم آزادي هو هر سال جوش ۽ جذبي سان ملهارائيندو رهيو. جنهن مان سندس وطن عزيز سان حب هيڪاري نمايان نظر اچڻ لڳي، ائين اڳتي قدم وڌائيندي 1952 ۾ سينيٽري ڪاميٽي جو چيئرمين بڻجي ويو ۽ پوءِ 1960ع ۾ پهريون ڀيرو هندن جي ميمبرن جي ووٽن سان گڏ ڪجهه مسلم ميمبرن جي مدد سان يونين ڪائونسل اسلام ڪوٽ جو چيئرمين چونڊجي ويو جيڪو عهدي وارو نالو سنـدس پـيـري تـائين چيئرمين نهالچند نالي قائم رهيو.

سيٺ نهالچند شهر ۾ جيڪي ڀلائي جا ڪم ڪيا، تنهن ۾ مڊل اسڪول 1956ع ۾ قائم ڪرايو. 1962ع ڌاري اسلام ڪوٽ ۾ سندس ڪوششن سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول قائم ٿيو. چيئرميني دوران مٺي، اسلام ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر جي رستي تي جيڪي سوين نِمن جا نمايان وڻ ڏ سجي رهيا آهن، اهو سيٺ نهالچند پنهنجي ايام ڪاري ۾ پوکائي ۽ سندس سنڀال ڪئي. انهي ڪري اسلام ڪوٽ کي ”نمن جو شهر“ پڻ سڏبو رهيو آهي. سيٺ نهالچند وڏو مهمان نواز هو. سڄو ڏينهن سندس اوطاق تي مهمان مير، پير، وڏيرا، چوڌري، رئيس ۽ ڪيئي ٻيا ويٺا رهندا هئا، جنهن جي خدمت لاءِ پنهنجي سر ۽ سندس عملو شيوا ۾ رڌل رهندو هو ۽ پاڻ انهن سان توڙي شهري معزز ماڻهن سان شاهاڻي راند چوپڙ کيڏڻ ۾ مشغول رهندو هو.

1968ع ڌاري اخبار ”همدرد“ جي ايڊيٽوريل واري ڪالم ۾ اسلام ڪوٽ نمن جي شهر جي حوالي سان لکيل هو ته ”اسلام ڪوٽ يا نهال ڪوٽ“. تبصري نواز لکيو هو ته منهنجي خيال ۾ موجوده اسلام ڪوٽ کي نهال ڪوٽ سڏجي ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سيٺ نهالچند جي مشهوري جي منزل تمام مٿاهين هئي.

سيٺ نهالچند وڏي ۾ وڏي دل رکندڙ (بهادر) شخص هو، ڪنهن ڪم ۾ پوئتي پير هٽائڻ وارو ڪونه هو. کيس سياسي سگهه تمام گهڻي حاصل هئي. پير غلام رسول شاهه جيلاني صاحب لاءِ سيٺ نهالچند چوندو هو ته جيلاني صاحب منهنجو مرشد آهي. جيلاني صاحب کيس مريد مڃيندي تمام وڏي عزت ڪندا هئا ۽ ڪيئي ڀيرا سندس اوطاق تي وڏا وڏا آفيسر، منسٽر ننگرپارڪر ويندي ايندي، ايندا پئي رهندا هئا.

موجوده اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه جو پيءُ سيد غلام حيدر شاهه جڏهن سنڌ ۾ منسٽر هئا، تڏهن 1953ع ۾ سيٺ نهالچند جي اوطاق تي آيا هئا. سال 1956ع ۾ موجوده پير صاحب پاڳارو جن پڻ پبلڪ کي درشن ڏيڻ (ديدار ڪرائڻ) واسطي سيٺ نهالچند جي اوطاق تي پڌاريا هئا ۽ نهالچند جي چوڻ تي ديدار ڪرايو هئائين. سال 1956ع ۾ ئي راڻا چندر سنگهه جڏهن ويسٽ پاڪستان اريگيشن کاتي جو ڊپٽي منسٽر هو، تڏهن سيٺ نهالچند جي اوطاق تي آيو هو. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس قد ڪيترو اوچو هو ۽ سندس پهچ ڪيتري اُتاهين منزل تي پهتل هئي. سندس رسائي پير صاحب جيلاني ڪري ۽ آفيسرن سان واسطو هئڻ ڪري وزيراعظم پاڪستان ۽ صدر پاڪستان تائين هئي. انهيءَ کانسواءِ مختلف ملڪن مان جيڪي ماڻهو ٿر ايندا هئا، اُهي ملي پوءِ ويندا هئا ۽ هن کي ”انسائيڪلوپيڊيا آف ٿر“ جو لقب ڏنو. 1976ع ۾ اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي ٿيڻ ڪري 1977ع ۾ يڪراءِ ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو ۽ پوءِ 1983ع ۾ پڻ اڪثريت راءِ سان چونڊجي ويو ۽ 1987ع ۾ سندس پوٽي موهن لال راجا جي حوالي چيئرمين شپ ڪري پاڻ مٿئين سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين، جيڪو پيشو پڇاڙي تائين قائم رهيو. سن 1971ع ۾ سندس ڪردار نمايان هو، جنگ جي متاثرين جي نهالچند طرفان ڏاڍي مدد ڪئي ويئي. شهرين ۽ سيٺ نهالچند 15 سيپٽمبر 1973ع جي ستگرو سنت شرومڻي نيڻو رام جي امر پد پائڻ کانپوءِ باقائدگيءَ سان آشرم جو ڪم سنڀالي ورتائون ۽ شيوا جا ڪم شروع ڪري ڏنائون جنهن ۾ سنت جو ساليانو ميلو لڳائڻ به شامل آحي. هونئن سيٺ نهالچند کي گهٽ فرصت هئڻ ڪري سنت جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن حاضري ڀريندا هئا پر سنت جي ديو لوڪ ٿيڻ بعد باقائدگي سان اچڻ لڳا. سندس ايام ڪاري ۾ موجوده غريب ليڊيز کي ماني کارائڻ وارو هال ”ڀنڊارو“ جي صورت ۾ ٺهرايو ويو. ڀڳت ڀوڄراج جي هال جي اندرئين پاسي وارو ڀوڄن هال، ڀنڊاري وارا ٻه ڪمرا کوهه جي ڀر وارا ڪمرا گئوماتا لاءِ چارو رکڻ وارو ڪمرو، گئو ماتا لاءِ واڙو، آشرم سڄي کي چار ديواري ڏيارڻ پڻ سيٺ نهالچند جي شيوا ۾ شامل آهي. نواس آسٿان پڻ سيٺ نهالچند جي ايام ڪاري ۾ سندس نظر هيٺ ٺهيو. آخر ۾ سال 1994ع ۾ سنت نيڻو رام جي سماڌي واري ڏهري پڻ سيٺ نهالچند شهري سڄڻن جي سهائتا سان ٺهرائي راس ڪرائي جيڪو سندس نمايان شيوا جو ڪارنامو هو. ٻيا ڇوٽا موٽا ڪم آشرم ۾ ڪرائيندو رهيو. سنت جن جي ميلي مچائڻ ۾ سيٺ نهالچند جو نمايان هٿ هو. شهر جا اڪثر واپاري سندس هٿ هيٺ هئا ۽ چڱا مڙس پڻ سندس چوڻ هيٺ هئا، انهي ڪري پوج هندو پنچائت جو پريزيڊنٽ پڻ سڏبو هو. ڪنهن به مسئلي ۾ پوئتي پوڻ بجاءِ اڳيان اچي انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ جي سگهه کيس ڏات طور مليل هئي ۽ ائين سيٺ نهالچند شيوا جا ڪم ڪندي ڀلائي جا پيرا ڀريندي تاريخ 18 نومبر 1997ع تي سنت نيڻو رام جي نگري اسلامڪوٽ ۾ پنهنجي پرڀو کي پيارو ٿي ويو.

ڀڳت هيرالال ويرسي مل بٽاني مطابق الهڏنو فقير (حاجي سائين) هڪ درويش هو. روحاني حساب سان سائين نيڻورام جن کي ويجهو هو. الهڏنو ميرواهه جي زميندار جو پٽ هو. زمين جي ڪم ڪار سانگي اسلام ڪوٽ ايندو رهندو هو. ڪجه وقت جي لاءِ اسلام ڪوٽ رهيل هو ته هن جو چاليهو (چاليهه ڏينهن نه ڪجهه کائڻ، نه پيئڻ) رکيل هو. اُهو پنهنجي من کي مارڻ لاءِ فقير درويش رکندا هئا. اُن ۾ صرف هو هڪ خارڪ روزانو کائيندو هو. هڪ ڀيري آشرم جي ڀر مان پئي گذريو. سائين نيڻو رام ته هر ڪنهن جي اندر جو حال اوري وٺندا هئا سو الهڏني کي سڏ ڪري پڇيائون ته چاليهو ڇا جي لاءِ ٿو ڪڍين؟ تڏهن فقير الهڏنو حيران ٿي ويو ته نه مون ڪنهن سان ڳالهه ڪئي، نه ئي مون ويجهو ڪير آهي، جيڪو هِن کي ٻڌائي، پوءِ هن کي ڪيئن خبر پئي. سو هُن سمجهي ورتو ته هي به ڪو پهتل هستي آهي. ائين ڳالهين ڳالهين ۾ الهڏني جي سائين نيڻو رام سان ياري ٿي ويئي. ياري به اهڙي جو جڏهن ٻيو ڪير نه هوندو هو مطلب رات جي وقت ويندو هو. پاڻ ۾ ويهي راتين جون راتيون ڪچهري ڪندا هئا. ان ۾ سدائين شاهه صاحب جو ذڪر هوندو هو. شاهه صاحب جي شاعري ٻنهي کي چڱي نموني ياد هوندي هئي. بيت تي بيت ٻڌائيندا هئا. ڪڏهن الهڏني جي شعر جي جواب ۾ سائين ڪو بيت ٻُڌائيندا هئا ته الهڏنو چوندو هو ته هي رسالي ۾ ته ناهي؟ تڏهن سائين نيڻو رام چوندا هئا ته ”هتي لطيف سرڪار پاڻ پيو ڳالهائي.“

هڪ دفعي الهڏنو سائين جن وٽ رات جو ڪچهري ڪري رهيو هو، ڪچهري ڪندي اسُر ٿي ويو، نماز جو وقت ٿيو ته سائين نيڻو رام الهڏني کي چيو ته تون پنهنجي نماز پڙهه، مان پنهنجي نماز ٿو پڙهان. الهڏني ڌوڻي جي ڀر ۾ چادر وڇائي نماز پڙهي پئي. نماز جي آخر ۾ ٻنهي پاسي ڪنڌ ڦيريندا آهن. جيئن فقير الهڏني ڪنڌ سائين نيڻورام جي کٽ واري پاسي ورايو ته ڇا ڏسي ته سائين نيڻو رام ته کٽ تي ويٺا آهن پر سائين جو سر (مٿو) نظر نه آيو. الهڏنو پريشان ٿي ويو. سو اُن نماز ٿوري وڌائي. جيئن فارغ ٿيو ته ڏسي ته سائين جن کلن پيا.

هڪ دفعي فقير الهڏنو ميرواه ۾ پنهنجي گهر ۾ رات جو ستو پيو هو ته اندر ۾ سائين نيڻورام جو هڪ سڏ ٿيو. هي خواب سمجهي وري سمهي رهيو پر وري ٻيو سڏ ٿيو. هن ڪوبه غور نه ڪيو. ٽيون سڏ ٿيو ته هن اندازو لڳايو. واقعي ڪو ڳالهه آهي جو بار بار سڏ پيا ٿين. سو فقير الهڏنو صبح جو گهوڙي تي اٿي نڪتو. شام جو اچي اسلام ڪوٽ پهتو ته ڪنهن پريمي گهوڙو هڪ پاسي بيهاريو، فقير کي سائين وٽ وٺي ويو. اُهو شايد بڊي جي اونداهي ٻيج هئي. سو سائين وٽ ويهي شاهه صاحب جي ڪچهري ڪيائون ۽ سائين جن سان آخري موڪلاڻي ڪيائون.

الهڏنو فقير به هڪ درويش هو. علم جو ڄاڻو هو. جيڪو به ڪو مسئلو کڻي ايندو هو ته اُن کي آشرم جو ڏس ڏيندا هئا ته وڃي ڌوڻي جي خاڪ کاءَ، وڃي چرڻا امرت (ڪارا مرچ) کاءِ، يا چوندا هئا ته جنهن ڄار جي هيٺيان سائين نيڻو رام ويهندا هئا، اُن جو پن وڃي کاءُ، ڪنهن کي ڪن ۾ سور ٿيندو هو ته چوندا هئا ته سائين جي کٽ جي ڀر ۾ ٻاريل ڏيئي مان تيل کڻي ڪن ۾ وجهجان. يا وري ڪنهن کي چوندا هئا ته کٽ جي ڀر ۾ پاڻي رکي ڪلاڪ کان پوءِ کڻي وڃي پيئجو. ايتريقدر جو ڪڏهن ڪنهن فقير چيو ته سائين ٻڪرين ۾ بيماري ٿي پئي آهي ڇا ڪريون؟ الهڏني چيو ته آشرم جي چوڌاري چڪر ڏياري اچو. انهن ائين ئي ڪيو ته بيماري ڇٽي ويئي. جنهن کي ڏس ڏنائون. انهن جا مسئلا حل ٿيا.

فقير الهڏنو چوندو هو ته توهان جي ڀڳوان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو آهي ته اُهو آهي نيڻو رام. فقير ئي فقيرن کي سڃاڻن، انهن کي سڃاڻڻ هڪ ساڌارڻ منش جي وس جي ڳالهه ناهي.